غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
ڪوڙي شاهدي ۽ ان جا اثرات:
ماڻهن جي حقن جي حفاظت۔مجرمن کي ڪيفري ڪردار تي پهچائڻ ۽ مظلومن جي داد رسي تڏهن ممڪن آهي جڏهن عدالت قانون جا تقاضا پورا ڪندي ڪيسن جا فيصلا ڪن ۽ ماڻهن کي انصاف فراهم ڪن۔عدالتي انصاف جو هڪ اهم ستون فريقين ۽ گواهان جي سچي گواهي آهي۔الله پاڪ به قران شريف ۾ سچي گواهي ڏيڻ جو حڪم فرمايو آهي،چاهي اها توهانجي پنهنجي يا توهانجي والدين يا ويجهن مائٽن ۽ دوستن جي خلاف هجئي۔
ڪوڙي گواهي ڏيڻ اخلاقي ۽ قانوني جرم آهي:
ڪوڙِي گواهي نه صرف غير اخلاقي فعل آهي بلڪه قانوني جرم به آهي جنهن جي سزا تعزيرات پاڪستان مجريه 1860(Pakistan Penal Code,1860)جي مختلف سيڪشنن جي هيٺ ڄاڻائي وئي آهي۔
سيڪشن 192 پاڪستان پينل ڪوڊ 1860 جي تحت ڪو ڙي گواهي قابل گرفت جرم آهي۔جيڪڏهن ڪنهن ڪورٽ کي دورانه ڪيس جي ڪاروائي خبر پوي ٿئي ته ان ڪورٽ جي روبرو ڪنهن شخص جعلسازي ڪئي آهي يا ڪوڙي شاهدي ڏني آهي ته ڪورٽ ان شخص جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ان کي انڍر سيڪشن 193 پاڪستان پينل ڪوڊ 1860 ،جي تحت ستن سالن تائين قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهي ٿي۔اهڙي طرح ڪوڙا دستاويزات يا ڪاغذ تيار ڪرڻ ۽ انهن کي ديواني(Civil) ۽ فوجداري(Criminal)ڪيسن ۾ عدالت ۾ پيش ڪرڻ به قابله تعزير جرم آهي۔ان جو اختيار سماعت ان ڪورٽ کي آهي جنهن جي سامهون اهئي ڪوڙا ڪاغذات پيش ڪيا وڃن۔اها ڪورٽ يا ته پاڻ مرادو ان جُو نوٽيس وٺندي يا ڪنهن فريقين جي درخواست تي ڪاروائي ڪندي۔ ضابط فوجداري مجريه 1898 (Criminal Procedure Code )جي سيڪشن 476 جي تحت ڪوڙي شاهدين تي مبني ڪيسن جي سماعت سمري طور تي ٿيندي آهي،ڪورٽ فرد جرم عائد ڪرڻ کانپوء اها ڪوڙي شاهدي جيڪا ان ڪيس جي ملزم ٻئي ڪيس ۾ ڏني هوندي کي ڪورٽ گواهي جو پارٽ ٺاهي ملزم کي سزا ٻڌائيندي۔ان قسم جي ڪيس ۾ ڪنهن ٻاهرين گواهي جي ضرورت نه هوندي آهي۔ها جيڪڏهن جعلي ڪاغذات ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويا آهن ته انهن ڪاغذن کي هينڊ رائٽينگ ايڪسپرٽ ڏي وريفيڪشن لاء موڪلي سگهجن ٿا تاڪي ان ڪاغذن جي جعلي هجئڻ جي باري ۾ ڪنفرم ڪري سگهجي۔ ڪوڙي گواهي مان مراد آهڙي شاهدي آهي جنهن ۾ ڪو ماڻهو ڄاڻي واڻي ڪوڙو بيان ڏئي ۽ حالئنڪ هن کي به خبر هجئي ته اهو ڪوڙو بيان آهي پر ان جي باوجود به ان کي سچو قرار ڏئي بيان ڪري۔
تعزيرات پاڪستان مجريه 1860(Pakistan Penal Code,1860) سيڪشن194 جي هيٺ جيڪڏهن ڪو شخص ان نيت سان ڪوڙي گواهي ڏئي ته هو ان سان ڪنهن بي ڏوهي شخص کي ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪري سزا ڏياري سگهي يا سزا ڏيارڻ جو باعث بنجي يا ان ڪوڙي شآهدي جي ڪري ڪنهن کي ڪيپٽل سزا(ڦاسي) اچي سگهي ٿي ته ان ڪوڙي شاهدي ڏيڻ يا ٺاهڻ واري ماڻهو کي عمر قيد يا ڏهن سالن تائين سزا _۽ ڏنڊ لڳائي سگهجي ٿو۔جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان نيت سان ڪوڙي شاهدي ڏئي ته ان سان هو ڪنهن شخص کي سزا ڏياري سگهي جيڪو رائج الوقت قانون جي مطابق سنگين جرم ته نه آهي پر ان جي سزا عمر قيد،ست سال يا ان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿي،ته ان کي انڊر سيڪشن 195 تعزيرات پاڪستان مجريه 1860(Pakistan Penal Code,1860) اها سزا ڏني ويندي جيڪا اصلي ملزم کي ڏني وڃي هان جنهن حقيقت ۾ اهو ڏوه ڪيو هجئي هان۔ مثالن ڪنهن کي ڊڪيتي جي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جي لاء ڪوڙِي شاهدي جي سزا ڏه سالن تائين قيد گڏ جرمانه سان ٿئي سگهي ٿي۔
تعزيرات پاڪستان مجريه 1860(Pakistan Penal Code,1860) جي سيڪشن 198 جي تحت جيڪو به ماڻهو بدنيتي سان ڪنهن اهڙي اقرارنامه / سرٽفيڪٽ کي سچو ظاهر ڪندو جنهن جي باري ۾ هن کي خبر هوندي ته اهو سچ تي مبني نه آهي ته ان کي ڪوڙِي گواهي ڏيڻ جي سزا ڏني ويندي۔
تعزيرات پاڪستان مجريه 1860(Pakistan Penal Code,1860) جي سيڪشن 201 جي تحت جيڪڏهن ڪو شخص جرم جي ارتڪاب ۾ متعلق نشانات،علامات ۽ ٻيا ثبوت ( قاتل جا رت وارا ڪپڙا،قتل واري جاء تان رت جا نيشان۔ڏوه ۾ استعمال ٿيل هٿيار۔لاش ) کي غائب ڪري يا ان جي متعلق غلط بياني کان ڪم وٺي جنهن جي ڪري جرم جي تفشيش ۾ مشڪلات پيدا ٿين يا جعلي ڪاغذات تيار ڪري يا ان قسم جون ٻيون شيون جنهن مان ظاهر ٿئي ته جرم جو ارتڪاب نه ٿيو آهي،يا ان کي لڪائڻ سان ملزم جو بنيادي مقصد اصلي مجرم کي قانوني سزا کان بچائڻ هجئي۔ان حالت ۾ اگر جرم سنگين نوعيت جو هجئي مثلن اهڙو جرم جنهن جي سزا موت مقرر آهي ته ان کي مقرر ڪيل سزا مان ڪنهن هڪ قسم جي قيد جي سزا ڏني ويندي جنهن جو معياد ستن سالن ۽ جرمانه تائين ٿئي سگهي ٿي۔اهڙي طرح اگر اصلي جرم جي سزا عمرقيد يا ڏه سالن تائين قيد جي سزا مقرر آهي ته ان صورت ۾ ٻنهي قسمن مان ڪنهن قسم جي سزا ڏني ويندي جنهن جو معياد ٽن سالن تائين ٿئي سگهي ٿو۔۽ جرمانو به لڳائي سگهجي ٿو۔
مٿين قانوني معلومات هن اڳڻ جي ڪينئوس تي ان ڪري چٽي آهي ته جيئن اسان جا محترم ميمبر ڪوڙي شاهدي ڏيڻ ۽ انهن جي قانون جي اندر سزا کان چڳي طرح واقف ٿئي سگهن ،نه پاڻ ڪا ڪوڙي شاهدي ڪورٽ ۾ ڏين نه پنهنجي ڪنهن رشتيدار يا دوست کي ڏيڻ ڏين۔سچيون شاهديون لڪائڻ به اخلائقي ۽ قانوني جرم آهي۔اسان ۾ ايتري همٿ هئڻ گهرجي ته نه ڪورٽن ۾ ڪوڙيون شاهديون ڏيون نه ڪورٽن کان سچيون شاهديون لڪائيون۔جڏهن اسان مٿيون عمل ڪنداسين ته يقين ڄاڻو معاشري مان ڏوه گهڻي حد تائين ختم ٿئي ويندا۔