• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دادو شهر ۾ زلزلي جا جهٽڪا

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
اڄ مقامي وقت 7:20 منٽن تي 5 جنوري شام جو سج لٿي کان بعد دادو شهر ، ان جي آس پاس ۾ زلزلي شديد جهٽڪا محسوس ٿيا ماڻهون گهران ٻاهر نڪري آيا۔ ري ايڪٽر مطابق اڃان زلزلن جي شدت جي تفصيل نه ملي سگهي آهي۔
 
جواب: دادو شهر ۾ زلزلي جا جهٽڪا

الله رب العزت سنڌ ۽ خاص دادو جي علائقي واسين کي پنهنجي پناهه ۾ رکندو ۔۔۔ واڳ ڌڻي وس ۔۔

دوستن کي ڪا تازي خبر چار ملي هجي ته ونڊ ڪن ۔۔۔

سنڌ سورن ۾ ته اڳ ئي آهي، مٿان هي ڏمر ۔۔۔ ستر ڪج ستار
 
جواب: دادو شهر ۾ زلزلي جا جهٽڪا

الله رب العزت سنڌ ۽ خاص دادو جي علائقي واسين کي پنهنجي پناهه ۾ رکندو
 
جواب: دادو شهر ۾ زلزلي جا جهٽڪا

سائين الله پاڪ جي در تي نماڻو عرض اهي ته دادو شهر ۽ ان جي ڳوٺن ۾ جٿي جٿي زلزلو آيو آهي۔اتان جي عوام کي پنهنجي پناه ۾ رکي ،انهن کي هر قسم جي تڪليف کان پري رکي ۔انهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري۔آمين۔
 
جواب: دادو شهر ۾ زلزلي جا جهٽڪا

سائين الله پاڪ خير ڪري هر جڳهه تي جٿي خدا جي خلقيل هر نعمت آهي جٿي جٿي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ٿين ٿا۔ انهي جهٽڪن مان اسان کي سبق سکڻ گهرجي ته اسان خدا جي ڪيتري نافرماني ڪئي آهي جو زلزلي جا جهٽڪا اچن ٿا۔
 
Back
Top