نثارابڙو
نائب منتظم

http://imageshack.us
سنڌ سلامت پاران سڀني دوستن لئه نيڪ خواهشون رکندي اها دعا ڪريون ٿا ته سال 2012 سندن ڪاميابين جو سال ثابت ٿيندو ۽ اڻ ڳڻيون خوشيون کڻي ايندو۔
”وقت چوي آءُ بادشاه“، گذريل سال ۾ ڪيترن دوستن کي خوشيون عطا ٿيون هونديون ته ڪيترن کي ڏک مليا هوندا، ڪيترن ڪاميابين جا جهنڊا کوڙيا هوندا ته ڪيترا پشيمان ۽ مايوس ٿيا هوندا ۔۔۔ وقت گذرندو رهندو آهي ۽ پنهنجي پويان ڪيترائي نقش چٽي ويندو آهي ۔۔۔ ڪي سهڻا ته ڪي ڪوجها ته ڪي پيارا ته ڪي اڻوندڙ ۔۔۔۔ پر مڙسي ان ۾ آهي ته وقت کان سکندو رهجي ۽ اڳتي وڌندو رهجي ۔۔۔
آزاد نظم
”حياتي“
نسيم حيدري
حياتي ھڪ آرٽ آھي،
ڪيترائي رنگ ڀريل،
ڪي هلڪا
ڪي گھرا
ڪي پيارا
ڪي سندر
ڪي بدنما
ڪي ناقابل برداشت،
پوءِ به ته
سڀ رنگ آهن
جيون جا .
سائين! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت