لوڪ گيت: عوامي ادب جو آئينو

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 ڊسمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    لوڪ گيت: عوامي ادب جو آئينو
    تاج جويو

    ٻارس آوِي ري سهيليان، ٻاٻيها ٻولنت،
    نيني سِرامڻ پاڌرو، هونٽي ٻيج کِونت.
    [ٻارس آئي آهي ڙي سهيليو! ٻاٻيهو ٻولي پيو،
    نيڻن ۾ سانوڻ سمايو آهي ۽ چپن مان وڄ پئي چمڪي.]

    [JUSTIFY] ٿرُ، گيتن جي سرزمين آهي. هتي گيتَ، ماءُ جي ٿڃ جيان ڌرتيءَ مان گُوها گُوها ڦُٽي نڪرندا آهن. مون هڪ هنڌ لکيو هو ته، ”اهو خبر ناهي ڪهڙو بدذوق شخص هو، جنهن چيو هو ته: ’راڳُ، پنجابَ ۾ ڄائو ۽ ٿر ۾ اچي مئو.‘ پر حقيقت اُن جي ابتڙ آهي. ٿر، گيتن جي جنم ڌرتي آهي، ۽ سنگيت، هن سرزمين جي نَس نَس ۾ موجود آهي.

    ’گيت‘، ڳائڻ جي شيءِ آهن. گيت ۽ راڳ (سنگيت) پاڻ ۾ لازم ملزوم آهن. دنيا جي گولي تي ڪو اهڙو گيت سِرجيو ئي نه ويو آهي، جيڪو ڳاتو نه ويو هجي؛ جنهن جي موسيقي ۽ جنهن جا سُر فضا ۾ پکين ۽ بادلن جيان اُڏريا ۽ وکريا نه هجن؛ جنهن تي نِرتڪين ۽ نِرتڪارن ناچ نه ڪيو هجي. ان حوالي سان، ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، جيڪڏهن آءٌ چوان ته: ڪائنات جا حسين ترين گيت، ٿر جي سرزمين تي سرجيا ويا آهن. آءٌ جڏهن هتي ’ٿر‘ جو لفظ ڪم آڻيان ٿو ته منهنجي اڳيان ڍٽ، پٽ، پائر، کاهڙ، پارڪر، اڇڙو ٿر، ڪڇ، گجرات، مارواڙ، سوراشٽر، جيسلمير، چولستان ۽ اُهي سمورا علائقا اچي وڃن ٿا، جن جي ٻولي، ٿوريءَ ڦير گهير ۽ لهجي- مَٽ سان ذري گهٽ ساڳيو پسمنظر رکي ٿي.

    گيتَ، ڪائنات جي پهرين شاعري آهن، ۽ گيت فطرت جي حسين ۽ جميل ڳُجهه ۽ راز (Myth & Mystery) جي مجسم صورت آهن. چون ٿا ته جڏهن مهاديو کان پارپتيءَ پُڇيو هو ته: ”آءٌ تو کي ڪيئن لڳان ٿي؟“ ته هن وراڻيو هو، ”ڄڻ گيت جي ڪا لڙي!“ ٻئي طرف اوم پرڪاش، ’گيت کي اُن پلَ، گهڙيءَ ۽ لمحي سان لاڳاپيل سمجهي ٿو، جڏهن حوا ۽ آدم هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿيا هئا ۽ سندن گفتگو لفظن يا اشارن بدران چپن سان ٿي هئي.‘

    ”ٻار جا ڳوڙها، ٿڃُ جو ميٺاڄ ۽ اهڙي آسيس، جيڪا رڳو مامتا جي پيارَ ۽ ٿپڪيءَ مان ملي سگهي ٿي“، ميرا جيءَ جي نظر ۾: ”اهو سڀڪجهه گيتن جي تاثر ۾ موجود آهي.“

    گيت، انساني من کي اهڙو سُڪون ۽ بيخودي بخشين ٿا، جيڪا اڄوڪي مهذب معاشري ۽ باشعور ثقافت جي بيجا وزن ۽ بوجهه کان ڇوٽڪارو ڏياري، ماڻهوءَ کي فطري زندگيءَ (Natural Life) سان ويجهو ڪري ٿي.

    گيت، ڌرتيءَ مان اوٻاڪون ڏئي ڦُٽي نڪرندا آهن، ۽ اُهي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ڄاون سادن سودن، معصوم ۽ ٻالن ڀولن انسانن جي جذبن ۽ امنگن مان جنم ورتل هوندا آهن. تڏهن ته دنيا جا اوائلي گيت، ’لوڪ گيت‘ (Folk lyrics) ئي سمجهيا ويا آهن، جن جو ڪو هڪڙو شخص گيتڪار يا تخليقڪار نه هوندو آهي.
    مشرقي شاعري، خاص ڪري ننڍي کنڊ جي شاعريءَ تي نظر وجهبي ته اُن جي مختلف صنفن جي پيڙهه ڌار ڌار ’رسن‘ تي رکي وئي آهي، جيڪي ’رس‘ مختلف احساسن ۽ جذبن جي ترجماني ڪندا آهن. گيت لاءِ خاص رس، ’شرنگار رس‘ ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو رس، محبت ۽ پيار لاءِ مخصوص سڏيو ويو آهي؛ جنهن ۾ جنسي ڇِڪَ (Sexual attraction) کان وٺي، ماءُ، پيءُ، ڀيڻن ۽ ڀائرن جي محبت، زال ۽ مڙس جي پريمَ، محبوب جي وڇوڙي ۽ اوسيئڙي، پهاڄ سان نفرت، سَس نڻاڻ جي کِٽ پٽ، ديوتائن ۽ ديوين ۾ ويساهه، پِيرن ۽ وَلين ۾ اعتقاد، ڌرتي ماتا سان پيارَ، موسمن جي تبديليءَ ۽ تهذيبي تهوارن جي اهميت ۽ حسناڪي وغيره جا موضوع اچي وڃن ٿا.

    نقادن، گيتن جي فڪري پهلوءَ کان وڌيڪ اُنهن جي سادگيءَ، معصوميت، بيساختگيءَ، مڌر ۽ سرل ٻوليءَ، سادي ترنم ۽ فطري لئه کي اهميت ڏني آهي. سندن چوڻ آهي ته گيتن ۾ گهري فڪر جي پرٽ، گيت کي گيت نه، پر فلسفو بنائي ڇڏي ٿي. گيت جي سادي هيئت ۾ گهرو فڪري پسمنظر ڏيڻ سان ان جي معصوميت متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ پوءِ اهو گيت نه پر ’نظم‘ بنجي پوي ٿو. گيت ۾ ڪيفيت ڪهڙي به هجي، پر ان جو اظهار سادو، سلوڻو ۽ سُريلو (Lyrical) هئڻ کپي ۽ ان ۾ صرف احساساتي پهلو نمايان هجي ته اهڙو گيت من تي گهرو اثر ڪندو آهي.

    اسان جي سرزمين سنڌ پڻ دنيا جي هر فطري ڌرتيءَ وانگر ’گيتن جي ماءُ ڌرتي‘ آهي. هن ڌرتيءَ جي هر ڀاڱي: ڪچي، ڪاڇي، لاڙ، وچولي، اتر، ڪوهستان، ڪڇ ۽ ٿر ۾ لوڪ گيتن جا ڀنڊار موجود آهن؛ جن ۾ ماءُ جي ممتا سان ڀرپور ڪوڏاڻن، لاڏن ۽ لولين کان وٺي اوسارن ۽ پارن تائين، جمالي، گامڻ ۽ ٻيلڻ کان وٺي، همرچي ۽ راسوڙن تائين، بادليئي، موريي ۽ ورساڙي کان وٺي وڻجاري، ڍولي ۽ مڻهياري تائين؛ لئيڪي، جلالي، ڪانگلڙي کان وٺي چوماسي ۽ سانوڻ ٽيج تائين، هچڪي ۽ پڻياريءَ کان وٺي اوڏڻ، جوڌيي ۽ ڏهُوڪي تائين، ڪجليي کان وٺي موڏي ۽ موري تائين سوين گيت جون جنسون ۽ وَڙَ موجود آهن.

    سنڌي لوڪ گيتَ، سنڌ جي تهذيب، تاريخ، روايتن ۽ عوامي ادب جو آئينو آهن. دنيا جي ادب ۾ سنڌ جا لوڪ گيت، موضوعن ۽ عنوانن جي حوالي سان هڪ منفرد رنگارنگي ۽ حسناڪي پيش ڪن ٿا، جنهن تي تحقيق ۽ کوجنا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

    سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ گيتن تي رائچند راٺوڙ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، منگهارام اوجها، نارائڻ ڀارتيءَ، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ، ڄيٺي لالواڻيءَ ۽ ڪشني ڦلواڻيءَ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. رائچند، ’تاريخ ريگستان‘ ۽ ٽه ماهي ’مهراڻ‘ ۾ ٿر جا ڪجهه گيت ۽ انهن جو پسمنظر لکي، ٿر خطي جي گيتن ڏانهن محققن کي متوجهه ڪيو. منگهارام اوجها ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ پڻ لوڪ گيتن جي اهميت کي محسوس ڪري، ڪجهه گيت گڏ ڪيا هئا.

    جڏهن سائين جي. ايم. سيد، ميران محمد شاهه ۽ ٻين عالمن، سنڌي ادبي بورڊ جي، 1951ع ۾ نئين سر تشڪيل ڪئي ته انهن سنڌ جي تاريخ، لغت، ڪلاسيڪي ادب ۽ ترجمي وغيره جي اسڪيمن سان گڏ هڪ اسڪيم ’لوڪ ادب‘ کي گڏ ڪرڻ جي به اڳيان رکي هئي؛ جنهن کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي ڪيو ويو هو، جنهن صاحب 40 کان مٿي لوڪ ادب سيريز جا ڪتاب تيار ڪيا ۽ ڪرايا. لوڪ ادب سلسلي جو سترهون نمبر ڪتاب ’لوڪ گيت‘ هن 1963ع ۾ مڪمل ڪيو هو، جنهن جو پهريون ڇاپو، آڪٽوبر 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو هو، ۽ ان جو ٻيو ڇاپو 2006ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ 57 قسمن جا لوڪ گيت گڏ ڪيا ويا هئا. انهن ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ مقبول لوڪ گيتن جا پنج قسم، اُتر سنڌ جي لوڪ گيتن جا اَٺ قسم ۽ ڪوهستاني لوڪ گيتن جا ٻه قسم ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ٿرپارڪر جي مقبول عام 42 گيتن جا قسم بيان ڪيا ويا آهن. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سڄيءَ سنڌ مان ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي لوڪ گيتن جا صرف 15 قسم ملي سگهيا هئا، جڏهن ته رڳو ٿرپارڪر مان 42 قسمن ۽ عنوانن جا گيت دريافت ٿيا هئا. ان مان ثابت ٿيو ته سڄيءَ سنڌ ۾ ٿر جو خطو گيتن جي حوالي کان وڌيڪ شاهوڪار (rich) خطو آهي.

    جڏهن لوڪ گيت جا موضوع سوين نه پر هزارين آهن، ۽ سمورا موضوع، عورتَ، ڌرتيءَ، سماج ۽ عوامي پيشن سان لاڳاپيل آهن. عام ماڻهوءَ جا ڏک سک، جذبا، خوشيون ۽ غميون، احساس، لوڪ گيتن ۾ موجود آهن.

    ’هي گيت شروعاتي انسان جو خوشيءَ ڀريو سنگيت آهن‘، اها راءِ، شيام پرڪاش ’ڀارتيه لوڪ ساهتيه‘ ۾ ڏني آهي. انسان جو هنن گيتن سان ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين ناتو نه ٿو ٽُٽي. ٻار جي ڇٺيءَ جي خوشيءَ واري لمحي کان وٺي مرڻ جي ڏُک جا گيتَ، پارَ ۽ اوسارا سڀ گيتن جي پيٽي ۾ اچي وڃن ٿا. اها به خاطري آهي ته لوڪ گيتن جي اها روايت ان وقت تائين قائم رهڻي آهي، جيستائين انسان هن ڌرتيءَ تي موجود رهڻو آهي. آمريڪي فوڪ لورسٽ رچرڊ ڊارسن جي راءِ موجب: ”لوڪ گيت وقت جي حدبنديءَ ۾ اچي نه ٿا سگهن. اهي نديءَ جي وهڪري وانگر آهن، جن ۾ اڳيون پاڻي به آهي ته نئون پاڻي به اچي وڃي ٿو.“
    لوڪ گيت ڪنهن قوم جي فردن جي ’ذهني تاريخ‘ جو آئينو آهن، گيتن جي ٻولن ۾ ڪڏهن ڪڏهن تاريخي واقعا ۽ اهڃاڻ به ملن ٿا، جن تي تحقيق ڪري تاريخ جو سچو ۽ حقيقي چهرو ڏسي سگهجي ٿو. سنڌي لوڪ گيتن تي (جن ۾ اتر جا سرائيڪي ۽ ٿر جا ڍاٽڪي ۽ مارواڙي گيت به اچي وڃن ٿا). اسان گهري نظر وجهنداسون ته اُنهن مان اسان جي تاريخ ۽ تاريخي واقعن بابت ڪيترا اُهڃاڻ لڀندا:

    مثال:

    تـَتـِــي نــــي ٿـوٻـِــي، مـَـل گهـتـيـم جـــو پـيـڙا،
    ’ڦلنگي‘ دي صاحبي، رَنان ڪرينديان جهيڙ!
    ---
    ڇلا رنگ برنگي اي، سُنگي هيٺ ’ڦُلنگي‘ اي،
    جنهن دي ٽوپي ڏنگي اي!

    هنن لوڪ گيتن ۾ / انگريزن/ فرنگين جي سنڌ ۾ آمد جو ذڪر اچي ٿو. هي لفظ ’ڦلنگي‘، سورهين صديءَ ۾ پورچوگيزن جي آمد وقت رائج هو ۽ بعد ۾ انگريز واپارين لاءِ پڻ ڪم آندو ويو، ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ به موجود آهي.

    اُڏريان ني ڪُونجان، وڃ لٿڙيان ني کيل اي،

    ائين سنڌ ڌرتيءَ جي سمورن خطن جا گيت گڏ ڪري، جيڪڏهن تحقيق ڪئي وڃي ته هوند وڏو تحقيقي ۽ تاريخي دستاويز ۽ خزانو مرتب ٿي سگهي ٿو.

    موجوده دور ۾ لوڪ گيتن جي سهيڙ جي سلسلي ۾، ٿرپارڪر ضلعي جي تاريخي شهر چيلهار جي نوجوان محقق، ڀارو مل امراڻي، ٿر جي لوڪ گيتن بابت ’گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا‘ نالي هڪ ننڍڙو ڪتاب لکي، رائچند راٺوڙ، منگهارام اوجها، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد عثمان اديب ۽ مشتاق مٺواڻيءَ جا پير کڻي هڪ تاريخي ڪم سرانجام ڏنو آهي.

    ٿر جي نسبت سان، ’وسي ته ٿر، نه ته آهي بر‘- واري چوڻيءَ کي آڏو رکي ڏسبو ته ٿر جي گيتن جي گهڻائي ’برسات‘ بابت ملندي. ’راڻو‘، ’بادليئو‘، ’رائڌڻ ور‘، ’ورسارو‘، ’چوماسو‘، ’سانوڻ ٽيج‘، ’لمڪيان ڙي لو‘، ’خيالي گومند‘، پهرئين وسڪاري کان پوءِ ڳائجندڙ لوڪ گيت آهن. اهڙيءَ طرح ’همرچو‘ گُڏ/ ليڏاڻ ڪڍڻ يا لاباري وقت ڳائبو آهي. ’پاڻياري‘ ۽ ’هينڊامڻي‘ گيت ناريون پاڻي ڀرڻ وقت ڳائينديون آهن. ’لمڪيان ڙي لو‘ گيت ڏُٿ چونڊڻ وقت ڳائبو آهي. ’ولارو‘، ’ڍاٽيئڙو‘ وغيره لوڪ گيت مال چارڻ وقت ڳنوار ۽ ڌراڙ ڳائيندا آهن. اهڙيءَ طرح ’ڍولو‘، ’رومال‘، ’جلالو‘، ’ڪانگڙو‘ ۽ ’اوڏڻ‘ خوشيءَ جي موقعن تي کل ڀوڳ جو منظر پيش ڪندڙ گيت آهن. ’مڻهيارو‘ گيت محفلن ۾ اڪيلي توڙي گڏيل طور ڳايو ويندو آهي.

    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل ’لوڪ گيت‘ ڪتاب ۾ 42 قسمن جا ٿري لوڪ گيت موجود آهن، پر اسان جي هن نوجوان محقق ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ پنهنجي ڪتاب ’گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا‘ ۾ 14 لوڪ گيت ۽ 20 لوڪ دوها جمع ڪري، اسان جي آڏو پيش ڪيا آهن ۽ ائين ڀاروءَ لوڪ گيتن گڏ ڪرڻ واري رستي تي وک وجهه وجهي، هڪ ساراهه ۽ تحسين جوڳو ڪم ڪيو آهي. ’نينهن پبليڪيشن‘ مٺيءَ جي دوست دليپ ڪوٺاريءَ هميشه نين روايتن کي جنم ڏنو آهي. هن ٿر جي خوبصورت ۽ نمائنده شاعر سائينداد ساند جي شاعريءَ جي پهرئين خوبصورت مجموعي ’ڳوڙهن ڳالهايو‘ کان پوءِ ’گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا‘ نينهن پبليڪيشن جي ٻي پيشڪش طور ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن لاءِ دليپ ڪوٺاري جس جو مستحق آهي، جنهن هڪ اهڙي نوجوان کي سنڌ ۾ متعارف ڪرايو آهي، جنهن جي ڏات جي ٻيجڙيءَ جي تجلي جو پهريون اُهاءُ، ’گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا‘ ڪتاب آهي. اهڙيءَ طرح هن نوجوان محقق ڀارو امراڻيءَ ٻه ٻيا ڪتابڙا: هڪ ’چتر ٻولي چارڻان‘ ۽ ٻيو بانڪيداس جي دوهن تي مشتمل ’همروٿ ڇيتسي‘ لکي، سچ پچ اهو مقام حاصل ڪري ورتو آهي، جيڪو ’قاضي قادن جو ڪلام‘ دريافت ڪري، هيري ٺڪر مقام ماڻيو آهي. بانڪيداس جي هڪ ٻن خوبصورت دوهن کي، جن ۾ عمرڪوٽ جي ’لانٻي‘ سَر جو ذڪر آهي، جڏهن عبدالواحد آريسر پنهنجي ڪنهن تحرير ۾ ڪم آندو هو ته ٿري لوڪ شاعريءَ جو حسن اسان جي آڏو سورنهن ئي سينگار ڪري اچي پرگهٽ ٿيو هو. ’لانٻي‘ تلاءَ بابت اُنهن هڪ ٻن بيتن دوهن جي آڌار تي ڊاڪٽر غلام محمد لاکي هڪ تحقيقي مقالو ’تالاب عمرڪوٽ‘ لکي شايع ڪرايو هو، پر هو اُن ۾ اهي دوها شامل نه ڪري سگهيو هو، جيڪي هاڻي ڀارو امراڻيءَ ’همروٽ ڇيتسيءَ‘ ۾ شامل ڪيا آهن؛ جن ذريعي عمرڪوٽ جي تاريخ جا نوان گوشا ظاهر ٿيا آهن.

    ڀارو امراڻي، پنهنجي پهرينءَ مختصر تحقيق ’گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا‘ ۾ جتي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪتاب ’لوڪ گيت‘ ۾ موجود گيتن جي قسمن مان ’پڻهياري‘ (پڻياري)، ’ڍولي‘ ۽ ’ٽيج‘- جا نوان مثال/ گيت پيش ڪيا آهن، اتي هن گيتن جا ڪجهه نوان قسم به ڏنا آهن، جن ۾: ’راسوڙو‘، ’پڌارو‘، ’مهندي‘، ’امراڻو‘، ’گهنگهور‘، ’ڪيوڙو‘، ’سانڀو‘، ’موريو‘ ۽ ’پئيو‘ اچي وڃن ٿا. گيتن جو هڪ قسم ’ڀئيو‘ بلوچ صاحب واري ’لوڪ گيت‘ ڪتاب ۾ به موجود آهي، ۽ ڀارومل جو پيش ڪيل ’پئيو‘ ساڳيو آهي يا نه، ان تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، ڇو ته ’ڀئيو‘ ڀاءُ کي مخاطب ٿيل گيت آهي، جڏهن ته ’پئيو‘ پريتم کي مخاطب ٿيل گيت آهي.

    هيٺ ’جوڌيي‘، ’وڻجاري‘، ’ڏهوڪي‘ ۽ ’مڻهياري‘ گيتن جون ڪجهه سٽون ٿري لوڪ گيتن جي حُسن ۽ انهن ۾ سمايل مقصد ۽ معنيٰ جي سونهن محسوس ڪرڻ لاءِ پيش ڪجن ٿيون:

    جوڌيو: جوڌيا مارو ڙي، مين امراڻي ري مارگي
    (اي جوڌيا مارو! آءٌ امرڪوٽ جي واٽ تي آهيان.)
    جوڌيا، مين مروئو روپيو ڙي!
    جوڌيا! مون (تنهنجي آجيان لاءِ) نازبوءِ جا ٻوٽا پوکي ڇڏيا آهن.)

    وڻجارو: ٿلهي مٿي پپر ڙي، جڪي رِي ڇايا ۾ ٻيٺا مور،
    هاءِ! وڻجارو بالم ري!
    (گهر جي ٿلهي تي پپر جو وڻ آهي، جنهن جي ڇانوَ ۾ مور بيٺا آهن،
    افسوس! منهنجو بالم وڻجارو آهي.)

    ڏهوڪو: ڏهوڪي مارو ڏو، جي ٿي ڀاجان ته ڪُر ٿي لاجان.
    (مارو ڏهوڪو ڏي، جي آءٌ ڀَڄان ٿي ته ڄڻ ڪُر لڄايان.)

    مڻهيارو: سنڌڙي ري مارگي، اُڏتي جائي کيهه
    (سنڌڙيءَ جي واٽ تي، کيهه اُڏامندي وڃي.)

    ڀارو امراڻيءَ جي ڪتاب ’گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا‘ ۾ شامل گيتن جو مطالعو ڪندي، اسان جي سنڌ جي وڏي اديب ۽ مٺيءَ جي مڻهيار، سائين ولي رام ولڀ، ’ڀارومل امراڻيءَ‘ کي سنڌ جو ’دويندر ستيارٿي‘ سڏيو آهي، جنهن لوڪ گيتن گڏ ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو آهي. ڀارو مل امراڻيءَ جو هي ڪتابڙو بيشڪ ننڍڙو آهي، پر پنهنجي وجود ۾ هڪ وسيع ڪائنات ۽ نهايت ڪشادو پسمنظر رکي ٿو.[/JUSTIFY]

    روزانه عبرت جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو