• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

نثارابڙو

نائب منتظم
انا لله وانا اليه راجعون

اسين پنهنجي مور دوست، سنڌ جي سڄڻ ۽ عاشق، سنڌي ادب سان چاهه رکندڙ، سنڌي اديبن، شاعرن کي مان ڏيندڙ دوست سليمان وساڻ جي والد صاحب جي اچانڪ موت تي انتهائي ڏکائتا آهيون، مون لئه هيءَ خبر وڄ ڪرڻ جي برابر آهي ڇاڪاڻ سليمان وساڻ مونکي پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ جيئان آهي ...

بابا سائينءَ سان منهنجي ملاقات تازو ئي سليمان جي شاديءَ کان ٻه ڏينهن اڳ سندس ڳوٺ ۾ ٿي هئي ۔۔۔ بابا پنهنجن هٿن سان مونکي چاهيون پياريون، مانيون کارايون ۽ ساڻس ڪي پهر ويهي ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو ۔۔۔ يا نصيب ۔۔۔

مون بابا سان جڏهن سليمان جي تعريف ڪئي ۽ ساڻس مخاطب ٿيندي چيو، ” بابا! تو اسانکي هيرن جهڙو پٽ ڏنو آهي ته چيائين ”بيشڪ سليمان هيرو آهي پر منهنجا ٻئي پٽ هيرا آهن، هي پٽ شهر سنڀالي ۽ هو ننڍو مونسان ڳوٺ ۾ ٻانهن ٻيلي آهي ... انڪري منهنجي نظر ۾ ٻئي هيرا آهن ....“

ان وقت سندس طبيعت تمام سٺي هئي ۽ هشاش بشاش ٿي لڳو، شايد گهر ۾ هڪ نه، ٻه نه، ٿيندڙ چار چار شادين جي خوشيءَ ۾ هيو ۔۔۔

هاءِ ڙي موت! تون، اوچتو ئي اوچتو اهڙا مانجهي مڙس اسانکان جدا ڪرين ٿو ۔۔۔

سنڌ سلامت جا سڀئي دوست، سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت جي هن خانداني ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن ۔۔۔

موت ناهي مهڻو ۔۔۔ موت هڪ رستو آهي پنهنجي خالق حقيقيءِ سان ملڻ جو ۔۔۔

”الست بربڪم“، جڏهن ڪن پيوم،
”قالو بليٰ“قلب سين، تڏهن تت چيوم،
تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙيهيچن سين۔

رب العالمين بابا سائينءَ کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري ۽ اسانجي پياري دوست سليمان سميت پوري گهراڻي کي ان ڏک کي برداشت ڪرڻ جي توفيق ۽ صبر عطا ڪري ... آمين
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

انا لله وانا اليه راجعون ۔۔۔
سليمان وساڻ صاحب سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعاڳو آهيون ته
رب پاڪ شال جنت الفردوس ۾ جا عطا فرمائي
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

انا لله وانا اليه راجعون اسان جي سھڻي دوست جو والد صاحب وفات ڪري ويو اسان سائين جن جي غم ۾ برابر جا شريڪ آھيون
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

رب پاڪ کان دعا آھي ته بابا جن جي بخشش فرمائي کسن جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي، ۽ سندن پوئنرن کي صبر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين،
اسان سڀ ادا سليمان جي والد صاحب جن جي اوچتي وڇوڙي تي سندن ڏُک ۾ بربر جا شريڪ آھيون
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

اسان برابر غم ۾ شريڪ آهيون۔الله جنت ۾ جا عطا ڪريس
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

انا لله وانا اليه راجعون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اسان سڀ ادا سليمان جي والد صاحب جن جي اوچتي وڇوڙي تي سندن ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آھيون ۔۔۔۔۔۔۔ الله سائين کين صبر عطا فرمائي
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

انا لله وانا اليه راجعون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اسان سڀ ڀا سليمان جي والد صاحب جن جي اوچتي وڇوڙي تي سندن ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آھيون ۔۔۔۔۔۔۔ الله سائين کين صبر عطا فرمائي ۽
رب پاڪ کان دعا آھي ته بابا سائين جن جي بخشش فرمائي کين جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي، آمين
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

ادا سليمان وساڻ جي فادر جي وڇوڙي تي برار ڏوک ۾ شريڪ آهيون رب پاڪ کان دعا آھي ته بابا جن جي بخشش فرمائي کسن جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

انا لله وانا اليه راجعون۔
الله تعالا در دعاء آهي ته کين جنت الفردوس نصيب فرمائي۔
ادا سليمان حڪم الله جو۔
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

انا لله وانا اليه راجعون ۔
اسين بابا سائين جي وفات تي ادا سليمان ء ان جي گهر ڀاتين سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

تمام گهڻو ڏک ۽ دلي صدمو پهتو آهي۔۔۔ ادو سليمان اسان جي ڀائرن وانگر آهي۔۔ اسان دل جي گهرائين سان دعاگو آهيون ته الله اسان جي دوست جي پياري مرحوم والد جي مغفرت ڪري ۽ کيس پنهنجي محبوب هستين (محمد و آل محمد صلي الله عليه وآله وسلم) جي ڪچهري نصيب ڪري۔۔۔ نوڪريءَ جي سختين جي ڪري ٻه ڏينهن انٽرنيٽ تي ويهڻ نه ٿيو ۽ اڄ جڏهن هينئر ويٺس ته هي غمناڪ خبر دل تي ڏکي گذري۔۔۔ 2011 جو سال ويندي ويندي اسان جي پياري دوست کي اهڙو ڏک ڀريل صدمو ڏئي ويو۔۔۔ يا الله ! منهنجي هن عزت ۽ مان واري دوست کي هي صدمو سهڻ جي توفيق ڏي۔۔
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

انا لله وانا اليه راجعون الله تعالا در دعا آهي ته کين جنت الفردوس نصيب فرمائي۔
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

انا لله و انا اليه راجعون
چوندا آهين موت حقيقت آهي هي دنيا فاني آهي ۽ ان رستي تي هر ڪنهن کي هلڻو آهي پر پهنجي قريبن ۽ اهڙي ماڻهون جو اچانڪ اسان کي ڇڏي وڃن يقنن صدمي دار هوندو آهي ادي سليمان جي والد صاحب جي وفات جي خبر ادي صغير جتوئي جن مون کي فون ڪري ٻڌائي خبر ٻڌي ڪري تمام گهڻو ڏک ٿيو مون ادي سليمان کي فورن فون ڪئي پر شايد ادي جن فون اٽٽينڊ نه ڪري سگهيا ادي جن سان اسان سنڌ سلامت جي پوري ٽيم طرفان انهن جي والد محترم جي وفات تي تعزيت پيش ڪيون ٿا ۽ انهن سان انهن جي ان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيو ان دعا سان ته رب پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳه عطا فرمائي ۽ انهن جي پوئلڳن کي صبر جميل عطا فرمائي آمين
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

انا لله وانا اليه راجعون

ابڙي صاحب چواڻي ته موت ناهي مهڻو

انتهائي ڏک ۽ صدمي واري خبر پڙهي ڪري اصل شاڪ لڳو

الله تعالي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلي درجي جي جڳه عطا ڪري

اسان سنڌ سلامت فورم جي انتظاميه طرفان سائين سليمان وساڻ صاحب سان هن ڏکي وقت ۾ برابر جا شريڪ آهيون

الله تعالي مرحوم جي پونيئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي


آمين

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

انتهائي ڏکويل خبر صبح ساڻ ئي پئي ۔۔۔ بيشڪ هر ساهه واري کي موت جو ذائقو چکڻو آهي۔۔ اسان جا وڏا ان ذائقي مان سيراب ٿي چڪا ۽ وقت رڪندو ناهي۔۔ اهڙي مرحلي جي اچڻ کان اڳ اسان کي به ان پار جي تياري ڪرڻ گهرجي۔۔۔
والدين الله تعالى طرفان عطا ڪيل نعمتن مان افضل نعمت هوندا آهن۔۔ جيسين زنده هوندا آهن۔۔ پنهنجو حوصلو گهٽبو ناهي۔۔ ڇو ته هر ان مرحلي تي جتي اسان جو عقل ۽ سوچ فيصلو ڪرڻ ۾ ڍر ڪندي آهي ۔۔۔ اسان جا والدين پنهنجي تجربي ۽ اسان سان چاهه ڪري فيصلو تڪڙو ۽ درست ڪري پاڻ کي مسئلن کان پري ڪري ڇڏيندا آهن۔۔
والدين حيات هجن ته ذميواريون گهٽ محسوس ٿينديون آهن پر انهن جي رهلت سان اسان جي اندر جو هڪ حصو جهڙوڪ جهري ڪري پوندو آهي۔۔ سندن يادن، محبتن ۽ سندن احسانن احساس پاڻ کي به زندگي کان ڏور وٺي ويندا آهن ۔۔ پر دوستو اها ئي زندگي آهي۔۔ اسان کي پنهنجي جذبن، احساسن، ڏکن ۽ سورن سان ثابت قدم رهڻو هوندو آهي جو اهائي حقيقت ۽ زندگي آهي۔۔۔
نيڪ ۽ صالح اولاد والدين جي لاءِ صدقه جاريه هوندو آهي۔۔ اهڙو اولاد هميشه پنهنجي والدين جي ڌڻي در دعاگو رهندو آهي۔۔۔ يقينن اهڙي اولاد جي دعائن جو ثمر والدين کي تا قيامت ملندو رهندو آهي۔۔۔ بس اسان کي هر وقت رب پاڪ اڳيان پنهنجي والدين جي بخشش لاءِ دعاگو رهڻ گهرجي۔۔۔

ادا سليمان وساڻ اسان لاءِ ڀائرن جهڙو دوست آهي۔۔۔ سندس هن ڏک ۾ سموري سنگت، سنڌ سلامت سٿ ۽ آ ساڳي پيڙاء پيو محسوس ڪريان ۔۔ ڌڻي در دعا آهي ته اسان جي دوست جي والدِ محترم کي پنهنجي نيڪ ۽ صالح ٻانهن ساڻ رکي ۽ کين جنت الفردوس ۾ مقام عطا فرمائي۔۔۔ ۽ دوست سليمان جي ڏک کي صبر ۾ تبديل فرمائي ۽ کين حوصلو عطا ڪري ته جيئن مرحوم طرفان ڇڏيل سموريون ذميداريون احسن طريقي سان ادا ڪري سگهي۔۔۔ (آمين)
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

تمام ڏُک واري ۽ افسوسناڪ خبر آ ، الله پاڪ ادا محمد سليمان وساڻ کي صبر جي توفيق عطا فرمائي۔ ۽ مالڪ ڪريم سندس جي والد جي مغفرت فرمائي ڪري جنت ۾ بلند مقام عطا فرمائي۔ اسان سندس جي غم ۾ برابر شريڪ آهيون۔ ادا جيڪو حُڪم الله پاڪ جو۔
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔


انا لله وانا اليه راجعون
ادا سليمان وساڻ ۔نه رڳو هن اڳڻ جي محفل جو مور آهي پر پنهنجي خداد صلاحيتين جي ڪري اسان سڀني جي دلين جي تمام گهڻو ويٍجهو آهي ۔هو اسان سان هڪ محبت جي ڪٽنب ۾ جڙيل آهي۔انهن جي والد جو شفقت ڀريل سئايو جيڪو هنن جي سر تي قائم هو هن فاني دنيا مان وڇڙو ڪري اصلي ماڳ ڏانهن روانه ٿئي ويو آهي۔ڪاله تائين ادا سليمان ان محبت ڀريل شخص جي سلامتي لاء دعائون گهرائي رهيا هئا ۽ اڄ هو اسان ۾ نه رهيا۔هاڙي موت تو ڪيڏا پيارا ڀريا مقدس بزرگ کي اسان کان پري ڪري ڇڏيو۔هر نفس کي موت جو ذائقه چکڻو آهي، کان ڪنهن به ذي الشعور انسان کي اختلاف نه آهي ،پر جڏهن به ڪو پيار ڀريو مائٽ اسان کان جدا ٿيندو آهي ته ان جو ڏک ڪافي وقت تائين اسان جي زندگي ۾ رهندو آهي۔ادا سليمان صاحب توهان سان هن ڏک واري ٽائيم ۾ سنڌ سلامت جا سڀ ميمبر تن ۽ من سان گڏ آهن۔توهان پاڻ کي اڪيلو نه محسوس ڪندا۔الله سائين اوهان کي صبر جميل عطا فرمائيندو۔بابا سائين کي الله سائين ڪروٽ ڪروٽ جنت ۾ جڳه ڏيندا۔قبر جي سختين کان بچائيندا۔انهن جي قبر کي جنت جي باغ مان هڪ باغ ٺاهيندا۔انهن جي قبر ۾ جنت جي طرف جي دري کوليندا۔انهن تي جهنم جي باه حرام ڪندا۔آمين۔ آ
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

ادا سليمان وساڻ جي والد جي وفات تي اسان دل جي گهرائين سان پنهنجي ڏک جو اظهار ٿا ڪيون ۽ الله سبحان التعالئ کان دعا ٿا گهرون ته مرحوم لاء قبر ۾ آسانيون پيدا ڪري۔قبر جي عذاب کان پنهنجي پناه ۾ رکي۔جنت ۾ جڳهه ڏئي ۽ انهن جي پونئيرن کي صبر عطا فرمائي آمين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔*** انا لله وانا اليه راجعون***
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

انا لله وانا اليه راجعون۔
محترم پياري ڀاء محمد سليمان جن جي والد صاحب جن جي وصال جي خبر هر دوست کي صدمون رسايو سندن ڏک ۾ اسان سڀ برابر جا شريڪ آهيون موت ته برحق آهي هڪ نه هڪ ڏينهن اچڻو آهي اسان به آخر هن جهان کي ڇڏينداسين ليڪن پنهنجي مٽ مائٽ جو وڇوڙوبالڪل جهوري وجهندو آهي ۽ اهڙي صدمي تي صبر کان سواء ڪو چارو به نه آهي . الله رب العزة کان دعا آهي ته پاڻ ڪريم رب سائين جن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي ۽ مرحوم کي جنت ۾ اعلي مقام عطا فرمائي آمين.
 
جواب: ڏک واري خبر ۔۔۔ سليمان وساڻ جي والد بزرگوار جي اچانڪ موت جي ۔۔۔

إن لله ما أخذ و لله ما أعطى وكل شيء عنده إلى أجل مسمى
بيشڪ ڌڻي جي ڏنل شي هئي، جيڪا هن واپس ورتي آهي۔ وٽس ئي هر شي جو مقرر وقت لکيل آهي۔

ادا! سليمان! بابا سائين جي وڇوڙي تي دلي صدمو رسيو۔ ڌڻي سڳورو اوهان کي صبر ڪرڻ جي همت عطا فرمائي۔ ڪنهن حديث شريف جو مفهوم آهي ته ”موت هڪ پُل آهي، جيڪا هڪڙي حبيب کي ٻئي حبيب سان ملائيندي آهي۔ سو ادا! بابا سائين بيشڪ اسان کان وڇڙي ته ويو آهي، پر يقينا پنهنجي حبيب سان وڃي ضرور مليو هوندو۔ هاڻي باقي اسان جو فرض آهي ته سندس مغفرت ۽ بخشش لا مستقل طور دعائون گهرندا رهون۔
 
Back
Top