مزمل چانڊيو
سينيئر رڪن
غزل
ڏٺا روز سهڻا نوان فيصلا هن
اکين ۾ اکيون هن خطا حوصلا هن
هجي سور هڪڙو نه دانهون ڪيان
متل سِر تي ڪيڏا اهيي سِلسلا هن
نه چريو هتي مان اڪيلو ئي آهيان
اهيي عشق وارا ذهني زلزلا هن
ورھ کان ورڻ جي پيو راھ تڪيان مان
ختم ٿي نه سگهيا اهيي فاصلا هن
هُلي ڳالھ تنهنجي حُسن جي جڏهن کان
نه ميهار هت ڙي نه ئي قافلا هن
جتان تون ٿي گذرين اُتي هن هي مقتل
شهر ۾"مزمل" ڏٺا ٿرٿلا هن
شاعر "مزمل"چانڊيو