اولاد کان اميدون ڪڏهن ٽٽنديون آهن

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏24 ڊسمبر 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [JUSTIFY]
    اولاد کان اميدون ڪڏهن ٽٽنديون آهن ​

    سلام سڀني دوستن جي خدمت ۾ شل قبول پوي گهڻو وقت غير حاضر رهڻ تي معافي جو طلبگار آهيان ۔
    منهنجو موضوع اولاد کان جڏهن اميدون ٽٽنديون آهن؟

    هي موضوع اسان جي معاشري ۾ موجود ڪيتررين ئي نافرمانين کي ڏسندي ذهن ۾ آيو ۔ پوءِ ان ۾ وري اڳتي اڃان وڏي حسرت انهن ماڻهن ۾ نظر ايندي آهي جيڪي ماڻهون اولاد ۾ وري ڌي کان پُٽ جي اولاد کي اوليت ٿا ڏين ۔؟ ڇا ان جو سبب اهو آهي ته مرد جي حڪمراني آهي يا ڪو ٻيو ۔؟ ان موضوع تي ڪنهن ٻي وقت لکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۔
    جيئين اسان جي وجود ۾ ڪئي نظام آهن جن جي چُر پُر جي اسان کي خبر به ناهي جن کي آٽونومڪ نظامچيو وڃي ٿو۔ ائين اسان جي هن جي وجود ۾ ڪئي اهڙيون سوچون ۽ خواهشون هونديون آهن جن جي پلجڻ جو اسان سوچيندا ته ناهيون پر اهي سوچون اسان جي تحت الشعور ۾ پلجدنيون رهنديون آهن، انسان جي فطرت ۾ يا عادت ۾ اهو ياد رهي ته فطرت ۽ عادت ۾ انتهائي فرق آهي فطرت تي قيام بندگي آهي ۽ عادت تي هڪ ته قيام ناهي ٿيندو ان کي پورو ڪيو ويندو آهي ۽ عادتن جو پورو ڪرڻ بت پرستي يا خواهش پرستي آهي اهو سالڪن جو چوڻ آهي۔ خير هتي منهنجو اهو موضوع ناهي ان موضوع تي ڪنهن ٻئي وقت لکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته عادت جيڪا بظاهر ڀلي به هوندي آهي پر ان جو نتيجو پرستش ئي هوندو آهي ۔ ته مون لکيو ٿي اولاد کان اميدو ڪڏهن ٽٽنديون آهن ۔ ياد رهي ته انسان جنهن شي کي پنهنجو سمجهندو آهي پوءِ اهو اولاد هجي مال هجي يا جنهن کي اسان سولو ڪري چؤن زر ،زمين و زن هجي جڏهن انهن کي پنهنجو سمجهندو ته اهي محبتون هر دور ۾ انساني محبت جو مرڪز به رهيون آهن ۽ اهي اهو شيون آهن جن جي ڪري پوري دنيا ۾ عجيب ڪشمڪش رهي آهي ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن رهيو آهي ، چاچو ڀائٽيئ جو مامو ڀاڻج جو پي پُٽ جو پُٽ پي جو الغرض اهي محبتون اهڙيون آهن جي انهن کي مُفسد في العرض سان تشبيح ڏني وڃي ته غلط نه ٿيندو۔ شايد اها ئي وجه هئي جو قرآن ۾ پروردگار انهن فسادن کي ختم ڪرڻ لاءِ بهترين فارمولو ڏنو ته هر شي الله جي آهي ۔ جي انسان جي محبت ڪنهن شي مان نڪري وڃي ته ان جي ڪشش باقي ناهي رهندي جنهن شي جي محبت نه رهي اها شي وجه فساد ناهي رهندي ۔پر جي ان کي نعمت سمجهي ڪري ان جي رکوالي ڪئي وڃي ته اها بندگي به ٿيندي ۽ اهو واحد نظريو پڻ آهي جنهن سان فساد ختم ٿي سگهن ٿا۔ ان لاءِ پروردگار انسان کي نظريو ڏنو ته هر شي کي الله جي امانت ڄاڻو پوءِ جنهن جي امانت هوندي اهو پنهنجي امانت کي جنهن حال ۾ رکي ان جي مرضي ۽ يقينن جنهن جي شي هوندي آهي اهو ٻئِ کان ان شي کي بهتر رکندو آهي جهڙي ريت آمانت وارو رکندو آهي ۔ فساد جي بنياد ان ڏيڻهڻ شروع ٿي ويندي آهي جنهن ڏينهن ڪو انسان ڪنهن شي کي پنهنجو سمجهندو آهي ۽ پهريون فساد ته هو الله جي ذات سان ڪندو آهي ڇو جو پروردگار جو اعلان آهي ته زمين و آسمان ۾ جيڪو ڪجھ آهي اهو منهنجو آهي جي هر شي ان جي آهي ته پوءِ هي انسان ڪيئن ٿو چوي ته هي منهنجي آهي ۔ هي زمين منهنجي آهي هي منهنجو پُٽ آهي هي منهنجي ملڪيت آهي ته ان سوچ پهريون فساد پنهنجي پروردگار سان ڪيو ۔ ان لاءِ هر مشڪل و هر امتحان ۾ آح اهو حڪم ڏنو ۽ پنهنجي بندن جي نشاني پڻ ٻڌائي ته جيڪِ اسان جا شاڪر و صابر بندا آهن جڏهن اسان انهن کي آزمائيندا آهيون ته اهي چوندا آهن بيشڪ اسان به تنهنجا ئي بندا آهيون ۽ اسان جي باز گشت (موٽ) به تو ڏانهن ئي آهي ۔ جي هي اولاد کي الله جي نعمت سمجهي ته ڪنهن جي به اوالد ته پنهنجي اولاد جي ڪري ظلم و جبر نه ڪندو انهن جي مال و ملڪيت وڌائڻ لاءِ ڪنهنجو حق نه کائيندو نه ڪنهنجي ٻار تي ظلم ڪندو نه ڪنهن سان دشمني ڪندو نه پنهنجي ٻار کي پيار ۽ ٻين جي ٻارن تي هٿ کڻندو۔ پر جڏهن هي جنهن شي کي پنهنجو سمجهندو ان جي حفاظت و خوشحالي لاءِ ظلم به ڪندو ۽ ٻين جي حق طلفي به ڪندو۔ بحرحال جڏهن اهي سڀ سوچون جيڪي انسان جي تحت الشعور ۾ جنم وٺنديون آهن ۽ وقت سر وڏيون ٿينديون آهن جڏهن اها اولاد جي صورت ۾ هجي يا مال جي صورت ۾ هجي ته انسان انهن جي بي وفائي تي رت ڦڙا روئيدو آهي ۔ ( نه خدا هي ملا نه وصالِ صنم ) نتيجو اهو نڪرندو آهي ته جنهنکي هو غير سمجهندو هو اها اولاد ٻين جي ٿي ويندي آهي مثال جي طور شادي کان پوءِ ڇا ٿيندو آهي پُٽ ماءُ پي جي ڳالح کان وڌيڪ جڏهن رن مريدي اختيار ڪندو آهي ان جي به هڪ وجه آهي ته انسان ان ئي شي جي گهڻي ٻوڌندو آهي جنهن کان ان جي خواهش پوري ٿيندي آهي سو لازمي آهي ته هو گهرواري جي گڍڳالھ تي والدين جي فرمانبرداري کي ئاوليت ته نه ڏيندو ۽ ان جي به وجھ آهي ڇو جو هن جي پرورش ئي خواهش پرستي تي ٿي آآهي سو هي به ته خواهش پرسات ئي آهي ۔ ۽ اها ستم ظريفي اڃان وڌي ويندي آحي جڏهن انسان ان نياڻي جو حق طلف ڪندو آهي جهن کي وراثت ۾ ڪجھ ناهي ڏنو ويندو۔ اسان پنهنجي نياڻين کي دولت و مال و ملڪيت جو حصو ان لاءِ ناهيون ڏيندا ته هي غيرن ڏي ويندي هلي ٻين لفظن ۾ جي ائين چؤن ته غيرن جي ڌي اچي اسان جي دولت تي عيش ڪري اهو ته منظور آهي پر اسان پنهنجي نياڻي کي ان ميراث مان ڪا شي نه ڏسنداسين۔يا اڪثر اسان جي معاشري ۾ اها به سوچ ڏٺي وئي آهي ۽ بي جوڙ رشتا ان لاءِ ٿيندا آهن ته جيئن دولت خاندان کان ٻاهر نه وڃي عمرن ۾ ڏهاين جو فرق هوندو آهي گهڻي ڀاڱي ڇوڪريون ڇوڪرن جي بالغ ٿيڻ جي انتظار ۾ وارن جي سفيدي اچڻ تائين غير شادي شده رهنديون آهن ۔ جڏهن اهو ڇوڪرو وڏو ٿيندو آهي ته ان جي خواهش ڪنهن عمر رسيده ڇوڪري ناهي هوندي بلڪه هم عمر يا پاڻ کان گهٽ عمر ڇوڪري هوندي آهي جڏهن خواهشن جي دلدل ۾ نوجوان هوندو آهي ته اها نياڻي بي توجهي جو شڪار ٿي ويندي آهي ۽ اهو نوجوان اڪثر بي راه روي جو شڪار ٿي ويندو آهي ۔ زندگي ۾ اسان جي معاشري ۾ اهڙيون اوڻايون نظر پيون اچن جو اسان تاريخ ۾ ڏسندا آهيون ته عرب دورِ جهالت ۾ نياڻين کي زنده دفن ڪري ڇڏيندا ها ۔ پر اسان جي هن جديد زماني ۾ نياڻين جي سزا به جديد جي شڪل اختيار ڪئي آهي ۔ يقينن اها سزا جنهن ۾ ٻار کي زندگي و موت جو شعور نه هوندو آهي ان دور ۾ انجي موت ايتري تڪليفده نه هوندي آهي به نسبت ان زماني جي جڏهن ٻار نوجوان ٿي وڃي ۽ ان جي فطري زندگي سان جبر ڪيو وڃي ۔ بحرحال مون اهو ٿي لکيو ته جڏهن جنهن شي کي پنهنجو سمجهيو ويندو آهي ۽ اها شي وقت کان پهريان جدا ٿي وڃي مثال نوجوان ڦُٽ جو جي انتقال ٿي وڃي ته اهو درد ان وقت اڃا به گهرو ٿي ويندو آهي جڏهن ان جي پرورش ان نظريعي سان ڪئي ويندي آهي ته هي م،نهنجي پيري جو سهارو بڻبو، هي منهنجي پيري جي لٺ آهي ۔ پر جي اها زندگي ۾ غيرن جي ٿي وڃي ته ان جي بي وفائي انسان جي زندگي کي ماري ڇڏيندي آهي انسان اندر ئي اندر ۾ کوکلو ٿي ويندو آهي ۽ انهن سوچن جو انساني ظاهري باطني صحت تي ڪيڏو اثر ٿي ويندو آهي اهو اسان جي معاشري ۾ انهن ملهايل ڏينهن تي ميڊيا وغيره جون رپوٽون ڏسي سگهو ٿا ۔
    پر جي ان جي ابتڙ اسان هر شي کي الله جي امانت سمجهون ۽ ان جي خدمت ان نظريعي سان ڪريون ته هي الله جي امانت آهي مونکي ته هن نعمت جي سنڀالڻ جو حڪم آهي ڇا ته شعر آهي مرزا غالب جو

    [JUSTIFY]
    جو ڪڇ هي ميرا وه سڀي تيرا
    تجهي تيرا سونپ دون ڪيا لاگي هي ميرا
    [/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]
    جان دي دي دي هوئي اسي ڪي ٿي
    حق تو يه هي ڪه حق ادا نه ه​
    وا۔​
    [/JUSTIFY]
    وسلام
    [/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اولاد کان اميدون ڪڏهن ٽٽنديون آهن

    سائين ڏاڏل مهربانيون جو اوهان فورم تي ٻيهر ڀيرو ڀريو آهي۔

    سچ ته اوهان جي لکڻين خاص ڪري نصيحت وارين لکڻين کي اسان مِس ڪري رهيا هئاسين۔ اوهان جي مٿين موضوع ۾ گهڻيون اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسان جي سنڌي معاشري جي عڪاسي ڪن ٿيون۔

    دعا آهي ته اسان قدرت جي قانونن ۽ شريعت جي اصولن جي پوئواري ڪندي انصاف ڪنداسين۔ جڏهن اسان اولاد کي برابر جو حق ۽ صحيح تربيت ڏني ته اسان جو اولاد به صالح بڻجي اسان جي خدمت ڪندو۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: اولاد کان اميدون ڪڏهن ٽٽنديون آهن

    ڏاڏ جا موضوع تمام ڪارائتا هوندا آهن ۔۔۔۔۔ ڏاڏل جي سنڌ سلامت تان دوري سٺي ڳالهه نه آهي

    توهان جو مضوع نصحيت آميز آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ اولاد روح جي راحت هوندو آهي پر جي نافرمان ٿئي ته اهو ئي بيچينيء جو سبب بڻبو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    الله سائين سڀني جي اولاد کي فرمان بردار بڻائي
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اولاد کان اميدون ڪڏهن ٽٽنديون آهن

    بيشڪ حق ۽ سچ آهي ۔۔۔ امامن جي امام حضرت علي رضي الله تعالا عنهه جن ڪجهه هن طرح سان فرمايو آهي ته ” دولت پاڻيءَ جيئان آهي جيڪا انسان جي زندگيءَ لئه ضروري آهي پر جيڪڏهن اهو پاڻي ٻيڙيءَ جئيان اندر گهڙي ويندو ته ٻيڙي ٻڏي ويندي آهي“ انڪري اولاد به نعمت خدا طرفان ڏنل دولت آهي، جيڪڏهن اها اسانجي دل ۾ گهري ويندي ته شر ۽ فساد جو سبب ٿيندي ۔

    بيشڪ اسان کي پنهنجي اولاد سان محبت ۽ انصاف ڪرڻو آهي پر انکي رب جي ذات جي امانت سمجهي پرورش ڪرڻي آهي، انسان کي ڏک تڏهن رسندو آهي جو هو انهيءَ اولاد مان تمام گهڻيون اميدون رکي ويهندو آهي ۽ وقت جي ڌار ۾ جڏهن اهي اميدون پوريون ناهن ٿينديون ته انسان ڏکيارو ٿيندو آهي ۔۔۔ انڪري اولاد جي پرورش بنا لوڀ ۽ لالچ جي ڪرڻي آهي۔

    اميدون ۽ آسرا الله ۾ ۔۔۔باقي هر شئي فاني آهي

    تمام سٺو ليک

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: اولاد کان اميدون ڪڏهن ٽٽنديون آهن

    ادا بلڪل صحيح آهي مالڪ سائين به اولاد بابت فرمايو آهي۔
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اِنَّ مِنْ اَزْوٰجِکُمْ وَ اَوْلٰدِکُمْ عَدُوًّا لَّکُمْ فَاحْذَرُوۡہُمْ ۚ وَ اِنۡ تَعْفُوۡا وَ تَصْفَحُوۡا وَ تَغْفِرُوۡا فَاِنَّ اللہَ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۱۴﴾

    اي ايمان وارئو توهانجون ڪجھ زالون ۽ اولاد توهانجا دشمن آهن۔ ته انهن کان احتياط ڪريو۔ ۽ اگر معاف ڪريو ۽ درگذر ڪريو ۽ بخشيو ته بيشڪ الله بخشڻهار آهي۔
    اِنَّمَاۤ اَمْوٰلُکُمْ وَ اَوْلٰدُکُمْ فِتْنَۃٌ ؕ وَ اللہُ عِنۡدَہٗۤ اَجْرٌ عَظِیۡمٌ ﴿۱۵﴾

    توهانجو مال ۽ اولاد آزمائش آهن۔ ۽ الله وٽ وڏو اجر ۽ ثواب آهي۔
    اولاد دشمن به ٿي سگهي ٿي ۽ آزمائش به آهي ۔ اسانکي صرف اهو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ کپي ته اولاد جي بغير طمع جي شريعت مطابق پرورش ڪرڻ گهرجي۔
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اولاد کان اميدون ڪڏهن ٽٽنديون آهن

    سائين پريا مڙس اونڌهان جي مهرباني جو اوهان اهڙو مان ڏيو ٿا اوهان جي پسنديدگي جي مهرباني ۔
    وسلام

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو