• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تعارف

علي رضا جوکيو

سينيئر رڪن
مون جو نالو علي رضا جوکيو۔ مان روشنين جي شهر ڪراچي جي ٻهراڙي گڏاپ جو رهواسين آهيان۔ ٿعليم انٽر ڪم ۽ ڌنڌو هڪ سماجي تنظيم هلائي رهيان آهيون۔ جنهن ۾ ڪراچي جا ڌورا ڏور ڳوٺن ۾ علم جي روشني فيلائڻ لا۽ ڪوشا آهيون۔ هن وقت ڪنهن اداري جي تعاون سان اسڪول هلائي رهيان آهيون۔ اميد آهي ته سٺي ۽ مهياري تعليم ڏئڻ لا۽ ڪوشش جاري ۽ ساري رکبي
 
جواب: تعارف

پيارا علي رضا سائين توهان سنڌين جي خدمت ڪرڻ واري ھڪ تنظيم ۾ ڪم ڪري سنڌ کي پيا سينگاريو تمام بهترين پيارا توهان کي هن پياري اڱڻ تي ڏسي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آھي، اميد ته توهان اسان پنهنجي ليکن مان تمام سٺي ڄاڻ ڏيندا ۽ هتان جي سڃاڻ دوستن جا ليک پڙھي توهان پڻ معلومات حاصل ڪندا، ڀليڪار پيارا
 
جواب: تعارف

ادا علي رضا توهان کي هن سنڌي محفل ۾ ڀلي ڪار ٿا چئون۔ توهان هڪ بهترين ڪم ڪري رهيا آهيو۔ تعليم ڏيڻ هڪ تمام ڀلو ڪم آهي۔ اسان جي دعا آهي ته اوهان سٺي ۽ معياري تعليم ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪريو۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: تعارف

ادا علي رضا جوکيو صاحب توهانکي هن محبتي ميڙاڪي ۾ ڀليڪار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڀلو ڪم پيا ڪريو الله سائين توهان کي ان جو اجر ڏيندو
skxsev.jpg
[/CENTER][/IMG]
 
جواب: تعارف

ادا علي رضا جوکيو صاحب اسلام عليڪم۔سنڌ سلامت جي اڱڻ اچڻ تي اوهان کي ڀليڪار ٿا چئون۔ اسان ۽ سنڌ سلامت جو سمورو سٿ اوهان سان ٻانهن ٻيلي ٿيندو هر ان ڪم ۾ ، هر ان عمل ۾ جنهن ۾ سنڌ جي ڀلائي هوندي۔توهان اڳ ۾ ئي هڪ اين جئو جي مدد سان سنڌي سٻاجهڙن ۾ تعليم جهڙي روشني پکيڙي رهيا آهيو۔الله پاڪ اوهان جي لاء تعليم ڏيڻ جي شعبي ۾ آسانيون پيدا ڪندو۔توهان جي ڄاڻن سان ڀريل ليکن جو انتظار رهندو۔هميشه خوش رهو۔
 
جواب: تعارف

محترم دوست علي رضا جوکيو صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون

تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔

گڏاپ ڪراچي جو خوبصورت علائقو آهي، جيڪو باغن، ڀاڄين ۽ وڻن سان سجايل آهي۔ گڏاپ ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ لاء ڪوششون ضروري آهن۔ اوهان جي ڪم جي ساراهه ڪجي ٿي۔ هڪ ٻي خوشي جي ڳالهه آهي جو تازو سنڌ حڪومت پبلڪ اسڪول گڏاپ کي سنڌ گريجوئيٽس جي حوالي ڪيو آهي ۽ اها اميد آهي ته گڏاپ جو اهو اسڪول ۽ ڪاليج يقينن ڪيڊت ڪاليجز جي معيار جهڙو هوندو۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

5cxhdd.jpg
 
سڀني سڄڻ جي همٿ افزائي ڪرڻ تي لک لک ٿورا جن اسان ناچيز کي اهڙن لفظن سان ياد ڪيو جن جا اسان ته لائق نه آهيون پر جن دوستن اسان کي اهو لفظ وتا وريا آهن اهو مون لا نه آهن پر اهو سنڌ سان محبت جو ثبوت آ الله اوهان کي اها محبت سنڌ تان حيات زنده رکي ۽ آئون سڀني کي نماڻو عرض رکندس ته مون جي سنڌ جي پارت هجي واڳو وڏا وات فاڙي ويٺا آهن انهن کان منهنجي سنڌ کي بچائجو ۔۔۔۔۔اوهان جو ۽ غلام سنڌ علي رضا جوکيو
 
علي رضا جوکيو ادڙا! ڏاڍو مُتاثر پيا ڪريو، خوشي پئي ٿئي ته ٻهراڙي پو چاهي اُها شهرن جي ويجهڙائي واري هُجي يا ڏور وارا، دوست علم، سمجي ڪمن لا ميدان تي اچڻ پاڻ پتوڙين ٿا۔ ڀا۔۔ ننڍڙا جي مُهنجي لاا ڪو حڪم، ڪنهن عملي مدد جي ضرورت هُجي ته حاظر رهندُس۔ بس رابطو ڪريو
فيس بوڪ تي نالي سان (عبدالرزاق ميمڻ) يا ڪرت سان (سنڌميڊيا ساليوُوڊ)
 
Back
Top