شڪر آهي ان ذات جو جنهن جي تخليق ڪنهن سهاري جي محتاج ناهي پر هو حاڪم آهي هر ڪن جو ان پرورودگار مونتي احسان ڪندي پُٽ جي نعمت سان نوازيو آهي ۔
وسلام
ماشاء الله ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏاڏل سائين اوهان کي لک لک مبارڪون هجن۔ خوشي واري خبر ۔۔۔۔ دل خوش ٿي وئي۔
رب جي در دعا آهي ته اوهان جي ننڍڙي کي رب پاڪ سٺي صحت ۽ دراز عمر عطا ڪري ۽ نيڪ ۽ صالح بڻائي۔ آمين ثم آمين
ڏاڏل سائين، اولاد الله جي نعمت آهي، ۽ اوهانکي پٽڙي جي نعمت عطا ڪئي اٿس ۔۔۔۔ ان مالڪ جا لک شڪرانا
اوهانکي لک لک مبارڪون ۽ دعائون ته ” رب ڪري ته اوهانجو پٽڙو، نيڪ صالح ٿئي ۽ اوهان سميت سنڌ جو نالو روشن ڪري ۔۔۔ آمين
کيس سنڌ سلامت جي سنگت پاران هڪ مٺي ڏيندا ۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا ڏاڏل توهان رب ڪريم ٻچڙو عطا فرمايو آهي اهو بالڪل رب جو ڪرم آهي ان ڪريم جي ڪرم تي خوش ٿيڻ به اسلام جو درس آهي وَأَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ رب جي طرفان نعمت جو اظهار ڪجي اهڙي طرح قرآن ۾ ٻئي هنڌ رب جو فرمان آهي قُلْ بِفَضْلِ اللَّهِ وَبِرَحْمَتِهِ فَبِذَلِكَ فَلْيَفْرَحُوا رب ڪريم جن فضل ۽ رحمت تي خوشي ڪيو بهرحال رب ڪريم طرفان عطا ڪيل خوشي تي اوهان کي مبارڪ هجي ۔
مبارڪون ادا۔۔۔ سٺي خبر توهان پهچائي ۔۔ هڪ مٺي اسان طرفان به۔