پروفيشنل وڊيو ڪنورٽر ۔۔۔ پر ڪرسمس خاطر هاڻي بلڪل مفت۔۔

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڪثر وڊيوز تي ڪم ڪندڙ دوستن کي هڪ اهڙي وڊيو ڪنورٽر جي ڳولا رهندي آهي جيڪو استعمال ۾ آسان، ڪم ۾ تڪڙو ۽ سڀني خوبين ساڻ هجي۔۔۔ يقينن اهڙن گڻن وارا سافٽويئر پيسن تي ئي ملندا آهن۔۔ ڪي سائيٽون ڪي جنريٽر يا پيچ سميت لنڪس ڏينديون ته آهن پر انهن منجهان 90 سيڪڙو وائرس ورتل ملندا آهن۔۔۔
    اڄ مان توهان اڳيان کڻي آيو آهيان هڪ اهڙو وڊيو ڪنورٽر جنهن ۾ موجود آهن اهي سموريون خوبيون جيڪي توهان چاهيو ٿا۔۔۔ ۽ اهو پروفيشنل سافٽويئر ڪرسمس خاطر توهان لاءِ آهي به بلڪل مفت۔۔ ته پوءِ حاضر آهي ۔۔ BDlot Video Converter

    [​IMG]

    دوستو هي نه صرف مڪمل ڪنورٽر سافٽويئر آهي پر هن ۾ بلٽ ان 200 کان وڌيڪ آڊيو وڊيو ڪوڊيڪ موجود آهن ۔۔۔ اهڙي طرح هي MKV, M2TS, MTS, AVCHD, H.264/MPEG-4 AVC, AVI, MPEG, MP4, WMV, MOV, FLV, RM, WebM, Google TV سميت هر فارميٽ جي فائيل کي سڃاڻي ۽ ان کي پلي ڪري سگهي ٿو۔۔ هن جي اضافي خوبين ۾ شامل آهن۔۔۔:
    • طاقتور وڊيو ڪنورٽر، برنر ۽ وڊيو ڊائونلوڊر سڀ ڪجهه هڪ ئي وقت۔۔
    • مزي مزي ۾ هر وڊيو کي HD ۽ SD فارميٽ ۾ ڪنورٽ ڪرڻ ۽ پلي ڪرڻ جي صلاحيت۔۔۔
    • CUDA ڪوالٽي ڪري تبديل ڪرڻ جي تيز صلاحيت۔۔
    • هر وائرليس ڊيوائيس تي هلندڙ فارميٽ ۾ وڊيو تبديل ڪرڻ جي صلاحيت۔۔۔
    • وڊيوز کي ايڊٽ ۽ ترتيب ڏيڻ جي صلاحيت۔۔۔
    • ڊائونلوڊ، بيڪ اپ، ڪنورٽ ۽ اپلوڊ ڪرڻ جي هڪ ئي وقت ۾ صلاحيت۔۔۔۔
    • وڊيوز جي سي ڊي يا ڊي وي ڊي بنائڻ جي صلاحيت۔۔۔
    هر قسم جي آپريٽنگ سسٽم سان مطابقت رکندڙ ۽ ايترين خوبين رکندڙ هن سافٽويئر کي مفت ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ توهان يقينن بلڪل تيار هوندا۔۔ ته پوءِ هتي ڪلڪ ڪري ڪمپني طرفان پيشڪش ڪندڙ پني تي اچو ۽ giveaway سيڪشن منجهان Get it for free تي ڪلڪ ڪريو۔۔ تڪڙو ئي توهان جي سامهون هڪ پاپ اپ ونڊوز اڀرندي جتي توهان کي سافٽويئر لنڪ سان گڏ مفت ۾ سافٽويئر پروڊڪٽ ڪِي پڻ مهيا ڪئي ويندي۔۔
    جيڪڏهن توهان کي ڪم منجهائيندڙ لڳي ته بس هتي ڪلڪ ڪري سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو ۽ انسٽال ڪرڻ دوران هيٺين ڪِي شامل ڪري سافٽويئر حاصل ڪري وٺو۔۔

    BT-TNUYYYZN-MNBXKE

    ياد رهي ته هي پيشڪش صرف ڪرسمس جي موقعي ڪري ڪمپني طرفان 5 جنوري 2012 مليل آهي ان ڪري دير نه ڪريو۔۔ اڄ ئي هن بهترين سافٽويئر کي پنهنجو بڻايو۔۔۔
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: پروفيشنل وڊيو ڪنورٽر ۔۔۔ پر ڪرسمس خاطر هاڻي بلڪل مفت۔۔

    ها ادا مون ڊائنلوڊ ڪري چڏيو آهي
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پروفيشنل وڊيو ڪنورٽر ۔۔۔ پر ڪرسمس خاطر هاڻي بلڪل مفت۔۔

    سائين مهرباني جو نوان سافٽويئر سي به مفت ۾ پيا موڪليو الله تعالي توهان جي صحت کي سلامت رکي.
     
  4. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: پروفيشنل وڊيو ڪنورٽر ۔۔۔ پر ڪرسمس خاطر هاڻي بلڪل مفت۔۔

    سائين ڪارائتي ونڊ ڪرڻ جا ٿورا، واقعي ڪم جو سافٽ ويئر آهي
     
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پروفيشنل وڊيو ڪنورٽر ۔۔۔ پر ڪرسمس خاطر هاڻي بلڪل مفت۔۔

    واه سائين واه ڇا ڪنورٽر آهي۔لک ٿورا سائين رشيد شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
  6. حيدر بخش

    حيدر بخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2011
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پروفيشنل وڊيو ڪنورٽر ۔۔۔ پر ڪرسمس خاطر هاڻي بلڪل مفت۔۔

    سائين مونکي پاڻ اھڙي ڪنورٽر جي ڳولھا ھئي جنھن سڀ سھولتون ھجن ۽ ملي به مفت ۾ واھ واھ ٺَٺَ ٿي ويا بھترين شيئرنگ لا مھرباني
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پروفيشنل وڊيو ڪنورٽر ۔۔۔ پر ڪرسمس خاطر هاڻي بلڪل مفت۔۔

    ادا تمام بهترين ء خوبصورت ونڊ آهي
    ڊائونلوڊ ڪيون ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: پروفيشنل وڊيو ڪنورٽر ۔۔۔ پر ڪرسمس خاطر هاڻي بلڪل مفت۔۔

    السلام عليڪم ادا رشيد صاحب مهربانيون اهڙا سافٽويئر موڪلڻ لاءِ۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پروفيشنل وڊيو ڪنورٽر ۔۔۔ پر ڪرسمس خاطر هاڻي بلڪل مفت۔۔

    مهرباني

    ڪم وارو سافٽويئر آهي۔ مون ڊائونلوڊ ڪري انسٽال به ڪري ورتو آهي۔
     
  10. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: پروفيشنل وڊيو ڪنورٽر ۔۔۔ پر ڪرسمس خاطر هاڻي بلڪل مفت۔۔

    ها ادا پاڪستانين کي مفت ۾ جي باه ملندي ته به اها ڪونه ڇڏيندا هي ته وري به سافٽ ويئر آهي هههههههههههههههههههههههههه
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پروفيشنل وڊيو ڪنورٽر ۔۔۔ پر ڪرسمس خاطر هاڻي بلڪل مفت۔۔

    مهرباني سائين مونکي پڻ اهڙي سافٽويئر جي سخت ضرورت هئي۔
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پروفيشنل وڊيو ڪنورٽر ۔۔۔ پر ڪرسمس خاطر هاڻي بلڪل مفت۔۔

    اها باهه به ڪم واري آهي ۔۔۔۔۔۔۔ جيڪو نه وڻي ان کي لڳائي ڇڏيو ۽ جي اها به مفت جي مليل هجي ته ڇا چئجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاهاها
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو