• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

“ زخم ”

Moazam Ali

سينيئر رڪن
“نثري نظم“

“ زخم ”

ڪڏهن ڪڏهن خالي ڪاغذ کي ڏسي سوچيندو آهيان
ته ڇا لکان ۽ ڇا نه لکان....
بلڪل ائين ئي توکي ڏسڻ وقت سوچيندو هئس
ته ڇا چوان ۽ ڇا نه چوان ....
مون محبت ۾ ڪي وڏا ڪارناما سر انجام نه ڏنا
توکي ڏسڻ جي حد تائين اُصولن کي برقرار رکيم......
هميشه جيان منهنجو ستارو گردش ۾ رهيو
تون چاهين ها ته قسمت بدلجي وڃي ها !
مون پنهنجي اهميت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي
ته مان ڪوري ڪاغذ کانسواءِ ڪُجھ به ناهيان ..
جنهن تي چند لفظ ته لکجي سگھجن ٿا پر پوري ڪهاڻي نه .
اڪثر ماڻهو وقت سان گڏ بدلجي ويندا آهن
مون وقت کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيس ......
مون زندگي جي چئو ڏس پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو.
تلخ يادن ۽ ڳالهين کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندس ....
پر مان ايندڙ وقت ۾ ڪنهن به اُميد جو سهارو نه وٺندُس
مون کي اُميدن هميشه زخم ڏنا آهن ..


وفا شيراز نظاماڻي
ٽنڊوسومرو
 
Back
Top