مشتاق جسڪاڻي : فن ۽ اداڪاري جو وڏو نالو (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 ڊسمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    مشتاق جسڪاڻي : فن ۽ اداڪاري جو وڏو نالو (ورسيء تي کيس ڀيٽا)
    محمد سليمان وساڻ

    [JUSTIFY]مشتاق جسڪاڻي جو نالو فن ۽ اداڪاري جي دنيا ۾ ڪنهن کان لڪل ناهي۔ مشتاق جسڪاڻي 1931ع ۾ سرهاڙيء ۾ جنم ورتو۔ سندس تعليم گريجوئيشن هئي۔ گريجوئيشن کانپوء هو پوليس کاتي ۾ صوبيدار ٿيو پر اداڪاريء جي شوق سبب نوڪري به ڇڏي ڏنائين۔ سنڌي ڊرامن ۾ سندس ڪيل ڪم ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي۔

    هو اداڪاري سان گڏ شاعري به ڪندو هو ۽ ان سان گڏ گلوڪاري پڻ ڪيائين۔ هن 150 کان مٿي گانا پڻ ڳايا۔ 1965ع ۾ اسٽيج تان پنهنجي فن جي شروعات ڪيائين پوء سنڌي ڊرامن ۽ فلمن ۾ پڻ اداڪاري ڪندو رهيو۔ سنڌي فلم رنگ محل سندس پهرين فلم هئي جڏهن ته سندس پهريون سنڌي ڊرامو زينت هيو۔ سندس آخري فلم پرهه ۽ آخري ٽي وي ڊرامو راڄ ڀاڳ هو۔ هن سنڌي ۽ اردو ۾ ڪيئي ڊرامه سيريل، سولو پلي، لانگ پلي ڪرڻ سان گڏ ڪي ٽي اين جي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيائين۔

    مشتاق جسڪاڻي پنهنجي ڪيريئر ۾ 450 کان مٿي ٽي وي ڊراما ڪيا۔ هن 19 سنڌي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو۔ جن ۾ پرو، سوڍا پُٽ سنڌ جا، رنگ محل ۽ دشمن شامل آهن۔ سندس ٽي وي ڊرامن مان زينت ، ديوارين ۽ راڻي جي ڪهاڻي گهڻو مقبول ٿيا۔ سندس ديورين ۾ ڪيل ڍولڻ خان جو ڪردار ۽ دائلاگ بات هي ڪي جٺ هي گهڻو مشهور ٿيا۔ مرحوم مشتاق جسڪاڻي 25 کان مٿي اسٽيج ڊرامه پڻ ڪيا۔ ان کانسواء سنڌ ٽي وي جي ٽيلي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيائين۔ مشتاق جسڪاني پنهنجا 30 سال فن جي دنيا کي ارپي ڇڏيا پر افسوس جو کيس ٽي وي اوارڊ به نه ملي سگهيو۔ جيتوڻيڪ ديوارين ڊرامي تي کيس ادبي تنظيمن پاران اوارڊ مليا پر سرڪاري سطح تي هن کي ڪابه مڃتا نه ملي۔

    فن جي هن ستاري 24 ڊسمبر 2006 تي دماغ جي رڳ ٽٽڻ سبب دم ڌڻيء حوالي ڪيو۔

    [/JUSTIFY]

    حوالو : انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: مشتاق جسڪاڻي : فن ۽ اداڪاري جو وڏو نالو (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    مهرباني ادا سليمان سُٺي معلومات آ
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: مشتاق جسڪاڻي : فن ۽ اداڪاري جو وڏو نالو (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    ثقافت کاتي جا حال پورا آهن عظيم سنڌي فنڪارن کي وساري ڇڏيو اٿن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مشتاق جسڪاڻي هڪ وڏو فنڪار هيو

     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مشتاق جسڪاڻيء جي ورسيء تي کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مشتاق جسڪاڻي جي ورسي تي سندس ياد
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مشتاق جسڪاڻي هڪ ورسٽائيل اداڪار

    مصطفيٰ ملاح

    نامياري اداڪار مرحوم نور محمد لاشاريءَ کان ويندي انور سولنگيءَ تائين، سنڌي فنڪارن جو قدر نه ڪيو ويو آهي. مرحوم اداڪار مشتاق جسڪاڻي، جيڪو هڪ ورسٽائيل آرٽسٽ هو، هن پنهنجي پوري زندگي فن کي ڏئي ڇڏي پر ان جي بدلي هن کي ڪجهه به نه مليو.
    مرحوم مشتاق جسڪاڻي ۱۹۳۶ع ۾ ڳوٺ حيدر زمان جسڪاڻي، ضلعي سانگهڙ ۾ اَک کولي. هن جي والد جو نالو علي محمد جسڪاڻي هو، جيڪو درزڪو ڪم ڪندو هو. اٺن سالن جي عمر ۾، هي سڀ ٽنڊو آدم ۾ لڏي آيا. هن پرائمري کان وٺي بي اي تائين تعليم، ٽنڊو آدم مان حاصل ڪئي.
    سال ۱۹۵۸ع ۾ هن شادي ڪئي، جنهن مان هن کي ۵پٽ ۽ چار نياڻين جو اولاد آهي.
    سال ۱۹۷۱ع ۾ هن کي ايس ايس پي آفيس ۾، ڪلارڪ جي نوڪري ملي وئي. فن هن جي رڳن ۾ شامل هو. پوليس کاتي پاران، ڪو به فنڪشن ٿيندو هو ته، هي اتي اسٽيج ڊرامو ڪندو هو. جڏهن ته هن کي ڳائڻ جو شوق به هوندو هو. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن پوليس عملدار، هن کان ڳائڻ جي به فرمائش ڪندا هئا. هن ۶سال پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪئي، پر پوءِ ان کي خدا حافظ ڪيائين. پوءِ ٻي جاءِ تي به هن کي نوڪري ملي پر اها به هن ڪنهن سبب جي ڪري ڇڏي ڏني.
    هن جو پهريون اسٽيج ڊرامو ”جهانگير جو انصاف“ آهي.
    مرحوم پهرئين سنڌي فلم ”رنگ محل“ ٺاهي. اها فلم، جڏهن مارڪيٽ ۾ آئي ۽ ماڻهن ڏٺي ته فلم جي تعريف ٿيڻ لڳي. ان وقت پي ٽي وي تي عبدالڪريم بلوچ هوندو هو. ان فلم ”رنگ محل“ ڏسي، مشتاق جسڪاڻيءَ کي سڏايو ۽ اهڙيءَ طرح هن جو پي ٽي وي تي پهريون ڊرامو ”سک جي وستي“ آن ايئر ٿيو. هن ۳۰فلمن ۾ اداڪاري ڪئي، جڏهن ته ۴۰۰کان مٿي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. هن جو يادگار ڊرامو، جنهن کان هن کي شهرت ملي، اهو ”ديوارين“ ڊرامو هو.
    مشتاق جسڪاڻي هڪ ورسٽائيل آرٽسٽ هو. هو اداڪاريءَ سان گڏوگڏ ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ گلوڪار پڻ هو. هن جا ۱۰۰کان مٿي ڪلام آهن، جن کي مختلف گلوڪارن ڳايو آهي.
    مشتاق جسڪاڻيءَ کي آخر تائين سرڪاري ٽي وي کان اها شڪايت هئي ته؛ هو سينيئر اداڪارن کي پنهنجن ڊرامن ۾ نٿا کڻن. مرحوم مشتاق جسڪاڻي اهو به چوندو هو ته؛ اڪثر ڪري ماڻهو شوبز جي دنيا کي برو ڀلو چوندا آهن، پر مان سنڌي فنڪارن ۾ واحد اداڪار آهيان، منهنجي ڌيءَ سنجيلا جسڪاڻي ڊرامن ۾ ڪم ڪري ٿي.
    مشتاق جسڪاڻيءَ جي جوڙي مرحوم اداڪار انور سولنگيءَ سان تمام گهڻي مشهور ٿي هئي، خاص ڪري ديوارين ڊرامي ۾، ڍولڻ ۽ مکڻ جو ڪردار تمام گهڻو مقبول ويو. ماڻهن انهن ٻنهي جا اصل نالا وساري، ڍولڻ ۽ مکڻ جي نالي سان، کين سڏيندا هئا. پر اڄ افسوس آهي جو اهي ٻئي لازوال ڪردار، مکڻ ۽ ڍولڻ، اسان وٽ موجود نه آهن. ٻئي فنڪار زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ بيحسيءَ جو شڪار ٿيا. انهن جي بيمار رهڻ دوران، ڪنهن به سندن سار نه لڌي.
    تاريخ ۲۴ڊسمبر ۲۰۰۶ع تي، ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾، اداڪار مشتاق جسڪاڻي اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. هن جي آخري آرامگاهه، ڪراچيءَ جي ڊالميا قبرستان ۾ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو