مشتاق جسڪاڻي : فن ۽ اداڪاري جو وڏو نالو (ورسيء تي کيس ڀيٽا)
محمد سليمان وساڻ
مشتاق جسڪاڻي جو نالو فن ۽ اداڪاري جي دنيا ۾ ڪنهن کان لڪل ناهي۔ مشتاق جسڪاڻي 1931ع ۾ سرهاڙيء ۾ جنم ورتو۔ سندس تعليم گريجوئيشن هئي۔ گريجوئيشن کانپوء هو پوليس کاتي ۾ صوبيدار ٿيو پر اداڪاريء جي شوق سبب نوڪري به ڇڏي ڏنائين۔ سنڌي ڊرامن ۾ سندس ڪيل ڪم ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي۔
هو اداڪاري سان گڏ شاعري به ڪندو هو ۽ ان سان گڏ گلوڪاري پڻ ڪيائين۔ هن 150 کان مٿي گانا پڻ ڳايا۔ 1965ع ۾ اسٽيج تان پنهنجي فن جي شروعات ڪيائين پوء سنڌي ڊرامن ۽ فلمن ۾ پڻ اداڪاري ڪندو رهيو۔ سنڌي فلم رنگ محل سندس پهرين فلم هئي جڏهن ته سندس پهريون سنڌي ڊرامو زينت هيو۔ سندس آخري فلم پرهه ۽ آخري ٽي وي ڊرامو راڄ ڀاڳ هو۔ هن سنڌي ۽ اردو ۾ ڪيئي ڊرامه سيريل، سولو پلي، لانگ پلي ڪرڻ سان گڏ ڪي ٽي اين جي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيائين۔
مشتاق جسڪاڻي پنهنجي ڪيريئر ۾ 450 کان مٿي ٽي وي ڊراما ڪيا۔ هن 19 سنڌي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو۔ جن ۾ پرو، سوڍا پُٽ سنڌ جا، رنگ محل ۽ دشمن شامل آهن۔ سندس ٽي وي ڊرامن مان زينت ، ديوارين ۽ راڻي جي ڪهاڻي گهڻو مقبول ٿيا۔ سندس ديورين ۾ ڪيل ڍولڻ خان جو ڪردار ۽ دائلاگ بات هي ڪي جٺ هي گهڻو مشهور ٿيا۔ مرحوم مشتاق جسڪاڻي 25 کان مٿي اسٽيج ڊرامه پڻ ڪيا۔ ان کانسواء سنڌ ٽي وي جي ٽيلي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيائين۔ مشتاق جسڪاني پنهنجا 30 سال فن جي دنيا کي ارپي ڇڏيا پر افسوس جو کيس ٽي وي اوارڊ به نه ملي سگهيو۔ جيتوڻيڪ ديوارين ڊرامي تي کيس ادبي تنظيمن پاران اوارڊ مليا پر سرڪاري سطح تي هن کي ڪابه مڃتا نه ملي۔
فن جي هن ستاري 24 ڊسمبر 2006 تي دماغ جي رڳ ٽٽڻ سبب دم ڌڻيء حوالي ڪيو۔

حوالو : انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا