ڊاڪٽر آڪاش انصاري : سنڌي ٻوليء جو مزاحمتي شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 ڊسمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]سنڌ سلامت سٿ پاران سنڌي ٻوليء جي مزاحمتي ، انقلابي ۽ رومانوي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔

    سنڌ جو مزاحمتي، انقلابي ، رومانوي شاعي ۽ صحافي ڊاڪٽر آڪاش انصاري 25 ڊسمبر 1956ع ۾ بدين لڳ ڳوٺ ابل جي وسيء ۾ پيدا ٿيو۔ انٽر تائين تعليم بدين مان ۽ پوء MBBS لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ڪيائين۔ سندس مقبوليت جو سبب سندس شاعري رهي آهي۔ ان سان گڏ صحافت ۾ پڻ ڪم ڪيو اٿس۔ روزانه سوال اخبار جو چيف ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي۔ سندس شاعري خاص ڪري مزاحمتي شاعري گهڻي مقبوليت ماڻي آهي جنهن جو ثبوت سندس ڪتاب ڪيئن رهان مان جلاوطن آهي جيڪو چار دفعا ڇپيو آهي۔

    سندس شاعريء جو هڪ ٻيو ڪتاب اڌورا اڌورا پڻ گهڻو مشهور ٿيو آهي۔ ان ڪتاب جو ٽائيٽل سندس مشهور شاعري اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا مان ورتل آهي۔ داڪٽر آڪاش انصاري جي شاعريء جون خوبيون اهي آهن جو سندس شاعري نوجوانن جي پسنديده شاعري رهي آهي۔ سندس شاعريء ۾ مزاحمت سان گڏ انقلابيت ۽ رومانس پڻ موجود آهي۔

    هن وقت پاڻ بدين ۾ ڊاڪٽري جي پريڪٽس سان گڏ هڪ NGO سان لاڳاپيل آهن۔ سندن هڪ خاص مشغلو ادبي پروگرام ڪرڻ ۽ اهڙن پروگرامن ۾ شامل رهڻ اٿس جيڪو خوب نڀائي رهيا آهن۔ دعا آهي سندن قلم مان اڃان کي گيت تخليق ٿين جيڪي سنڌ جي نوجوانن لاء مشعل راهه بڻجن۔

    سندس شاعريء مان ڪجهه چونڊ:

    [/JUSTIFY]

    جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي،
    جنھن نه سانگين جي سَڱ کي سڃاتو ھتي،
    تنھن سان ڪھڙو ڀلا منھنجو ناتو ھتي،
    تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

    جو نه اجرڪ جي عظمت جو قائل ھجي،
    منھنجي ٻوليءَ ڏي جيڪو نه مائل ھجي،
    ذھن جنھن جو اڃا ڀي ورھايل ھجي،
    تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

    جنھن سنگينن سان سانگين جا سينا چٿيا،
    ڄڻ محبت جا مڪا مدينا چٿيا،
    عشق عرفان جا آبگينا چٿيا،
    تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

    جنھن جي اک ماروئن ڏانھن ميري ھجي،
    جيڪو وانگين جي ٻچڙن جو ويري ھجي،
    جيڪو جلاد، قاتل ۽ قھري ھجي،
    تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

    جيڪو لاڻن ليارن سان نفرت ڪري،
    منھنجي پورھيت پنھوارن سان نفرت ڪري،
    ۽ درد وند ديس وارن سان نفرت ڪري،
    تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.





    اسان جي مُئاسين
    آڪاش انصاري جي شاعري

    اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي!
    ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي،

    اسان جو جڏهن خـون خوشبو ٿي ايندو،
    ته ويڙها وطن جا به واســـي ڇـــڏيـــنــدو،
    جڏهن ٻارڙي ڪنهن ڪئي ٻولي ٻاتي،
    تــــه مـــــــاڻــيـندا منزل پنهنجا ڍول ڍاتي،

    اسانجون هي ٻانهـون، اسان جـــون نــــگـاهـــون،
    ازل کان لـــــوچــــيــــن ٿـــيـــون اهــڙيون راهون،
    انهيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي،
    ته ماڻيــنـــدا مـــنـــزل پــنـــهـــنجـــا ڍول ڍاٽــــي،

    جڏهن منهنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جھُرندا،
    ٻَـــــري ۾ نـــــــه ٻــــڪــــرار جــــا ٻـــار ٻـــــرنــدا،
    سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيـجل جــي ڇــــاتـــي،
    ته ماڻيندا مـنـــزل پـــنـــهــنـــجــا ڍول ڍاٽــــــــــي،

    جڏهن وڏ ڦڙو ڪو ولهارن تي وسندو،
    مٿان پارڪر جي پنورهارن تي وسندو،
    نــــه رهنـدي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي،
    تــــه مــاڻــيــنـدا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.



    اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا

    اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا
    نڪي عشق آتش وچان ٿي اڀاميو
    نه هي ديپ دل مان اوهان جو اجھاميو
    نه سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين
    نه سگريٽ جو ڪو ڦلو ٿي ڇڻياسين
    دکياسين جلياسين اڌورا اڌورا.......
    دکن کان به دل پنهنجو رشتو نه ٺاهيو
    سکن ۾ به من کي سڪون ڪون آهيو
    کلياسين ته خلقت جي دردن ٿي رڪيو
    رناسين ته دنيا جي نظرن ٿي ٽوڪيو
    نه خوش ٿي کلياسين نه رنج ٿي رناسين
    اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا
    ڦاهي جا ڦندا چمڻ کان به وياسين
    ۽ دنيا جا ڌنڌا ڪرڻ کان به وياسين
    نه تون ئي ملين نه ڪنهن جا ٿياسين
    هِتان کان به وياسين هُتان کان به وياسين
    مرڻ جي مزي کان به محروم ٿياسين
    ۽ جينئدا رهياسين اڌورا اڌورا
    اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا
    طارق ٿي دنيا نه تياڳي سگھياسين
    جهان جو به جهنجهٽ به نه جاڳي سگھياسين
    عمر اڌ اڻکٽ عبادت ۾ وئي
    باقي بتن سان بغاوت ۾ وئي ۽
    خدا به نه مليو ۽ نه ان جي خدائي
    اوه آڪاش جنڌڙي اينئن وئي اجھائي
    ۽ ڳولا جي رڻ ۾ رلياسين اڌورااڌورا
    اسين بس رهياسين اڌورا





    [​IMG]




    ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي شاعري ۽ محمد يوسف جو آواز
    جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا



    جلاوطن ۔۔۔۔۔ سرمد سنڌي جو ڳايل

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڊاڪٽر آڪاش انصاري : سنڌي ٻوليء جو مزاحمتي شاعر

    ادا اوھان جو ڪاوشون ڪوششون محنتون قابل فخر آھن۔
    ھي ڪم ڏاڍو ڏکيو آھي۔۔۔۔۔۔وقت سر اوھان دوستن لا محنت ڪري ڪارڊ ٺاھيو ٿا۔
    اسان پاران به ڊاڪٽر صاحب جن کي جنم ڏينھن جو واڌايون۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڊاڪٽر آڪاش انصاري : سنڌي ٻوليء جو مزاحمتي شاعر

    مهرباني عاشق سائين

    سنڌ جي سڄڻن ۽ محسنن کي ياد ڪرڻ اسان جي به فرضن مان آهي۔ ڊاڪٽر آڪاش سنڌ جو سڄڻ ۽ سنڌي شاعريء جو اهم نالو آهي۔

    دوستن لاء ڪارڊ ٺاهڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي هوندو پر ان دوست بابت تفصيل ڏيڻ ۽ اهي تفصيل گڏ ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم ضرور لڳندو اٿم۔

    مهربانيون اوهان دوستن جي حوصلا افزائي ڪرڻ جون۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڊاڪٽر آڪاش انصاري : سنڌي ٻوليء جو مزاحمتي شاعر

    محترم ڊاڪٽر آڪاش انصاري سان منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات ٿي هئي محترم تاجل بيوس جي نياڻي جي شادي ۾، جت مرحوم تاجل بيوس صاحب به جيئرو هو ۽ ان محفل ۾ سائين هدايت بلوچ به هيو ۽ منهنجو دوست ۽ هم زلف سلڇڻو انسان سليم تاج به موجود هو ۔۔۔

    تاجل، هدايت ۽ آڪاش جڏهن شاعري تي ڳالهائڻ ۽ شعر چوڻ شروع ڪيا ته سچ پڇو مون مٿان هڪ سحر طاري ٿي ويو هو ۽ طبيعت جي خرابي جي باوجود به ايترو لطف اندوز ٿيو هيس جو اها ڪچهري شايد عمر ساري ياد رهندي ۔

    سائين آڪاش هڪ ماٺيڻو، سلڇڻو ۽ گهري نظر وارو انسان لڳو جنهن جي من ۾ سنڌ ۽ سنڌيت لئه اهڙو ته مٺاس هو جو دل چاهيو ٿي ته ساڻس هميشه ڪچهريون ڪندو رهجي ۔۔۔

    سٻاجهڙي انسان جي جهڙي شاعري آهي اهڙو ئي انسان آهي ۔۔۔ رب العالمين کيس پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين

    لک ٿورا دوست سليمان صاحب

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڊاڪٽر آڪاش انصاري : سنڌي ٻوليء جو مزاحمتي شاعر

    واه واه واقعي آڪاش انصاري جي تمام بهترين شاعري آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄ هن بابت تفصيل پڙهي گهڻِي خوشي ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ مزاهمتي ء خوبصورت جذبن جو مالڪ هڪ بهترين شاعر آهي۔۔۔۔۔۔۔۔

    منهنجي طرفان به کيس کوڙ ساريون جنم ڏينهن جون واڌايو هن
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ٻوليء جي مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔
     
  7. بخشل لغاري

    بخشل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جولائي 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    43
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    پرائمري استاد
    ماڳ:
    ڳوٺ نورخان لغاري تعلقه ڪنگري ضلع خيرپور ميرس
    الله تعالي کان دعا آهي ته شال رب پاڪ ڊاڪٽر صاحب کي عمر دراز عطا فرمائي ۽ هو پنهنجي ديس ۽ قوم جي علم و ادب وسيلي خدمت ڪندو رهي آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز ڇٽو

    ممتاز ڇٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Al Madina, Al Madinah, Saudi Arabia
    جيئن توسان نيهن لڳايو آھ مون پنهنجو پاڻ گنوايو آھ ڄڻ منهنجي ڪائي هستي منهنجي ڪائي ذات نه آھ ازل جي گوشواري ۾ به منهنجي ڪائي بات نه آھ
     
  9. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌ ڌرتي جي مزاحمتي شاعر آڪاش انصاري صاحب کي جنم ڏينهن جو لکين واڌايون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو