سنڌ جي ثقافت کاتي منڇر جي ڪناري ٺهيل انگريزن جي دور جي ريسٽ هائوس کي نظر انداز

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    دادو ۽ سيوهڻ ضلعي جي جابلو علائقي ۾ موجود تاريخن ماڳن سميت منڇر ڍنڍ جي ڪناري انگريزن جي دور ۾ ٺاهيل ريسٽ هائوس جي ڪنهن به سار نه لڌي، تاريخ ماڳ نظرانداز ٿي ويا، ماڳن جي اهميت بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ سماج سڌارڪ ڪارڪنن ڪميٽي جوڙي ورتي آهي، هن عيوضيءَ طرفان ڪيل سروي دوران خبر پئي

    ته جهانگارا ويجهو منڇر جي ڪنڌيءَ تي سويت انقلاب واري تاريخ کان هڪ سال اڳ انگريزن جي دور ۾ عاليشان ريسٽ هائوس شاهه حسڻ جي تختي لڳي، ائين جيئن ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جا ماڳ، مڪان ۽ تاريخي هنڌ تباهه ٿيا، شاهه حسڻ ريسٽ هائوس به ان تباهيءَ کان بچي نه سگهيو، مضبوط بنيادن واري هن ريسٽ هائوس جي سار سنڀال ۽ ٻيهر مرمت وارو ڪم ته ڪجهه سال اڳ ۾ ٿيو آهي، پر هاڻ اتي رکيل هڪ ملازم جي ملازمت جو مدو پورو ٿي چڪو آهي ۽ هو رڳو هن تاريخي هنڌ سان دلي لاڳاپي ڪري اڄ به اتي ويٺل آهي، جي ملازم ۽ اتان جا ڳوٺاڻا منڇر ڪنڌيءَ هن ريسٽ هائوس جي سار سنڀال نه ڪن ته هيءَ بلڊنگ به اڄ تائين کنڊر بڻجي چڪي هجي ها. ريسٽ هائوس جي بلڊنگ جي پاسي ۾ ٻه چار ٻيون بلڊنگون به آهن، جيڪي شايد هيٺئين عملي جي رهائش لاءِ تعمير ڪيون ويون هيون، ڊهنديون پيون وڃن. هن ريسٽ هائوس جي اڱڻ تي بيهي منڇر جي لهندڙ ۽ اڀرندڙ سج جي حسن کي چڱيءَ ريت ڏسي سگهجي ٿو. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هي ريسٽ هائوس هاڻ دادو ضلعي جي نگرانيءَ هيٺ آهي، سنڌ ۽ ضلعي حڪومت هن ريسٽ هائوس کي مڪمل طور وساري ڇڏيو آهي. پاڻيءَ جي اڻهوند ۽ صحيح سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري جيڪڏهن حڪومت ترت ڪو نوٽيس نه ورتو ته منڇر جي تباهيءَ جيان هي ريسٽ هائوس تباهه ٿي ويندو. پراڻي دادو ۽ هاڻ ڄامشورو ۽ دادو ضلعي جي پهاڙي سلسلن ۾ قدرت بي پناهه قدرتي حسن بخشيو آهي. جهانگارا کان مٿي ڀت جبل ڏانهن ويندي ڪائيءَ جي وادي اچي ٿي، هيءَ منزل لاهوتين جي به آهي، سيوهڻ کان نڪرندي پهاڙي سلسلن مان پنڌ ڪندي هو ڪائيءَ جي وادي ۾ پهچن ٿا، باغ پنجتن ۽ هن واديءَ کي ڏسي فطرت جي حسن تي ماڻهو دنگ رهجي وڃي ٿو. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وز%8 آهي، جتي سون جي تعداد ۾ ماڻهو ترسي پنهنجي اڳين منزل ڏانهن وڃي سگهن ٿا. هن مسافر خاني ۾ سوئيمنگ پول پڻ آهي، پهاڙي سلسلن مان نڪرندڙ قدرتي چشمو هن سڄي علائقي کي سرسبز ڪري ٿو. مسافر خاني جي ڀر ۾ عبدالله شاهه ڪائي ريسٽ هائوس جوڙايو، اتان جي ماڻهن جي سار سنڀال ڪري ريسٽ هائوس پنهنجي اصل شڪل ۾ نظر اچي ٿو، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اڳين حڪومت ۾ سيوهڻ ۾ ڪا اهم سرڪاري شخصيت آئي، ڪامورا زوريءَ دريون ڀڃي قيمتي فرنيچر کڻي ويا هئا، پر ڳوٺاڻن مزاحمت ڪري فرنيچر واپس ڪرايو هو، چشمن جو پاڻي ڪائيءَ جي وادي ڏانهن ويندڙ رستن تان گذري ٿو، هتي روڊ، رستا نه هجڻ ڪري گاڏيون هن واديءَ کان پري بيهاري پنڌ اڳتي وڃڻو پوي ٿو. باغ پنجتن جي پاسي ۾ پرين جا آستان جي نالي سان پهاڙي سلسلن ۾ اوائلي انساني دور جا اهڙا هنڌ نظر اچن ٿا، جتي جبلن ۾ انسان پنهنجي تحفظ لاءِ اهي جايون ٺاهيون هيون، مقامي ماڻهن کي جيتوڻيڪ پرين جا آستان جي پوري ڄاڻ آهي، پر اتي جڏهن وڃجي ٿو ته انهن هنڌن تي مالوند ماڻهن ٻاڪري مال جو وٿاڻ ٺاهيو آهي. بي آر ايس پي جي پروگرام مئنيجر عباس کوسي جو چوڻ هو ته ڳوٺاڻن جي مدد سان جيڪڏهن حڪومت هن پاسي ڌيان ڏئي ته هي سڄو علائقو سياحن لاءِ هڪ وڏو تفريحي هنڌ ٿي سگهي ٿو. ڪائيءَ کان مٿي ڀت جبل تائين سڄو علائقو ڄڻ فطرت جي هڪ تخليق نظر اچي ٿو. حاڪم خان نوحاڻي هن عيوضيءَ کي ٻڌايو ته ماضيءَ ۾ هڪ اڌ واردات ٿي پر هاڻ هي علائقو مڪمل پر امن آهي ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان هن علائقي کي سنڌ جي سياحت جو هڪ اهم هنڌ بنائي سگهجي ٿو. پهاڙي سلسلن کان اڳتي نيئنگ واري علائقي ۾ اڄ به سج لٿي مهل تتر ٻوليندي نظر اچن ٿا، نيئنگ ۾ تترن جو شڪار ڪرڻ تي بندش پيل آهي. هن واديءَ مان نڪرندڙ چشمو به پهاڙي سلسلن کي وڌيڪ دلڪش بڻائي ڇڏي ٿو. جوهيءَ ۽ ڀت جبل سميت بڊي جبل ۽ منڇر وارن علائقن ۾ ڪم ڪندڙ سماج سڌارڪ اڳواڻن ماڳ بچايو ايڪشن ڪميٽي جوڙي آهي، ڪميٽيءَ جي ڪنوينر واري ذميواري اڪبر لاشاري مٿان رکي وئي آهي. اڪبر لاشاري ٻڌايو ته صحافين، اديبن ۽ دانشورن جي مدد سان هن پهاڙي سلسلن ۾ موجود حسين وادين ۽ تاريخي ماڳن کي بچائڻ لاءِ مختلف فيسٽيول ڪيا ويندا، ثقافت واري صوبائي وزير سميت سنڌ جي وڏي وزير ۽ علائقي جي وزيرن ۽ چونڊيل اسيمبلي جي ميمبرن سان گڏ سڄاڻ ڌرتي ڌڻين سان ملاقات ڪري کين گذارش ڪئي ويندي ته سنڌ جا تاريخي ماڳ بچائڻ لاءِ هو پنهنجو ڪردار ادا ڪن.


    روزاني سنڌ تان ورتل
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    منهنجا مٺڙا ادا، توهان جي هن آرٽيڪل کي پڙهي ڏاڊي خوشي ٿي ۽ ڏک به ٿيو خوشي ان ڪري جو اسان جي سنڌ ۾ سنڌ سان محبت ڪرڻ وارا جوڌا جوان موجود آهن ۽ ڪميوٽر تي سنڌي لکڻ ڄاڻين ٿا، ۽ ڏک ان ڪري ٿيو جو اسان جي تاريخي ماڳن ڏانهن سنڌ جا ڪامورا ڌيان نه ٿا ڏين جنهن ڪري اسان جي سونهن سان ڀريل سنڌ ۾ منڇر وانگر ڪيترا ئي اهڙا ماڳ آهن جن ڏانهن سنڌ حڪومت ڪڏهن به محبت جي نظر سان نه ڏٺو آهي، اگر اسان جا ڪامورا انهي سياحت جهڙي ماڳن ڏانهن پنهنجي توجه ڪن ته اسان جي سنڌ امڙ سياحن لاءِ سياحت جو مرڪز پڻجندي،
    سنڌ سلامت ساٿ سلامٿ
     
  3. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ادا مان توهان جي قدر ڪيان ٿو
    [​IMG]
     
  4. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    واه سائين واه جهانداد ڇاته شيئرنگ آهي
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا سلطان تمام زبردست شيئرنگ آهي
     
  6. نثار منگي

    نثار منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا سلطان تمام بهترين شيئرنگ آهي توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا سلطان ڪٿي آهين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو