دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]دنيا به عجيب آهي۔ ڪٿي گرمي ته ڪٿي سردي۔ ڪٿي برف ته ڪٿي سخت ڪاڙهو ۽ اُلا پيا اڏرن۔ اوهان اڳيان دنيا جي ڪجهه گرم، ترين علائقن جو ذڪر ڪجي ٿو۔ اميد ته هي ڄاڻ اوهان لاء فائديمند ثابت ٿيندي۔[/JUSTIFY]

    1۔ ڊلول (ايٿوپيا) :

    [​IMG]

    [JUSTIFY]ايٿوپيا جو علائقو ڊلول دنيا جو گرم ترين علائقو آهي جيڪو سمنڊ کان 328 فٽن جي بلندي تي واقع آهي۔ جيتوڻيڪ هي دنيا جي خوبصورت علائقن مان هڪ آهي پر هتي سراسري گرمي پد 94 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔ ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن جو هتي 145 ڊگري فيرنهائيٽ به گرمي رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔ [/JUSTIFY]

    2۔ لبيا (العزيزيه):

    [​IMG]

    [JUSTIFY]لبيا جو علائقو العزيزيه دنيا جو ٻيو نمبر گرم ترين علائقو آهي۔ هي صحرا تي مشتمل علائقو آهي۔ هتان جو سراسري گرمي پد 136 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔[/JUSTIFY]

    3۔ ڊيٿ ويلي ڪيليفورنيا

    [​IMG]

    [JUSTIFY]ڊيٿ ويلي ڪيليفورنيا دنيا جو ٽيون نمبر گرم ترين علائقو آهي۔ هتان جو سراسري گرمي پد ڏينهن جو 115 ۽ رات جو 86 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔[/JUSTIFY]

    4۔ بئنڪاڪ:

    [​IMG]

    [JUSTIFY]حيرت انگيز طور سياحن جو مقبول شهر ٿائلينڊ جو دارلحڪومت بئنڪاڪ هن لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي آهي۔ هتي سياري ۾ به سراسري گرمي پد 85 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔[/JUSTIFY]

    5۔ ڪويت:

    [​IMG]

    [JUSTIFY]عرب ملڪ ڪويت سٽي جو علائقو گرم ترين شهرن ۾ پنجين نمبر تي آهي۔ هتي سڀ ماڻهو گهڻو ڪري ايئرڪنڊيشنڊ ماحول ۾ رهن۔ هتان جو سراسري گرمي پد 116 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔
    [/JUSTIFY]

    6۔ ايران جو شهر احواز:

    [​IMG]

    [JUSTIFY]ايران جو شهر احواز هن لسٽ ۾ ڇهين نمبر تي آهي جيڪو سمنڊ کان صرف 76 فٽ جي بلندي تي آهي۔ هتي گرم موسم ۾ سراسري گرمي پد 129 تائين پهچندو آهي ۽ رهي سهي ڪسر وري هتان جا صحرائي طوفان ۽ گرم جهولا پوري ڪري ڇڏيندا آهن۔
    [/JUSTIFY]

    7۔ عمان جو شهر سامل:


    [​IMG]

    [JUSTIFY]عمان جو شهر سامل گرم ترين علائقن م ستين نمبر تي آهي۔ گرمين جي ڏينهن ۾ هتان جو سراسري گرمي پد 109 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔ پر هتان جون راتيون گهڻو خشڪ ٿين۔
    [/JUSTIFY]

    8۔ ايروزينا جو علائقو زينه :

    [​IMG]

    [JUSTIFY]اٺين نمبر تي ايروزينه جو علائقو زينه آهي۔ گرمين ۾ هتان جو سراسري گرمي پد 104 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔ آمريڪا جي موسميات کاتي وارن ته هن کي گرم ترين علائقو ڪوٺيو آهي۔ [/JUSTIFY]

    9۔ وينزويلا جو شهر ڪليوڊيڊ بوليوار :

    [​IMG]

    [JUSTIFY]ٽي لک 40 هزار آبادي وارو هي شهر دنيا جي گرم ترين شهرن مان آهي جيڪو درياء جي ڪناري تي واقع آهي۔ هتان جو سراسري گرمي پد 94 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔[/JUSTIFY]

    10۔ ايٿينز (يونان) :

    [​IMG]

    [JUSTIFY]گرم ترين شهرن مان يونان جو تاريخي شهر ايٿينز 10 هين نمبر تي آهي۔ آگسٽ جي مهيني ۾ پوندڙ گرمي ۾ ماڻهو ٻاهر نڪرڻ جو ته سوچيندا به ناهن۔ کو ته 92 ڊگري فيرنهائيٽ جون هلندڙ گرم هوائون اسپتال داخل ڪرائي ڇڏينديون آهن۔[/JUSTIFY]

    حوالو : هماري ويب
     
  2. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

    ادا وساڻ تمام سٺي معلومات شئر ڪئي آهي ادا اهڙي گرمي پد 116 ڊگري فيرنهائيٽ ۽ گرمي پد 136 ڊگري فيرنهائيٽ ۾ انسان ۽ جانورن جي رهڙي ڪهڙي کي سلام آهي
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

    ادا اڄڪلهه هتي ڪراچيء ۾ ته ڏاڍي سردي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قدرت جا رنگ آهن ڪٿي سردي ته ڪٿي گرمي

    خوبصورت شيئرنگ
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

    قدرت جو ڪمال آ۔۔۔۔۔۔سائين سليمان صاحب اوھان جي بھترين معلوماتي ونڊ۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

    ماشاء الله ۔،۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

    ادا سليمان لک لائق جَسُ هجي توهانکي جو هر موضوع ۽ هر پهلو تي محنت ڪري معلومات موڪليو ٿا۔ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهو ٿا۔
    الله پاڪ توهانکي اڃان به وڌيڪ توفيق عطا فرمائي آمين والسلام
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

    مهرباني

    بلڪل سخت گرمي ٿيندي آهي۔ واقعي ماڻهن جو رهڻ ڏکيو ٿيندو هوندو۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

    يار سليمان! اسين ته جيڪب آباد ۽ سبيءَ کي اهڙو گرم سمجهندا هياسون جو اصل هڪ لطيفو به ماڻهن ٺاهي ورتو هو؛

    هڪ ماڻهونءَ کي مرڻ کانپوءِ دوزخ ۾ اڇلايو ويو ته ان اتي وڃي سوڙ جي فرمائش ڪئي ته کيس سيءُ ٿو ٿئي ۔۔۔ ملائڪ حيران ٿي ويا ۽ چيائونس ته هت ته باهه ٿي ٻري توکي وري سيءُ ٿو ٿئي ته جواب ڏانائين ته ادا مان جيڪب آباد کان آيو آهيان ۔۔۔“

    خئير تمام معلوماتي ونڊ اهو به سهڻين سهڻين تصويرن سان سينگاريل ۔۔۔ ڪٿي گرمي ڪٿي سردي ۔۔۔ ڪٿي ڏک ڪٿي سک ۔۔۔ قدرت جا ڪمال آهن ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     
  9. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

    ادا سليمان واقعي توهان اسان سان تمام معلوماتي ۽ ڪارائي ڄاڻ ونڊ ڪرائي آهي۔
     
  10. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

    تمام زبردست سائين سليمان وساڻ
    مهرباني شيئرنگ جي
     
  11. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

    لاجواب ونڊ۔۔۔۔۔۔
    مهربانيون سائين۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو