نائيٽ ڪوچ جي بزنيس ڪلاس مان!

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ منصور ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2011۔

  1. منصور ميراڻي

    منصور ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اسلام عليڪم!
    اهو پهريون دفعو مون پنهنجي زندگي پنج ڪلاڪ ڊًگهو سفر ڪيو، اهو سفر جيڪو روڙهي اسٽيشن کان نائيٽ ڪوچ ۾ شروع ٿيو جيڪو حيدرآباد تائين جاري رهيو۔

    گاڏي اڃا هلي ناهي پندرهن منٽ گزري چڪا آهن مونکي ويڻ ڪا جڳهه به ڪانه ملي آهي۔
    روڙهي جي پليٽ فارم تي سيٽ وٺندي ڳالھ ٻولھ
    (ريل جي ٽي ٽي کي سڏ ڪيم) چاچا ! ۔۔۔۔۔۔ چاچا! ۔۔۔۔۔ حيدرآباد لا سيٽ کپي ٿي ۔۔۔۔ گاڏي ۾ جڳھ آهي؟
    (لاپرواهي منجهان جواب ڏيندي)گاڏي مڪمل طور ڀريل آهي جڳھ ڪونهي، پٺيان خيبر اچي ٿي ان ۾ جڳهه هوندي انتظار ڪر! ۔۔۔۔ بس ڄاڻ پڳي'
    (پريشاني منٍجهان) 'اها پو ڪهڙي وقت پهچندي؟'
    (هلڪي آواز ۾ ٽي ٽي چيو) 'هيڏانهن اچ ۔۔۔۔۔ چار سو رپيا ڏي ته بزنيس ڪلاس ۾ وهڻ جي جڳهه ملي ويندي۔۔۔۔ ٺيڪ آ! ۔۔۔۔ هي وٺ ٽڪيٽ ۔۔۔۔۔وڃ سورنهن نمبر بوگي اٿئي۔۔۔۔ آرام سان وڃي ويھ۔۔۔!'


    مان 56 نمبر سيٽ تي ويهي رهيس 15 منٽن کانپو ريل هلڻ لڳي۔ هر اسٽيشن تي بابا کي اطلاع ڪندو رهيس۔ افسوس ان ڳالھ جو هيو ته مان پنهنجي ڊائري ًگهر ويساري ويو هئس جنهن تي مونکي سفر دوران هر پل نوٽ ڪرڻو هو۔

    اڌ سفر گذرڻ کان پو منهنجا دل مان آهون نڪري رهيون هيو ڇو ته نائيٽ ڪوچ جي بزنيس ڪلاس مان اهو ڏٺو جيڪو اڪثر ڪري ٽي وي تي ڏٺو ويندو آهي، ويران ًگهر، برباد ٿيل فصل ۽ مئل جانورن جا ڍانچا۔ مونسان گڏ ويٺل ڇا محسوس ڪري رهيا هئا؟ اها مونکي خبر ناهي پر ان وقت منهنجي من مان انهن بي گهر ٿيل ماروئڙن لا دعائون نڪري رهيون هيون ۽ ان ڳالهه جو افسوس پئي ٿيو ته ڪجهه ڪري نه ٿي سگهيس۔ هڪ هنڌ، ريل آهسته هلي رهي هئي ۽ آ بوگي جي در تي بيٺو رهيس ته هڪ پوڙهي شخص کي پاڻ ڏانهن نهاريندي ڏٺم ته مون ان کي مسڪرائيندڙ موٽ ڏي ته هو کلندي کلندي هٿ هلائندو رهيو ۽ ان پل مون تي تمام گهڻو اثر وڌو صرف اهو پل منهنجي صفر جو يادگار منظر بڻجي ويو۔

    دعائن ۾ ياد!

    اوهان جو خيرخواھ! سنڌ جو خير خواھ !
    منصور ميراڻي
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نائيٽ ڪوچ جي بزنيس ڪلاس مان!

    اوهان جي لکڻي وڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊائري جا ورق لکندا ڪريو ۽ جي سمجهو ته ٻين سان به شيئر ڪندا رهو۔

    ريلوي ڊپارٽمينٽ جو حال ته هاني پورو ٿيندو پيو وڃي، پر اوهان لاء دعا آهي ته هي سفر اوهان جي زندگيء ۾ نواڻ سان گڏ ڪا سکي گهڙي آڻي ۔۔۔آمين

    سنڌ ۾ آيل تباهه ڪن برساتن سنڌ کي تباهه حال ڪيو آهي پر افسوس جو اسان جا ادارا، اسان جا ماڻهو، اسان جا مفڪر پنهنجي انائن ۾ پورا آهن۔ پوء به اميد تي دنيا قائم آهي، مايوسي ڪفر آهي ۔۔۔ ضرور هڪ ڏينهن اهڙو صبح ٿيندو جنهن ۾ اسان جا يا اسان جي ايندڙ نسل جا چهرا مرڪندي ان صبح کي ڀليڪار ڪندا ، اهو صبح سنڌ جي خوشحالي جو صبح هوندو۔
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: نائيٽ ڪوچ جي بزنيس ڪلاس مان!

    ها ادا بس يار سفر ۾ چند لمحا اهڙا به هوندا آهين جيڪي اسان لاء ياد گار بڻجي ويندا آهين بحر حال اسان به ناٽ ڪوچ ۾ لاهور کان روهڙي تائين ۽ روهڙي کان خانيوال تائين گهڻا دفعا سفر ڪيو آهي ان ۾ گهڻيون ئي يادون آهين پر پاڻ کي ڊائري جو ورق لکڻ ناهي ايندو اصل لکڻ کي گهٽ ايندو اهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو