سنڌي لکڻ وقت مون اهو محسوس ڪيو ته ڱ جو اکر جڏهن ڪيبورڊ مان لکون ٿا ته ڪونه ٿو لکجي پر ان جي جاء تي ' اچي وڃي ٿو۔ جڏهن ته هيٺ ڏنل پيڊ مان ڱ تي ڪلڪ ڪرڻ سان ڱ لکجي وڃي ٿو۔
مون ساڳيو سوال ڪنهن ٻئي فورم تي پڻ اٿاريو هو۔ اتي ڪا تبديلي ڪرڻ بجاء ڪي پيڊ ئي تبديل ڪري ايم بي سنڌي جي ڪي پيڊ لڳائي وئي آهي۔
اميد ته دوست هن سنڌي پيڊ کي جلد ٺيڪ ڪري اسان سان شيئر ڪندا۔
جواب: فورم تي سنڌي پيڊ ۾ لکڻ وقت ڱ ڪونه پيو لکجي ؟؟؟
جي سائين ڪجهه وقت اڳ ڪنهن اپڊيٽ خاطر سنڌي ايڊيٽر کي عارضي طور غير فعال ڪرڻو پيو هو۔۔۔ جنهن کان پوءِ ٻيهر فعال ڪيو هيم پر شايد ڪنهن ڪوڊنگ ۾ ڪا غلطي رهجي وئي هئي۔۔۔ توهان جي مهرباني جو توهان نشاندهي ڪئي ۔۔۔ چيڪ ڪرڻ سان خبر پيم ته فعال ڪرڻ دوران ڪوڊ باقي برائوزرس لاءِ ته درست هيو پر گوگل ڪروم جي سيٽنگ ۾ ڪجهه گڙ ٻڙ هئي جنهن کي فڪس ڪري ڇڏيو اٿم۔۔ اميد ته هاڻي اهو مسئلو درست ٿي چڪو هوندو۔۔۔
باقي توهان جي هيٺين پيرا سمجهه ۾ نه آئي۔۔۔ ڇا توهان سنڌ سلامت جي تيار ڪيل سنڌي ايڊيٽر پيڊ جي درستگي لاءِ ڪنهن اردو فورم وارن کان مدد ٿي گهري يا وري سنڌي فورم وارن کان سنڌ سلامت تي موجود پيڊ جي درستگي لاءِ ٿي پڇيو۔۔۔؟
ائين ضرور آهي ته ڪجهه مصروفيت ڪري دوستن جي شڪايتن کي دور ڪرڻ ۾ دير لڳي سگهي ٿي پر اهڙي به ڳالهه نه آهي ته توهان جي مسئلن کي سلجهائي نه سگهجي ۔۔۔ توهان کي اهو سوال ٻئي فورمن بجاءِ سنڌ سلامت تي ئي ڪرڻ گهرجي ها۔۔ خير مسئلو درست ڪيو ويو آهي۔۔ اميد ته هاڻي شڪايت نه رهندي۔۔۔ غلطي جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر مهرباني۔۔۔
جنهن فورم جو بنياد ئي ٺڳي تي هجي ۽ ٻين جي ڪيل محنت جي ڪم کي پنهنجي نالي سان پيش ڪري سستي شهرت حاصل ڪرڻ هجي اهي ڪهڙو سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندا ۽ ٻولي کي اڳتي وڌائيندا۔
هن وقت به پنهنجي فورم لاءِ سنڌ سلامت تان ذاتي پيغام ڪري رڪنن کي گهرائي انهن کي هڪڙي ڏينهن ۾ ئي ايڊيٽر بڻائي رهيا آهن جنهن جو مقصد صاف آهي ته سنڌ سلامت فورم کي نقصان ڏيون۔ ۽ هتي متل محبتي ميڙاڪو ڊاهي پاڻ وٽ گهرائي سستي شهرت ڪمايون۔
اڄ به ان فورم تي سنڌ سلامت جا موضوع ونڊ ڪيا پيا وڃن ۽ افسوس جو جيئن جو تيئن لڳايل اهڙن موضوعن ۾ نه لکندڙ ۽ نه وري انتظاميه سنڌ سلامت جو حوالو ڏيڻ لاءِ تيار آهي۔
سو ادا سليمان جيڪي چوري تي هريل ۽ چوري ڪندڙ هجن انهن کي ڪهڙي خبر ته اسڪرپٽ ۾ ڪهڙي ٍجاءِ تي غلطي آهي جنهن کي درست ڪريون۔ هنن جي موجوده پيڊ به سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي چوري ڪيل آهي پر مون کي پڪ آهي ته اها ڳالهه به هو نه مڃيندا ڇاڪاڻ ته هو ته بس شهرت جا بکيا آهن۔ سو به ٻين جي ڪيل محنت تي۔
جواب: فورم تي سنڌي پيڊ ۾ لکڻ وقت ڱ ڪونه پيو لکجي ؟؟؟
مهرباني ادا رشيد
هاڻي مون وٽ به گوگل ڪروم ۾ ڱ جو مسئلو حل ٿي چڪو آهي۔ مان اهو سوال ڪنهن سنڌي فورم تي لڳايل پيڊ بابت ڪيو هو۔ پوء چيڪ ڪيم ته سنڌ سلامت تي به ساڳيو مسئلو پيو اچي۔ اوهان مسئلو حل ڪري بهتر ڪيو آهي۔
ادا عامر جون مهربانيون آهن جنهن هن سنڌي پيڊ تي گهڻو ڪم ڪري ان کي ان قابل بڻايو آهي۔ باقي اسان به دوستن کان مدد وٺندا آهيون يا انهن جون شيون شيئر ڪندا آهيون پر ان فورم يا دوست جو نالو حوالي طور ضرور ڏيندا آهيون۔اميد ته هر دوست ٻئي جي ڪيل ڪم کي مڃتا ڏيندو ۽ ايئن ڪرڻ ۾ ڪابه برائي ناهي بلڪه دوستن کي مان ۽ مڃتا ڏيڻ اسان جو فرض آهي۔
جواب: فورم تي سنڌي پيڊ ۾ لکڻ وقت ڱ ڪونه پيو لکجي ؟؟؟
ادا عامر چارڻ اوهان جي ڳالھ درست آهي ته جي پيڊ اوهان جو آهي ته انهن کي مڃڻ گهرجي، سنڌين کي اهو نه ٿو جڳائي۔
خبر نه آهي ته اهڙا سنڌي سنڌ جي ڪهڙي خدمت ڪندا ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟