منصور ميراڻي
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم!
اهو پهريون دفعو مون پنهنجي زندگي پنج ڪلاڪ ڊًگهو سفر ڪيو، اهو سفر جيڪو روڙهي اسٽيشن کان نائيٽ ڪوچ ۾ شروع ٿيو جيڪو حيدرآباد تائين جاري رهيو۔
گاڏي اڃا هلي ناهي پندرهن منٽ گزري چڪا آهن مونکي ويڻ ڪا جڳهه به ڪانه ملي آهي۔
روڙهي جي پليٽ فارم تي سيٽ وٺندي ڳالھ ٻولھ
(ريل جي ٽي ٽي کي سڏ ڪيم) چاچا ! ۔۔۔۔۔۔ چاچا! ۔۔۔۔۔ حيدرآباد لا سيٽ کپي ٿي ۔۔۔۔ گاڏي ۾ جڳھ آهي؟
(لاپرواهي منجهان جواب ڏيندي)گاڏي مڪمل طور ڀريل آهي جڳھ ڪونهي، پٺيان خيبر اچي ٿي ان ۾ جڳهه هوندي انتظار ڪر! ۔۔۔۔ بس ڄاڻ پڳي'
(پريشاني منٍجهان) 'اها پو ڪهڙي وقت پهچندي؟'
(هلڪي آواز ۾ ٽي ٽي چيو) 'هيڏانهن اچ ۔۔۔۔۔ چار سو رپيا ڏي ته بزنيس ڪلاس ۾ وهڻ جي جڳهه ملي ويندي۔۔۔۔ ٺيڪ آ! ۔۔۔۔ هي وٺ ٽڪيٽ ۔۔۔۔۔وڃ سورنهن نمبر بوگي اٿئي۔۔۔۔ آرام سان وڃي ويھ۔۔۔!'
مان 56 نمبر سيٽ تي ويهي رهيس 15 منٽن کانپو ريل هلڻ لڳي۔ هر اسٽيشن تي بابا کي اطلاع ڪندو رهيس۔ افسوس ان ڳالھ جو هيو ته مان پنهنجي ڊائري ًگهر ويساري ويو هئس جنهن تي مونکي سفر دوران هر پل نوٽ ڪرڻو هو۔
اڌ سفر گذرڻ کان پو منهنجا دل مان آهون نڪري رهيون هيو ڇو ته نائيٽ ڪوچ جي بزنيس ڪلاس مان اهو ڏٺو جيڪو اڪثر ڪري ٽي وي تي ڏٺو ويندو آهي، ويران ًگهر، برباد ٿيل فصل ۽ مئل جانورن جا ڍانچا۔ مونسان گڏ ويٺل ڇا محسوس ڪري رهيا هئا؟ اها مونکي خبر ناهي پر ان وقت منهنجي من مان انهن بي گهر ٿيل ماروئڙن لا دعائون نڪري رهيون هيون ۽ ان ڳالهه جو افسوس پئي ٿيو ته ڪجهه ڪري نه ٿي سگهيس۔ هڪ هنڌ، ريل آهسته هلي رهي هئي ۽ آ بوگي جي در تي بيٺو رهيس ته هڪ پوڙهي شخص کي پاڻ ڏانهن نهاريندي ڏٺم ته مون ان کي مسڪرائيندڙ موٽ ڏي ته هو کلندي کلندي هٿ هلائندو رهيو ۽ ان پل مون تي تمام گهڻو اثر وڌو صرف اهو پل منهنجي صفر جو يادگار منظر بڻجي ويو۔
دعائن ۾ ياد!
اوهان جو خيرخواھ! سنڌ جو خير خواھ !