سنڌ سلامت پاران سڀني دوستن لئه نيڪ خواهشون رکندي اها دعا ڪريون ٿا ته سال 2012 سندن ڪاميابين جو سال ثابت ٿيندو ۽ اڻ ڳڻيون خوشيون کڻي ايندو۔ ”وقت چوي آءُ بادشاه“، گذريل سال ۾ ڪيترن دوستن کي خوشيون عطا ٿيون هونديون ته ڪيترن کي ڏک مليا هوندا، ڪيترن ڪاميابين جا جهنڊا کوڙيا هوندا ته ڪيترا پشيمان ۽ مايوس ٿيا هوندا ۔۔۔ وقت گذرندو رهندو آهي ۽ پنهنجي پويان ڪيترائي نقش چٽي ويندو آهي ۔۔۔ ڪي سهڻا ته ڪي ڪوجها ته ڪي پيارا ته ڪي اڻوندڙ ۔۔۔۔ پر مڙسي ان ۾ آهي ته وقت کان سکندو رهجي ۽ اڳتي وڌندو رهجي ۔۔۔ آزاد نظم ”حياتي“ نسيم حيدري حياتي ھڪ آرٽ آھي، ڪيترائي رنگ ڀريل، ڪي هلڪا ڪي گھرا ڪي پيارا ڪي سندر ڪي بدنما ڪي ناقابل برداشت، پوءِ به ته سڀ رنگ آهن جيون جا . سائين! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين. سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سال 2012 جون واڌايون ۔۔۔ تمام بهترين نظم سائين۔ اسان طرفان به اوطاقي ۽ اوطاق تي ڀيرو ڀريندڙن کي نئون سال مبارڪ۔۔۔۔!
جواب: سال 2012 جون واڌايون ۔۔۔ لک ٿورا دوست آرزو ۔۔۔ اميد ته هاڻ اوهان به تڪڙا ڀيرا ڀريندا رهندا ۔۔۔۔ اوهانجي غير موجودگي ڳڻتي جوڳي هوندي آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سال 2012 جون واڌايون ۔۔۔ ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔اسان به اوهان کي ۽ ٻين سڀني محترمن ميمبرن کي جيڪي هن اڳڻ جا ميزبان آهن کي دل جي گهرائين سان نئين سال جون واڌيون ٿا ڏيون۔الله پاڪ جي در تي نماڻو عرض آهي ته هن سال اسان ۽ اوهان جون اهئي خواهشون ۽ خواب جيڪي پويئن سال ۾ پورا نه ٿئي سگهيا،اهئي پنهنجي رحم وڪرم سان پورا ڪري،هر غم ۽ ڏک کان هر ميمبر کي پنهنجي پناه ۾ رکي۔جيڪي دوست نوڪري کان محروم آهن انهن کي نوڪري عطا فرمائي،بيمارن کي شفاء ڪامله عطا فرمائي۔نياڻين لاء نيڪ رشتا ڏياري،بي اولادين کي صالح ۽ نيڪ اولاد عطا فرمائي،مطلب ته زندگي جي هر جائز خواهش پوري ڪري۔آمين۔