بش کان چدم برم تائين جوتي جو سفر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    وحيد گُل ميمڻ

    ڪنهن سياسي اڳواڻ کي پريس ڪانفرنس دوران يا هونئن ئي ڪنهن مٿي ڦريل صحافي هٿان جوتا لڳڻ وارن واقعن جي تاريخ ڪا گهڻي پراڻي ناهي بلڪه اها ويجهي ماضي جي ڪهاڻي آهي، دنيا تي حڪمراني ڪندڙ ۽ عالمي امداد مان ٿورو گهڻو حصو حاصل ڪندڙ ملڪن تي پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا مڙهيندڙ آمريڪا جهڙي سپر پاور ملڪ جو صدر بش به ان وقت سڄي دنيا ۾ لائيو ڏٺي

    ويندڙ پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران ڏاڍو ککو ٻکو ٿيو جڏهن بغداد ۾ مٿس عراقي صحافي منتظر الزيدي جوتا اڇلايا. اها ٻي ڳالهه آهي ته صدر بش هيٺ جهڪي ٻئي جوتا گُسائي ورتا پر اهو واقعو ڪو ائين آيو ويو ثابت نه ٿيو، منتظر الزيدي کي جتي گرفتار ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، اتي ئي سندس جوتي جي خريداري لاءِ ماڻهن وڏي رقم جي آڇ ڪئي ۽ ڪجهه ڇوڪرين ته منتظر الزيدي سان شاديءَ جي خواهش به ظاهر ڪئي. منتظر الزيديءَ جي انهي جوتي هڻڻ واري عمل جو اهو نتيجو نڪتو ته صدر بش جڏهن ڪابل پهتو ته سندس پريس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ صحافين کان جوتا لهرايا ويا.

    صدر بش کانپوءِ چيني وزيراعظم ويان جيا بائو سان به اهڙو واقعو پيش آيو جنهن کي برطانيا جي ڪيمبريج يونيورسٽي ۾ آمد تي جوتو هنيو ته نه ويو پر کيس پري کان جوتو ڏيکاري اهو ٻڌايو ويو ته اها سندس آجيان آهي. چيني وزيراعظم کان پوءِ هاڻي ڀارتي گهرو وزير چدم برم سان اهڙو واقعو پيش آيو آهي. چدم برم جي پريس ڪانفرنس دوران هڪ ٽي وي چينل سان لاڳاپيل صحافي جرنيل سنگهه کيس جوتو اڇلائي هنيو پر جرنيل سنگهه جي اڇلايل انهي جوتي مان ائين لڳي ٿو ته سندس نشانو گهڻي حد تائين درست ناهي جو چدم برم کي اهو گُسائڻ لاءِ ڪنهن به چُرپر (Moving) جي ضرورت نه پئي، بلڪه جوتو پاڻ سندس پاسي مان گذري ويو ۽ چدم برم مسڪرائيندو رهيو، ڀارتي گهرو وزير جي مُک تي ان وقت آيل مسڪراهٽ جرنيل سنگهه جي نشاني تي هئي يا سندس انداز تي يا وري اهو ٻاهريون ڏيکاءُ هو. بهرحال اها ڪا سٺي روايت ناهي ۽ ڀارت جي اڪثر ڌرين ان تي افسوس ظاهر ڪيو آهي، چدم برم کي جوتو هڻندڙ صحافي جو چوڻ آهي ته سندس سوال جو جواب نه ڏيڻ تي کيس ڪاوڙ آئي، جنهن سبب هُن اهڙو قدم کنيو.

    جوتا هڻڻ واري انهي ويجهي ماضي جي تاريخ جو ذڪر اتي ئي ختم نٿو ٿئي پر اڃا ڪجهه اهڙا واقعا آهن جن جو پاڻ هتي ذڪر ڪنداسين ۽ پوءِ اڳتي وڌنداسين، ايراني صدر محمود احمدي نزاد تي به هڪ ڀيري ريليءَ دوران جوتو اڇلايو ويو هو ۽ سوئيڊن جي گادي واري شهر اسٽاڪ هوم ۾ پڻ اسرائيلي سفير بيني دگان کي هڪ ليڪچر دوران جوتو هنيو ويو، اسرائيلي سفير کي لڳل انهي جوتي جو سندس سينو نشانو بڻيو ۽ جڏهن ڳالهه نشاني جي ٿي اچي ته اسان کي پنهنجي سنڌ ۾ پيش آيل اهڙو واقعو به ياد اچي وڃي ٿو جڏهن سنڌ اسيمبليءَ جي ڪاريڊور ۾ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي جاويد پٺاڻ نالي نوجوان جوتو هنيو هو. سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙو واقعو پهريون ڀيرو پيش آيو جنهن جو سبب ارباب صاحب جي ماکيءَ جهڙي مٺي زبان ٻڌايو وڃي ٿو. ارباب صاحب جي اها زبان جيڪا ڪيترن ئي ماڻهن کي خاموش ڪرائي ڇڏيندي هئي، اها سندس لاءِ اهڙي ثابت ٿيندي جيڪا هن سان اهڙي واقعي کي وابسطه ڪري ڇڏيندي، جيڪو تاريخ جو حصو بڻجي ويندو ۽ ان بابت ارباب صاحب پاڻ به ڪڏهن نه سوچيو هوندو. بهرحال انهي واقعي سان گهٽ ۾ گهٽ سنڌيءَ جي اها چوڻي ته سچ ثابت ٿي ته زبان انسان کي اعليٰ مقام تي پهچائيندي آهي ته وري ڪيرائيندي به آهي. پاڻ ذڪر پئي ڪيوسين جوتن جو، سو اها آهي اصل ۾ جوتا هڻڻ وارن واقعن جي مختصر تاريخ، جيڪا ويجهي ماضيءَ جو قصو آهي.

    سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڪنهن ايڏي وڏي اڳواڻ کي جوتا ڇو ٿا هنيا وڃن، اهي به اهڙي هنڌ ۽ اهڙن ماڻهن هٿان جنهن هنڌ جا حفاظتي انتظام مڪمل سخت ۽ اتان جي لائيو ڪوريج يا ويڊيو ريڪارڊنگ ڪئي وڃي ٿي، ماڻهو وري اهي جن کي اهڙو عمل ڪرڻ جي پيشوراڻيون ذميواريون هرگز اجازت نه ٿيون، صحافي جڏهن ڪنهن ڪوريج لاءِ ڪنهن پروگرام ۾ پهچي ٿو ته ان لاءِ لازم هجي ٿو ته هو پنهنجي جذبن تي ضابطو رکي ۽ جيڪو ڪجهه پنهنجي اکين ڏسي يا ڪنن سان ٻڌي ٿو ان کي ان ئي صورت ۾ عوام آڏو آڻي، ان دوران کيس ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ جي به اخلاقي حدون هرگز اجازت نه ٿيون ڏين. اهو ٺيڪ آهي ته هڪ صحافي پنهنجي سماج جو حصو هجڻ ناتي ڪنهن به معاملي تي راءِ جي اظهار جو حق رکي ٿو پر اهو ان صورت ۾ ته هو ان وقت پيشيوراڻين ذميوارين جي ادائگي ۾ مصروف نه هجي ۽ پنهنجي پيشي کي مڪمل طور پاسيرو رکي عام فرد جي حيثيت ۾ راءِ جو اظهار ڪري. انهن سمورن اخلاقي ۽ قانون ضابطن جي موجودگي باوجود به انهن تي عمل نه ٿو ٿئي، ان جو اصل ڪارڻ ڪهڙو آهي ان بابت معلومات حاصل ڪرڻ به اسان واري شعبي سان لاڳاپيل فردن جو فرض آهي، جنهن کي اميد ته هو بخوبي نڀائيندا، پر ڏسڻو اهو آهي ته عالمي سطح تي اهڙي روايت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت ٿي مهم هلائي وڃي ڇو ته ڪا مهم هلائڻ کانسواءِ ان روايت جي ختم ٿيڻ جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي



    روزاني سنڌ تان ورتل
     
  2. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    جي ادا بلڪل جهڙي طرح جوتا اڇلائڻ واري اها روايت مشهور ٿي اوترو ئي هاڻي ناپسند پڻ پئي ڪئي وڃي
     
  3. نثار منگي

    نثار منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا وحيد سمون توهان بلڪل صحيح ٿا ٰچئو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو