• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ملڪه ترنم نورجهان : موسيقيء جي دنيا جو وڏو نالو (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jj4kn9.jpg


ملڪه ترنم نورجهان : موسيقيء جي دنيا جو وڏو نالو
محمد سليمان وساڻ

مائي الهه وسائي 21 سيپٽمبر 1929 ع ۾ قصور ۾ پيدا ٿي۔ ڪنهن جي وهم ۽ گمان ۾ ڪونه هيو ته هي ننڍري ڇوڪري مائي الهه وسائي اڳتي هلي دنيا جي اهڙي ڳائڻي ٿيندي جنهن کي دنيا ملڪه ترنم جي نالي سان سڃاڻندي۔ 1935 ۾ پنڊي دي ڪڙي نالي فلم سان شروعات ڪندڙ الهه وسائي اڳتي هلي نورجهان جي نالي سان مشهور ٿي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هندستان جي مشهور ڳائڻي بڻجي وئي۔

سندس پهريون ڳايل گانو هو ” مجهه سي پهلي سي محبت ميري مهبوب نه مانگ“۔ هوء ڳائڻ سان گڏ فلمن ۾ هيروئن طور به ڪم ڪندي رهي۔ سندس مقبوليت ايتري گهڻي هئي جو پاڪستاني فلمن جي ڪاميابيء جو دارومدار سندس آواز تي ٿيڻ لڳ۔ هن 10 هزار کان مٿي عزل، گيت ۽ فلمي گانا ڳايا۔ هن اردو، هندي، سرائڪي، پنجابي ۽ سنڌي زبان ۾ ڳايو۔ ريڊيو ۽ ٽي وي تي ته کيس گهني شهرت ملي پر سندس سڃاڻ فلمي گانا ئي بڻيا۔ هوء پاڪستان جي پهرين عورت فلمي ڊائريڪٽر پڻ هئي۔ 1957ع ۾ کيس صدارتي اوارڊ براء حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو۔ 1966 ۾ کيس تمغه امتياز پڻ ڏنو ويو۔

ملڪه ترنم نورجهان سنڌي فلمن لاء پڻ پلي بيڪ سنگر طور ڳايو ان وقت سنڌي فلمن جو اوج هو ۽ رونا ليلى ، ناهيد اختر جهڙيون ڳائڻيون به ان وقت سنڌي فلمن لاء پنهنجا گيت رڪارڊ ڪرائينديون هيون۔ 1970ع ۾ هن سنڌي فلم گهونگهٽ لاهه ڪنوار ۾ گيت ڳايا جيڪي گهڻو مشهر ۽ مقبول ٿيا۔ هن فلم ڌرتي ۽ آڪاش لاء پڻ گيت رڪارڊ ڪرايا جيڪا 1978ع ۾ ٺهي جنهن جي موسيقي غلام علي ترتيب ڏني هئي۔

ملڪه ترنم نورجهان 23 ڊسمبر 2000ع تي 74 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.​










 
Back
Top