السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاتہ دوستو، آئون اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته منهنجي هڪڙي سڄڻ ’راجا اڪرام‘ منهنجي دعوت تي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪيو آهي. آئون پنهنجي هن نئين ميمبر کي سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار چوان ٿو. راجا صاحب سان منهنجي ڪا باضابطه ملاقات ته نه آهي، البته کانئس ملاقات هڪڙي اردو فورم تي ٿي، جتي سنڌي سيڪشن ۾ مون سندس هڪڙي سنڌي تحرير اردو ڪي بورڊ تي ٽائپ ٿيل پڙهي. منهنجي عرض ڪرڻ تي پاڻ استفسار ڪيائون ته مون کي سنڌي لکڻ نٿي اچي.... مون کيس سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ جي دعوت ڏني، جنهن کي پاڻ خوشيءَ سان قبول ڪيائون ۽ انهيءَ ڏينهن سنڌ سلامت تي رجسٽر ٿي مون کي اطلاع ڪيائون.... راجا صاحب جون لکڻيون تمام سٺيون آهن، مون راجا صاحب جي لکڻين ۾ سنجيدگي محسوس ڪئي. اميد آهي ته راجا صاحب سنڌ سلامت جي ساٿين کي به پنهنجين بهترين لکڻين سان سرفراز فرمائيندا. البته ابتدائي طور تي سائينءَ سان سنڌي لکڻ جو مسئلو آهي. اميد ته دوست انهيءَ سلسلي ۾ سندس رهنمائي ڪندا. آئون هڪڙو ڀيرو وري به راجا اڪرام کي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي سموري سٿ پاران ڀليڪار چوان ٿو ۽ کانئس گذارش ڪريان ٿو ته ”تعارف“ واري سيڪشن ۾ پنهنجو تعارف ڪرائين ته جيئن اسان توهان جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ ڄاڻي سگهون. آخر ۾ سائينءَ جو اهو آخري پيغام هتي شيئر ڪيان ٿو، جنهن ذريعي سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ جو اطلاع ڏنائون. السلام علیکم و رحمۃ اللہ سائیں اوھان جی حکم موجب مون فورم جوائن کری چھڈیو آھی بس دعا کیو تہ سندھی لکن اچی ونجی۔ دعاون جی درخواست آھی راجا اکرام
سبحان الله ادا ابو زين توهان جي محنت تمام لاجواب آهي زبردست ادا راجا اڪرام ڪٿي راجا صاحب جي نالي سان ته ناهي راجا اڪرام کي اسان سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار چئون ٿا ويلڪم راجا صاحب ويلڪم