• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ۽ بلوچ قوم رومال ۾ ويڙهيل پنهنجن يا پراون جهمور دُشمنن کي سُڃاڻي ٿي

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سنڌي ۽ بلوچ قوم رومال ۾ ويڙهيل پنهنجن يا پراون جهمور دُشمنن کي سُڃاڻي ٿي
سنڌي آرٽيسٽس ويلفيئير ايسوسيئيشن (ساوا)، سڌي ميڊيا(ساليوُوڊ)، ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) سنڌ ۽ ٿنڪ ٽيم، شهيدان جهموريت ۽ پنهنجي محبوب سچي عوامي ليڊر شهيد راڻي مُحترمه بينظير ڀُٽو کي سنس هن 4 ورسيءَ جي موقعي تي خراج تحسين پيش ٿي ڪري ۽ ڀُٽو جاندان جي جهموريت لاءِ قُربانين کي ياد رکندي هن ورسيءَ جي موقعي تي وري عهد ٿي ڪري ته سندن غريب عوام ۽ جهموريت لاءِ سيکاريل ۽ ڏنل مشن کي تا حيات ياد رکندي جاري و ساري ڪيو ويندو ۽ جهموريت دُشمنن اسٽيبلشمينٽ، اشرافيه، بيوروڪريسي، راشي ڪامورا شاهي، نام نهاد وڏيرن، جاگيردارن ، ڊڪٽيٽرن، ملعونن ۽ انهن جي پيروڪارن تي چاهي هو ڪهڙي به خوبصورت رُوپ ۽ نعرن سان نيون نيون پارٽيون يا قيادتون تبديل ڪري اچن هر وقت لعنت جو ورد ڪيو ويندو چاهي اُهي پنهنن مان هُجن يا ڌارين مان. سنڌ ۽ بلوچ عوام بلخصوص خاص انهن مدارين جي ڪرتبن کان واقف آهي ۽ دوکو نٿو کائي سگهي ۽ ڄاڻي ٿو ته انهن جي پُٺيان جهموريت دُشمن اسٽيبلشمينٽ، ايجنسيون، ڏٺل ۽ سُڃاتل بيوفا ۽ پارٽيو بدلائي قوم جي نظرين جو سودو ڪندڙ آهن. بيشڪ ڀُٽو شهيدن جي دُنياوي شهادت ته ٿي چُڪي آهي پر سندن هي سنڌي ۽ بلوچ حقيقي جيالا سندن جُدائيءَ جو درد رکن ٿا پوءِ چاهي بظاهر هو ڪن شخصيتن جي ذاتي مخالفت ڪري ڪهڙي به قوم پرست پارٽين ۾ هُجن ۽ جانثار به چاهي ڪهڙي قوم، فرقي، مذهب، خاندان، عقيدي، جهموري پارٽين ، قوم پرست پارٽين يا زبان، صوبي جا هُجن مُحترمه سان انتهائي عقيدت رکن ٿا جيڪا جاري و ساري رهندي. ۽ محترمه جي ان نعري مان ته ” ڪتني ڀٽو مارو گي، گهر گهر سي ڀُٽو نڪلي گا“ ڪفن شهادت پائي جهموريت دُشمن قوتن ۽ ادارن سان هر وقت مُنهن مقابلي تيار آهن، جيسين ڪه انهن دُشمن قوتن جي هٿان شهادت جي رُتبي تي نه رسن. سنڌي ۽ بلوچ غيرت مند قوم جي قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هوندو آهي ۽ هو جهمور (عوام)، انهن جي منتخب نمائندن (پارليمينٽ) ۽ انهن نمائندن جي ليجسليشن (آئين) کي ئي افضل سمجهي ٿي ۽ بهترين تشريح ڪندڙ به اُهي ئي آهن جيڪي هن قانون کي سوچي، سمجهي جوڙين ٿا ۽ نه ڪه ٻيا ادارا، چاهي ڪيڏا معتبر ۽ طاقتور ڇو نه هُجن اُهي جهمور جي تابع آهن ۽ هر فيصلو جهمور جو آهي جيڪي بُک، ٽارچر، مُصيبتون ، تڪليفو، شهادتون ۽ مهنگائي جهيلي پنهنجو آئين ٺاهين ٿا ۽ انهن ئي آئين جا پابند آهن جيستائين ڪه جهمورت جا نمائندا اُن کي پاڻ ۾ اختلاف يا دُنيا جي تبديلين جي ڪري 3 ڀاڱي 4 حصي سان تبديل نٿا ڪن ۽ ڪي به ميڊيا جا مداري ۽ جهموريت دُشمن جُيوڊيشري جيڪا پيلي صحافت جا پيروڪار يا آءِ جي آءِ جا بانين کي کڻي هلي ٿي جا انڪاري آهن، انصاف سڀني لاءَ هڪ جهڙو ۽ نظر اچي ۽ صرف پنجاب ۽ جهادين يا ان جي پيروڪارن لاءِ لاءِ نه هُجي ۽ انصاف آخر ۾ پنهنجي فيصلي ۾ هُجي نه ڪه ميڊيا جي تبصرن تي ڪيل، پاڪستان جو جهموري عوام ۽ شهيدن جا پيروڪار صرف ان انصاف کي مڃن ٿا. اي شهيدان جهموريت توتي لک لک سلام.
شهيدانِ جهموريت تي لکين سُرخ سلام
جهموريت جي دُشمنن ۽قاتلن تي لک لعنتون
 
Back
Top