• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وصل ۽ وڇوڙو

منصور سوندرائي
[هن کان پڇيم ايندين ڪڏهن؟
مرڪي چيئين
هن جنوري جي شام ۾،
شام جي ڪنهن جام ۾،
ملنديس اچي توسان پرين،
کلنديس اچي توسان پرين
مون چيو،
هي ڊسمبر بي ويو
تو بنا مون ڪيئن ڪٽيو،
اکين ۾ اداسي ئي رهي،
دل به پياسي ئي رهي،
هي سال به سڪندي رهي
دل جي اڃايل سرزمين
ملنديس اچي توسان پرين
هن چيو،
موسمون محبت سنديون،
هونديون آهن ڊگهيون ،
ڪتي جي ناهي ته چيٽ آهي،
دل جو اجرو کيت آهي ،
سار جا ۽ سڪ جا هي سلا
فاصلن سان ڦٽندا حسين
ملنديس اچي توسان پرين
مون چيو،
انتظاري ڪو عذاب آهي،
اکين جي لا۽ عتاب آهي،
آهين گڏ ته بهار آهي ،
دلين جي لاءِ قرار آهي،
جدا جي آهين ته ڇا ٻڌايان
ٿو وال دل جا ڪيئين وڍين
ملنديس اچي توسان پرين
کلنديس اچي توسان پرين
هن چيو،
آ نينهن جو اهڙو نشو
تڙپ ۾ به ڏاڍو آ مزو،
وصل وڇوڙا ڏاج آهن
محبتن جو معراج آهن
قسم کڻان ٿي، سواٰ تنهنجي
مان به هر پل رهان حزين
 
جواب: وصل ۽ وڇوڙو

آ نينهن جو اهڙو نشو
تڙپ ۾ به ڏاڍو آ مزو،
وصل وڇوڙا ڏاج آهن
محبتن جو معراج آهن
قسم کڻان ٿي، سواٰ تنهنجي
مان به هر پل رهان حزين


سائين بلڪل سسچ پيا چئو ان لاءِ عشق ۾ وصال حرام آهي جتي محبوب مليو اتي تڙپ ختم ڙپ ختم ڪشش ختم ڪشش ختم عشق ختم ۽ عشق اهو آهي جنهن ۾ هميشگي هجي سلام آهي اهڙن عاشقن کي ۔
وسلام
 
جواب: وصل ۽ وڇوڙو

منصور سوندرائي جي سوالن ۽ جوابن سان سينگاريل سهڻو نظم،

عاشق جا سوال ته معشوق جا جواب ۔۔۔

عاشق چوي ؛ آءُ ته هاڻ ملون،
معشوق چوي؛ ڀل ته اڃان پچون۔

کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تونس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڪريان، ته سرڪيائي نه ٿئي۔

تمام سٺو سائين سڪندري صاحب ۔۔۔
 
جواب: وصل ۽ وڇوڙو

ادا رياض، ڏاڏل ۽ سائين نثار توهان جا قرب جو پسند ڪيو، نثار سائين توهان جا ريمارڪس ڀٽائي جي بيت سان ڏاڍا بهترين هوندا آهن۔ اها به وضاحت ڪندو هلان ته منصور سوندرائي ڪو ٻيو ڪونهي منهنجو ئي شاعري ۾ اهو نالو آهي، شاعري ڪرڻ ڪونه ٿي اچي مڙئي سنڌ سلامت جي دوستن اڳيان حاضري ڏيان ٿو۔ اوهان جي همت افزائي لا مهرباني
 
Back
Top