راجا اڪرام کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2009۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاتہ

    دوستو، آئون اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته منهنجي هڪڙي سڄڻ ’راجا اڪرام‘ منهنجي دعوت تي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪيو آهي. آئون پنهنجي هن نئين ميمبر کي سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار چوان ٿو. راجا صاحب سان منهنجي ڪا باضابطه ملاقات ته نه آهي، البته کانئس ملاقات هڪڙي اردو فورم تي ٿي، جتي سنڌي سيڪشن ۾ مون سندس هڪڙي سنڌي تحرير اردو ڪي بورڊ تي ٽائپ ٿيل پڙهي. منهنجي عرض ڪرڻ تي پاڻ استفسار ڪيائون ته مون کي سنڌي لکڻ نٿي اچي.... مون کيس سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ جي دعوت ڏني، جنهن کي پاڻ خوشيءَ سان قبول ڪيائون ۽ انهيءَ ڏينهن سنڌ سلامت تي رجسٽر ٿي مون کي اطلاع ڪيائون....

    راجا صاحب جون لکڻيون تمام سٺيون آهن، مون راجا صاحب جي لکڻين ۾ سنجيدگي محسوس ڪئي. اميد آهي ته راجا صاحب سنڌ سلامت جي ساٿين کي به پنهنجين بهترين لکڻين سان سرفراز فرمائيندا.

    البته ابتدائي طور تي سائينءَ سان سنڌي لکڻ جو مسئلو آهي. اميد ته دوست انهيءَ سلسلي ۾ سندس رهنمائي ڪندا.

    آئون هڪڙو ڀيرو وري به راجا اڪرام کي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي سموري سٿ پاران ڀليڪار چوان ٿو ۽ کانئس گذارش ڪريان ٿو ته ”تعارف“ واري سيڪشن ۾ پنهنجو تعارف ڪرائين ته جيئن اسان توهان جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ ڄاڻي سگهون.

    آخر ۾ سائينءَ جو اهو آخري پيغام هتي شيئر ڪيان ٿو، جنهن ذريعي سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ جو اطلاع ڏنائون.

    السلام علیکم و رحمۃ اللہ
    سائیں اوھان جی حکم موجب مون فورم جوائن کری چھڈیو آھی
    بس دعا کیو تہ سندھی لکن اچی ونجی۔

    دعاون جی درخواست آھی
    راجا اکرام



     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سبحان الله ادا ابو زين
    توهان جي محنت تمام لاجواب آهي
    زبردست ادا
    راجا اڪرام ڪٿي راجا صاحب جي نالي سان ته ناهي

    راجا اڪرام کي اسان سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار چئون ٿا

    ويلڪم راجا صاحب ويلڪم
     
  3. راجااڪرام

    راجااڪرام
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اوهان ڀائرن جوقرب آهي
    اهو ڪڏهن نه ويساربو

    انشاءاللہ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو