ڪهت ڪبير سنو ڀائي ساڌو........!ڪبير جي شاعري ۽ قلبي واردات

'مقالا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڪهت ڪبير سنو ڀائي ساڌو........!ڪبير جي شاعري ۽ قلبي واردات
    پروفيسر نور احمد جنجهي صاحب

    [​IMG]


    [JUSTIFY]الله سائين عليم بالذات الصدور آهي ڇاڪاڻ ته علم ان جي اها عطا آهي جنهن انسان کي مڙني مخلوقن ۾ مٿانهون ، مانائتو ۽ مسجود ڪيو. انسان پنهنجو پاڻ ۾ سموريون قيامت خيزيون کڻي هلي رهيو آهي ،صرف جيڪي ڪجهه دريافت ٿئي ٿو يا ان اونهائي جو اسرار مٿس کلي ٿو ته هو سمجهي ٿو ته اها ڪا نئين وَٿُ آهي. حقيقت ۾ سڀ ڪجهه ازلي ۽ ابدي آهي، ڌڻي سائين جو سمورو ڏنل ڏاج قديم ۽ جديد جي چڪر کان آجو آهي. صرف مثال جي دنيا ۾حقيقت جي پرتو کي سمجهڻ لاءِ نئون پراڻو ۽ جديد ۽ قديم جا اصطلاح آهن نه ته حقيقت جي پروڙ انتهائي ڪٺن ڪم آهي. سلوڪ جي سبيل ۾ جن پانديئڙن پنڌ ڪيو آهي تن پنهنجي مشاهدي کي باقي مخلوق سان ونڊڻ ورڇڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر جيئن ته انسان کي پنهنجون حدون آهن ۽ هٰو انهن حدن ۾ بيهي رهي ٿو ۽ دنيا جي ٻولين مان ڪنهن زبان به ايترو ترقي نه ڪئي آهي جو انسان جي سموري خيال کي لفظن ۾ اوتي سگھي، لفظ کٽي پون ٿا پر خيال اڻ کٽ آهي جنهن جو ڪوئي پانڌ پرو نه آهي. حدن جو ذڪر ڪندي ڪبير ڀڳت فرمايو آهي؛

    حد حد چلي هرڪو، بيحد چليا نه ڪوءِ
    بيحد ڪي ميدان ۾، کڙا ڪبير روءِ

    جيئن ته حد خود روڪ آهي ۽ ماڻهو ان روڪ ٽوڪ کي ٽوڙي جڏهن بيحد جي ميدان ۾ پهچي ٿو ته حيرت هڻي ٿي وجهيس ۽ هو روڻهارڪو ٿي بيوسيءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽ اها بيوسي جڏهن عروج تي پهچي ٿي ته پوءِ هُو بيحد جي بندن کي ٽوڙي لاحد جي لوءِ ۾ وڃي خيما کوڙي، لڇي ۽ لوچي ٿو پر حقيقت جي حسن جو هُڳاءُ ۽ تجلو اڃا به آڳاهيون آهن، جيئن لطيف سرڪار فرمايو آهي؛

    لوچان ٿي لاحد ۾ ، هادي لهان نه حد
    سپيريان جي سونهن جو، قد نه ڪي مد
    هت سڪڻ بي عدد، هت پرين پرواهه نه ڪا.

    اها لوچ پوچ ۽ قلب جو ڪاڙهو انسان کي پنهنجي ارتقائي منزل ڏانهن وڌڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته پوءِ هو “ذات” جي زوردار خول مان نڪري “لاذات ”ڏانهن وڌي ٿو تنهن کانپوءِ ئي مٿس اهو معنوي خزانو سم سم ٿي کلي ٿو ،جنهن جو ذڪر حضرت رومي هن ريت ڪيو آهي؛

    گنج پنهان است علم معنوي
    در تو آيد، گرز خود بيرون شوي
    )معنوي علم آهي ڄڻ لڪيل خزانو
    توکي ملندو، خود جو جڏهن ڇڏيئي خانو(

    انهي مام ۽ سِرِ انسان ۾ اڻ تڻ پئدا ڪرڻ جو عمل صدين کان جاري ۽ ساري رکيو آهي ۽ هو انهي بي بها برڪت ڀريل ڀنڊار کي ڀليءَ ڀت سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ،پر اُنهيءَ ڏونگر ڏورڻ جي ڏيهه مان جيڪي وريو سريو آهي اُن جو بيان به اهڙو لطيف آهي جو انساني عقل گھمي ٿو وڃي پوءِ به اُن جي لطافت مٿس پوريءَ طرح کُلڻ باوجود ايترو ته اڻ کُليل رهي ٿي جو هُو اظهار ڪندي جيڪا وصف ٻڌائي ٿو اُها وصف وڌيڪ حيرت ڏانهن وٺي وڃي ٿي جيئن خواجه محمد زمان فرمائي ٿو؛

    نڪي اوڏو اک کي، نڪي نظران ڏور
    وڃان ايئن وهلور، جيئن ڏٺو ئي اڻ ڏيٺ ۾

    نظر کان ڏور نه هئڻ جي باوجود، اک کي اوڏو ناهي، “اڻ ڏٺل” ۾“ ڏٺل” آهي ۽ اِهو ئي نقطو حيرت فشان آهي ۽ قلبي واردات جون نزاڪتون، لطافتون ۽ حيرتون، ڪلاسيڪي ورثي جي سمورن شاعرن وانگر ڪبير ڀڳت پُڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ پلٽيون آهن جن جي پڙھڻ سان اِن پنڌ ۽ پنٿ جي ڪُجهه نه ڪُجهه پروڙ پوي ٿي . قلبي واردات يا اندر جي اِنهيءَ واردات جي اُونهائي جو اٿاهه اسرار نرالو ۽ نيارو آهي ۽ ڪنهن حد تائين اِها وٿ قابل اظھار ناهي ۽ ڪُجھه پروڙ هئڻ جي باوجود انسان اُن جو اظھار ڪرڻ کان قاصر هجي ٿو ۽ پنھنجي اندر جي انھي واردات بابت هُو اظھار کان يا ته لنوائي ٿو يا اظهار ڪري نٿو سگھي يا اظهارڪندي محتاط ٿي وڃي ٿو ۽ اُنھن پابندين پويان به اُها ئي سگھه ۽ شڪتي آهي جنهن جي ڏنل اِها سموري امانت آهي ۽ جيتري اُن جي ئي مرضي آهي اوتري اُها وٿ ٻين انسانن سان ونڊي ورڇي وڃي ٿي. ڪبير صاحب جي لفظن ۾ ؛

    آتم انو ڀوگيان ڪي، جو ڪوئي پوچھي بات
    سو گونگا گُڙ کاڪي، ڪھي مُک سواد

    اهڙي ءَ ريت آتم انوڀو يعني پاڻ سڃاڻڻ جي تجربي جو علم انتهائي لطيف ۽ عميق آهي .جيتوڻڪ اُها واردات به ايسيتائين ڪنهن کي نصيب نٿي ٿئي جيسيتائين هو انهي جو سواد نٿو چکي ۽ پوءِ اُن چکڻ جي اُپٽار اڃا به پري جي ڳالھه آهي. گرهوڙي رحمتھ الله عليھ پُڻ اِنھي اُھڃاڻ کي هن ريت بيان ڪيو آهي

    ڳڙ نه سُڃاپي ڳالهيين، جان جان ڳڙ نه کاءِ

    جيئن ڪو ئي گونگوماڻهو سهانو سپنو ڏسندو آهي ته پوءِ سمجھي سمجھي پيو پڇتائيندو آهي ڇاڪاڻ ته هُو اُن جو اِظھار نه ڪري سگھندو آهي حالانڪه اُها اندر جي واردات اِنتهائي ڀلوڙ هوندو آهي پر اِهڙي وٿ پلئه پائي به هُو پاڻ بيوس محسوس ڪندو آهي اُن جو اِظھار ڪرڻ ۾ انسان جي بيحد جي ميدان ۾ روئڻھارڪي ٿيڻ واري ڪيفيت آهي.

    گونگي سپنو ڀيو، سمجھه سمجھه پڇتاءِ

    انھيءَ ڪيفيت کي ڪبير صاحب ورنائيندي فرمائي ٿو ته گونگي جي سُهڻي کي گونگو ئي سمجھي تيئن گيان جي راحت کي گياني ئي سمجھي سگھي ٿو، ٻئي جي ڪھڙي مجال. هُو فرمائي ٿو ؛

    جيون گونگا ڪي سپني ڪو گونگا هي پھچاني
    تيون گياني سکهه ڪو، گياني هو ئي سو ئي جاني

    ڌڻي تعالي جي انهي وٽ کي محسوس ڪري سگھجي ٿو .اُن جي اُپٽار ڪاغذن تي نٿي ڪري سگھجي ڇاڪاڻ ته مالڪ سموري ڪائنات ۾ موجود آهي ۽ هر هنڌ ۽ هر پل هن جي وجود کي محسوس ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ اهڙي روئداد اُنھن ڌار ڌار درشن کي ۽ الڳ الڳ “جيءَ” کي ڏسي حيراني ٿئي ٿي ۽ هر روپ ۾ پرينءَ جو پرتوو ملي ٿو. جيئن ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو ؛

    ڪوڙين ڪايائون تنهنجيون، لکڻ لک هزار
    جيءُ سڀڪنهن جي ءُ سان، پر درشن ڌاروڌار
    پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان

    پرينءَ جي انهيءَ وسعت جي هر جھلڪ مان پرينءَ جي ڪنهن نه ڪنهن پلڪ جو اِظھار ٿئي ٿو ۽ سڄي سرشٽي هن سمپورڻ روپ سروپ جيان محسوس ٿيڻ لڳي ٿي .جيئن؛

    ايڪ قصر، در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون
    جيڏانھن ڪر پرک، تيڏانھن صاحب سامھون

    ساڳي قسم جي تجربي کي پنهنجي لفظن ۾ پلٽيندي، ڪبير صاحب ڪجھه هن طرح ٻولي ٿو؛

    ڪاگد لکي سو ڪاگدي، ڪي بيو پياري جيو
    آتم درشت ڪهان لکي، جت ديکو تت پيو

    آتم درشتي جي اِها ڪٿا اُونھي ۽ پُر اسرار آهي جنھن جوويا پڪ و ستار انتھائي وسيع آهي . جيڪي تجربي مان سَري ٿو سو مشاهدي مان نصيب ٿيڻ مشڪل آهي ۽ جيڪي مشاهدي وسيلي ماڻجي ٿوسو مطالعي مان ملڻ محال آهي،تنهنڪري جيڪا “ڏسڻ” جي واردات آهي اُها ڏسي ئي سگهجي ٿي ۽ لکي نٿي سگهجي، ڇاڪاڻ ته لکڻ ڪا تصوير سازي ناهي جو اُن وسيلي واردات جو چٽ چٽي سگهجي. شايد اهوئي سبب آهي جو سمورا اوائلي رسم الخط تصويري آهن، جيئن ماڻهوءَ تي قلبي واردات يا انساني داخلي تجربات آسانيءَ سان چٽي ءَ طور چٽا ٿي سگهن ۽ هو محسوسات جي سفر ۾ قدم ۾ قدم ملائي هلي سگهي. انهيءَ صورتحال کي بيان ڪندي ڪبير صاحب فرمايو آهي؛

    لکا ليکي ڪي هي نهين، ديکا ديکي ڪي بات
    دُلها دلهن مل گئي، پهيڪي پڙي بارات،

    اهائي قلبي واردات انسان جو اندر اُجاري ٿي ۽ هو پنهنجي “جيءَ” جون ٽيئي منزلون طئه ڪري ٿو، جن کي نفسِ اماره، نفس اللو امه ۽ نفس مطمئنه سڏيو ويو آهي. علم اليقين وسيلي انسان اماره نفس جي ڏاڪي تان وک ورائي مٿي پهچي نفس اللوامه جي ميدان ۾ داخل ٿئي ٿو۽ عين اليقين وسيلي انهي ميدان مان هو اڳتي رڙهي رند پوي ٿو۽ حق اليقين جي حقانيت وسيلي هو نفس مطمئنه جي پد تي پهچي وڃي ٿو.اها منزل انساني “جيءَ” جي انتهائي اعلى ۽ ارفع منزل آهي. انهي پد تي پهچڻ کان پوءِ هو مثال جي مڙني مامرن ۽ پابندين مان آجپو حاصل ڪري وٺي ٿو.اهو سمورو سفر سڪڻ جي سيڻاه وسيلي ٿئي ٿو ۽ سڪڻ سڃاڻڻ کانسواءِ اڪارٿ آهي ، سڪڻ کانپوءِ ئي هنيين سان هوت سڃاڻڻ جو هيج حاصل ٿئي ٿو.جيئن گرهوڙي رحمته الله عليه فرمايو آهي:

    پر سڪڻ سڃاڻڻ ري محض محالي آه
    ڪون سڃاپي ڪڏهن هوت هنيين ڌاران

    انسان انهي پنڌ جي اڻانگن پيچرن ۾ پير پٿون ڪري،ڇپرن ۾ ڇُلندي، رڻن ۾ رُلندي، جڏهن انسان نفس مطمئنه جي پد تي پهچي،مثال جي دُنيا جي پيڪڙن ۽ پنجوڙن مان آزاد ٿي پوي ٿوته پوءِ سندس هر خيال اُن اعلى ۽ ارفع خيال سان سڌو ڳنڍجي وڃي ٿو ۽ سندس چرپر انهي عظيم خيال جي اتباع ۽ اطاعت سان سڌو سلهاڙجي وڃي ٿي،وچ وڇوٽي وچان واءُ وانگر اُڏامي وڃي ٿي. اها ڪيفيت هن ۾ جيڪو طلاطم پيدا ڪري ٿي تنهن وسيلي هوغيرکي گناه سمجهندي، وهڻ کي وه سمجهي ،خواجه محمد زمان رحمته الله عليه جي هن ٻول جي سچي صورت بنجي وڃي ٿو:

    سڄڻ ڏٺو جن تن ڏسڻ غير گناه،
    جني لڌي راه، وهڻ تني وه ٿيو
    +++++++++++++++++++++

    سنڌ سلامت جي رڪن ۽ فيسبڪ تي سنڌ، سنڌيت ۽ حق سچ جي پرچارڪ، محترم شفيق احمد جوکيو صاحب جي ٿورن سان
    [/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو