عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

'مقالا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]


    +++++++++
    سنڌ جي مختصر تاريخ؛

    عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا ...
    ________________________________________
    [JUSTIFY]نوٽ؛ سنڌ سلامت جي هردلعزيز دوست عبدالغنيءَ لوهار نياپو موڪليو ته هُنَ هڪ مضمون اردوءَ مان سنڌي ڪيو آهي، ۽ آءُ انکي ڏسان ۽ ٿي سگهي ته سنڌ سلامت تي ونڊ ڪريان”، مون سمجهيو ته هي مضمون مائڪرو سوفٽ ورلڊ تي لکيو ويو هوندو پر جڏهن موڪليائين ته اهو عبدالغنيءَ جي هٿ اکري لکيل ۽ اسڪين ٿيل هو ... خئير پڙهي غلطيون ڪڍڻ ته سولو هو پر سڄا سارا 17 پنا ٽائيپ ڪرڻ ڏکيو .... آفيس ۽ ذاتي ڪمن سبب وقت جي اڻاٽ ته آهي پر دوست جي محنت کي ڏسندي ۽ سندس ڪيل حڪم کي ٽاري نه سگهيس ۽ ٽائيپ ڪرڻ ويٺس، جڏهن ته منهنجا پنهنجا ڪئي مضمون اڃان اڌ ۾ آهن، بسم الله ڪريان ٿو، ٿورو ٿورو ڪري ونڊ ڪندو رهندس ...
    ________________________________________
    [/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]عرب ۽ سنڌ و هند جا تعلقات تمام پراڻا آهن، انهن ٻنهي علائقن بالخصوص سنڌ ۽ عرب جا ساحل ايترا ته ويجها آهن جو انهن جي وچ ۾ ڪاروباري لاڳاپا ۽ ٻيا رابطا قائم ٿيڻ مشڪل نه هيو. جيستائين اڀرندڙ تاريخ کان پهريان جي واقعن جو تعلق آهي، قصص الانبياء جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته، جڏهن ابو البشر حضرت آدم عليه السلام کي جنت مان ڪڍيو ويو ته هو پهريان ڏکڻ هند جي علائقي لنڪا جي جزيري ۾ آيو ۽ ام البشر حضرت حوا رضي الله عنها عرب شريف ۾ آئي. انهن ٻنهي جي ملاقات (هاڻوڪي سعودي عرب جي شهر) جده ۾ ٿي. عرب ۽ هند و سنڌ سان تعلق رکڻ واري هن جوڙي جي هيءَ پهرين ملاقات هئي جيڪا روءِ زمين تي تاريخي مثال رکي ٿي.“

    سبحة المرجان ۾ مولانا آزاد بگرامي انطرح جون ڪافي روايتون جمع ڪيون آهن، ۽ انهن سان پنهنجي وطن جي فضيلت ۽ اهميت ثابت ڪئي آهي. مولانا آزاد ان ڳالهه ڏانهن به اشارو ڪيو آهي ته جڏهن حضرت آدم عيله السلام جنت مان آيا ته حجر اسود ساڻن گڏ هيو، ۽ اڄ اهو ئي پٿر لنڪا ۽ ڏکڻ هند و سنڌ مان ٿيندو مسلمانن جي مقدس عمارت ڪعبت الله شريف ۾ نصب آهي. انکان علاوه عرب مصنف لکن ٿا ته ڏکڻ هند کان جيڪي طرح طرح جون خوشبوئون اچن ٿيون ۽ ميوا ۽ مصالحه عرب اچن ٿا ۽ اتان پوري دنيا ۾ وڃن ٿا اهي حقيقت ۾ انهن تحفن جي يادگار آهن جيڪي حضرت آدم عليه السلام جن پاڻ سان گڏ جنت مان آندا هئا. هي به چيو وڃي ٿو ته، “طوبا” جيڪو عربي ۽ فارسي ۾ جنت جو وڻ آهي، هند جي ڪافي زبانن ۾ اهو بهشت جو نالو آهي. اهڙيءَ طرح رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي هڪ حديث بيان ڪئي ويندي آهي ته، پاڻ سنڌ ڏانهن مهاڙ ڪري فرمائيندا هئا ته، “ اسانکي هند (سنڌ) کان رباني خوشبو اچي ٿي” جيتوڻيڪ هيءَ حديث ضعيف آهي پر پوءِ به ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته رسول اڪرم صلي الله عيله وسلم کي ٻڌندڙ يا هن حديث جا راوي هند ۽ سنڌ کان بيخبر نه هئا. اهڙا بيان ته محبت جي جوش ۽ قصن ڪهاڻين تي مشتمل آهن، مگر عرب ۽ هند و سنڌ جي وچ ۾ قديم ڏينهن کان اهڙا واپاري رابطا قائم ٿي چڪا هئا، جيڪي ٻنهي علائقن بلڪه پوري دنيا ۾ تاريخ تي اثر وجهنٿا، ۽ جنهن جي تصديق کان مورخن کي انڪار ڪونهي. سنڌ ۽ هند جي پئداوار ۽ ٻيو سامان، مال ۽ اسباب، جنهنجي اهلِ يورپ ۽ مصر کي هميشه گهرج رهي آهي، عرب واپاري هي مال سامونڊي جهازن ذريعي سنڌ ۽ هند جي بندرگاهن کان يمن ۽ اتان خشڪيءَ واري رستي ملڪ شام ۾ پهچائيندا هئا ۽ اتان وري هي شيون جهازن ۾ وجهي يورپ تائين پهچندو هيون.

    فتح سنڌ؛
    [/JUSTIFY]

    .......................................هلندڙ ...............................​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,220
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    السلام عليڪم محترم سائين اوهانجا ڪرم جو پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي هن ناچيز جي عرض تي منهنجو ترجمو ٿيل موضوع ڏٺو ، انکي درست ڪري سنڌ سلامت تي تحرير ڪري آندو جزاڪم الله خيرا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    مهرباني

    هن دلچسپ ۽ ڄاڻ واري مضمون جو انتظار آهي جيئن مڪمل ٿئي ته پڙهي رايا ڏيون ۽ ڄاڻ حاصل ڪيون۔ شروعاتي سٽن مان ئي اهو معلوم پيو ٿئي ته هي مضمون انتهائي مفيد ۽ ڄاڻ وارو ثابت ٿيندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    َقسط 2

    فتح سنڌ؛

    [JUSTIFY]جڏهن عرب اسلام جي نور سان منور ٿيا ته عرب ۽ هند و سنڌ جا پراڻا تعلقات برقرار رهيا، مسلمان ملاحن ۽ واپارين پنهنجن ابن ڏاڏن جو ڪم برقرار رکيو، ۽ پنهنجيون ٻيڙيون ۽ بحري جهاز عرب کان آڻي سنڌ ۽ هند و لنڪا جي ساحلن تي ايندا ويندا رهيا. ۽ جلد ئي ڪاروباري لاڳپن سان گڏو گڏ سياسي رابطا به شروع ٿي ويا. جيڪي شروع ۾ ايترو خوشگوار نه هيا، اسلامي عرب ۽ سنڌ و هند جو پهريون واسطو جنهن جو تاريخ ۾ ذڪر آهي؛ اسلامي تاريخ جي شروعات کان ٿورو بعد حضرت عمر رضي الله عنه جي عهد خلافت ۾ واقع ٿيو، ۽ هي مخالف هيو.

    مشهور مورخ طبري لکي ٿو ته حضرت عمر رضي الله عنه جي زماني ۾ حڪم بن عمرو تغلبي اسلامي لشڪر وٺي مڪران وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ايراني لشڪر انجو مقابلو ڪيو، ايرانين پنهنجي مدد لئه سنڌ جي راجا کان فوج گهرائي هئي. جيڪا عربن جي خلاف صف آرا ٿي. پر ايران ۽ سنڌ جي متحده فوج کي شڪست آئي. هن معرڪي ۾ جيڪو مال غنيمت عربن کي هٿ آيو، ان ۾ راجا ڏاهر جي فوج جا هندي هاٿي به هيا. ان ئي زماني ۾ بحرين جي عرب گورنر عثمان بن ابي العاص الثقفيءَ، حضرت عمر رضي الله عنه جي اجازت کان بغير عمان جي رستي هند جي ساحل تي لشڪر موڪليو جيڪو بمبيءَ جي مقام ٿانه (Thana) تائين پهتو، هي لشڪر خير و عافيت سان عرب واپس پهتو، حضرت عمر رضي الله عنه بحري مهمن ۽ پرخطر لڙائيءَ جي خلاف هيو. ۽ ان سبب هن والي بحرين کي هڪ ناراضگيءَ جو خط لکيو ۽ اهڙي مهمن کان منع ڪيو.

    ان کانپوءِ ڪافي عرب عملدارن جو سنڌ ۾ اچڻ جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو مختلف مقصدن لاءِ هيو، حضرت عمر ۽ عثمان رضي الله عنه جن سنڌ تي لشڪر ڪشيءَ جا مخالف هيا، جيتوڻيڪ سنڌ جي سرحد تي مڪران جي مسلمانن ۽ سنڌ جي راجا ۾ ڇڪتاڻ ٿيندي رهي هئي، مگر عربن خليفي وليد بن عبدالملڪ جي زماني تائين سنڌ تي باقاعدي ڪو حملو نه ڪيو.
    [/JUSTIFY]
    +++++++ هلندڙ ++++++++
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    سنڌ تي حملو؛
    [JUSTIFY]
    ان زماني ۾ عراق جو گورنر حجاج بن يوسف هيو جيڪو عرب تاريخ ۾ پنهنجي بهادري، انتطامي قابليت ۽ ظلم وستم ۾ مشهور هو، سنڌ ۾ راجا ڏاهر حڪمران هيو، ڏاهر پهريان ئي باغي عربن جن مڪران جي گورنر سعيد بن اسلم کي قتل ڪيو هو پناهه ڏئي، عربن سان مخالفت جو بنياد وڌو هو، پر وقت جو خليفو سنڌ تي حملي جي خلاف هيو ۽ راجا ڏاهر سان ويڙهه ڪرڻ مناسب نه سمجهي. ان واقعي کان ڪجهه سال پوءِ لنڪا مان ڪجهه تحفن سان ڀريل بحري ٻيڙا عرب وڃي رهيا هيا، جيڪي لنڪا جي راجا، حجاج بن يوسف کي موڪليا هيا، انهن ۾ ڪافي مسلمانن جون زالون ۽ ٻار به هيا جيڪي لنڪا ۾ وفات ڪري ويا هيا، مخالف هوا انهن ٻيڙن کي ديبل جي ساحل ڏانهن ڌڪي وئي، جيڪا هاڻوڪي ڪراچيءَ کان ڪجهه فاصلي تي مملڪت سنڌ جي وڏي بندرگاهه هئي. هتي ديبل جي ميڊ (MED) قبيلي جي ماڻهن انهن جهازن جو مال ۽ اسباب کسي ورتو، ۽ عورتن ۽ مردن کي باندي ڪري اندروني علائقن ۾ وٺي ويا ... حجاج کي جڏهن اها خبر پئي ته پاڻ تمام گهڻو ڏمريا ۽ راجا ڏاهر ڏي سفير موڪليائون ته باندين کي آزاد ڪرائي ۽ تحفا واپس ڪري دارالخلافه پهچائي. راجا ڏاهر سفير کي جواب ڏنو ته هي ڪم بحري قزاقن جو آهي، ۽ منهنجو انهن تي ڪو زور ناهي، حجاج هن جواب کان مطمئن نه ٿيو ۽ راجا ڏاهر کي سبق سيکارڻ خاطر سنڌ تي حملي جو فيصلو ڪيو. پهريان عبدالله ۽ بديل جي قيادت ۾ مڪران مان لشڪر موڪليو ويو جنهنکي راجا ڏاهر جي پٽ “جئي سگنهه” شڪست ڏني، ۽ ٻئي سپهه سالار ويڙهه ۾ ماريا ويا.

    حجاج کي ان شڪست تي رنج ٿيو، بالخصوص بديل جي موت کيس گهڻو متاثر ڪيو. حجاج وقت جي خليفي وليد بن عبدالملڪ جي منٿ ڪري سنڌ تي پوري بندوبست سان هڪ خاص انتقامي لشڪر موڪليو، مورخ لکن ٿا ته سئي ڌاڳي ۽ ڪپهه ۾ سرڪو تر ڪري ان کي خشڪ ڪري آندو ويو مطلب ته ضرورت جو سڀ سامان آندو ويو، هن لشڪر جو سپهه سالار حجاج جو نياڻو ۽ ڀائٽيو عمادالدين محمد بن قاسم هيو، جنهن جي عمر ان وقت 17 سال ٻڌائي وڃي ٿي. محمد بن قاسم 6000 سوار وٺي خشڪيءَ جي رستي 711ع ۾ سرءُ جي موسم ۾ ديبل پهچي ديبل جي قلعي جو محاصرو ڪيو ۽ ڪافي ڏينهن تائين کيس سوڀ نه ٿي. آخرڪار “العروس” نالي منجنيق (توب) جي مدد سان (جنهنکي 500 ماڻهون هلائيندا هئا) شهر قبضي ۾ ٿيو. محمد بن قاسم قلعي تي قبضو ڪري انهن قيدين کي آزاد ڪرايو جيڪي لنڪا جي ٻيڙن مان باندي ڪيا ويا هيا. ديبل کانپوءِ محمد بن قاسم موجوده حيدرآباد جي ڀرسان نيرون ويو جتان جي حاڪم بغير ويڙهه جي هٿيار ڦٽا ڪيا پوءِ سيوهڻ جو وارو آيو هتان جو حاڪم راجا ڏاهر جو ڀائٽيو هيو، شهر جي ماڻهن ان جي مخالفت ڪئي ۽ بغاوت ڪري عربن جي اطاعت قبول ڪئي وئي. انکانپوءِ محمد بن قاسم برهمڻ آباد جو رخ ڪيو ۽ رائو ۽ برهمڻ آباد جي مقام تي راجا ڏاهر ۽ انجي پٽ جئي سنگهه کي شڪست ڏني، تنهن کانپوءِ هي لشڪر ملتان ڏانهن وڏيو ۽ 713ع ۾ هي تاريخي مقام به عربن جي قبضي ۾ اچي ويو. اهڙيءَ طرح ٻن سالن جي عرصي ۾ سموري سنڌ ملتان سميت عربن جي هٿ اچي وئي.
    [/JUSTIFY]

    +++++++هلندڙ+++++++
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    [JUSTIFY]محمد بن قاسم جو انجام؛

    هن عرب سپهه سالار جو انجام سٺو نه ٿيو، چچ نامي جي بيان موجب محمد بن قاسم جي فوج ڏکڻ پنجاب جي ان مقام تائين پهتي جت درياء جهلم ميداني علائقن ۾ داخل ٿئي ٿو، ۽ ڪشمير ۽ مملڪت سنڌ جون سرحدون ملنديون هيون، محمد بن قاسم جو ارادو اوڀر ڏانهن وڌڻ جو هو ۽ ان قنوج جي راجا کي جنهن جي راڄڌاني اجمير ۽ وچ پنجاب تائين هئي، جنگ جو نياپو ڪيو، پر هي منصوبو پورو نه ٿي سگهيو، 714ع جي وچ ۾ سندس سهرو ۽ سرپرست حجاج بن يوسف فوت ٿي ويو، ۽ ٻي سال جي شروعات وقت جو خليفو وليد بن عبدالملڪ انتقال ڪري ويو. جنهن سبب محمد بن قاسم کي صدمو رسيو، انکانپوءِ دمشق ۾ هڪ طرح جو انقلاب آيو، وليد جو جانشين سندس ڀاءُ سليمان بن عبدالملڪ ٿيو جنهنجي حجاج بن يوسف سان پراڻي عداوت هئي، ان حجاج جي سڀني مٽن مائٽن ۽ خيرخواهن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ محمد بن قاسم کي واپس اچڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ دوستن عزيزن سميت کيس ايذاوَ رسائي مارائي ڇڏيو.

    محمد بن قاسم، سنڌ ۾ لڳ ڀڳ چار سال گذاريا، ان مختصر عرصي ۾ سندس مملڪتي نظام توجهه جوڳو رهيو، جن عربن براه راست اسلام قبول ڪيو انهن کي سنڌ اچڻ جو اهوئي هڪ موقعو مليو هو. ٻين مسلمان حڪمرانن جن سنڌ ۽ هند تي حڪومت قائم ڪئي اهي ترڪ ۽ افغاني هئا، جيتوڻيڪ اهي مسلمان ٿي چڪا هئا. پر انهن جون قومي خصلتون سنڌ ۾ مذهبي عقيدي ۽ ملڪي نظام کي متاثر ڪنديون رهيون. ۽ هي عجيب ڳالهه آهي ته سنڌ جي نظام جنهن ۾ آخري حڪم ۽ عملداريءَ جا ڪم حجاج بن يوسف جهڙي ظالم ۽ جابر گورنر جا هوندا هئا پر پوءِ به شايد ترڪن ۽ افغانين جي بنسبت وڌيڪ روادار ۽ رعيت پسند هيا.
    +++++++هلندڙ+++++++
    [/JUSTIFY]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,757
    ورتل پسنديدگيون:
    2,734
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    هڪ بهترين ء سنڌ بابت مفيد معلومات ڏئي اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو اٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تحرير جو اندز به بهترين ء دلچسب آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    هڪ ئي هنڌ سڄي معلومات ڏيڻ جي مهرباني

    سائين وڏا قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,522
    ورتل پسنديدگيون:
    3,473
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    اسان کي هن ليک جي تڪميل جو انتظار آهي ته جيئن سڄي تاريخ مان صحيحي مستفيد ٿي ڪري ڪجه عاجزانا ڪلمات چئي سگهون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,687
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    سائين اوھانجو ڪيل ڪم ٻولي ڪڏھن ڪون وساريندي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,653
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    ڳالهه جيئن ته سنڌ جي تاريخ جي آهي ان ڪري ليک ۾ صرف سنڌ جي تاريخ کي فوڪس ڪيو ويو آهي ۔۔ جڏهن ته پڙهندڙن ۽ مون لاءِ به ليک ۾ موجود ڪجهه ٻين ڳالهين سان به دلچسپي آهي جهڙوڪ:
    راجا ڏاهر جو سنڌ ۾ رائج نظام ڪهڙو ۽ ڪيئن هيو۔۔ ؟
    عربن اچي هتي ماڻهن کي زبردستي مسلمان ڪيو يا هتان جا ماڻهون سندن ورتاء، تهذيب ۽ نظام کان متاثر ٿي مسلمان ٿيا۔۔۔؟
    حجاج بن يوسف طرفان سنڌ تي ڪاهه جو بس هڪ ئي سبب پنهنجا عرب ۽ انهن جي ٻارن کي بازياب ڪرائڻ هيو يا اسلام جي تبليغ ۽ ترويج به هئي۔۔؟
    حجاج بن يوسف بادشاهي جي ويڙهه ۾ ماريو ويو يا ان جا ٻيا به سبب هئا۔۔؟
    عظيم فاتح محمد بن قاسم کي ايزائن ذريعي ۽ تذليل سان ڇو ماريو ويو۔۔۔؟ ۽ سندس ڪارنامن کي ڇو نظر انداز ڪيو ويو۔۔۔؟

    سنڌ جي هن ليک ۾ دلچسپي تڏهن ئي برقرار رهندي جڏهن ليک ۾ وقفي جو طول سوايو نه اچي۔۔ ان ڪري توهان کي گذارش آهي ته هن ڀرپور ۽ دلچسپ ليک کي وقت سر لکي موڪليندا رهندا۔۔ مهربانيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,220
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    دوستو محترم سائين نثار احمد جن جي بيحد مصروفيت ڪري اڄ مون ٿورو ٽائيم ڪڍي هن سلسلي کي اڳتي وڌائڻ جيڪري ڪجھ مواد لکيو آهي باقي وري به سائين جن کي پارت آهي ته بقايا صفحا به فراغت ۾ هڪ هڪ صفحو ڪري موڪلن سائين جي مهرباني۔
    ++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++

    [JUSTIFY] جيسيتائين محمد بن قاسم جو تعلق آهي چچ نامي جو بيان آهي ته ان ديبل جي اسيرن سان برو سلوڪ ڪيو مگر چچ نامي جا ڪجھ مضمون نا قابل تسليم آهن. ٻيو ته هي امور به قابل غور آهن ته محمد بن قاسم هڪ تعزيزي مهم جو سردار هيو. ڪيئي بيگناھ مسلمان مرد ، عورتون ديبل جي قلعي ۾ قيد هئا. جيسنگھ جڏهن بديل ، عبدالله جي لشڪرن جو قتل عام ڪيو هيو ته هي به ان زماني ۾ مسلم فوج جو جنگي اصول هيو جتي حملو ڪندڙ فوج جي مخالفت گهڻي ڪئي ويندي هئي اتي ان جي سزا به سخت هوندي هئي! محمد بن قاسم سترهن سالن جو جوشيلو جوان هيو اگر ان هڪ ٻن جاين تي بدلي جي جوش يا شديد مخالفت سبب ڪاوڙ ۾ فتح جي وقت اهو رحم و ڪرم نه ڏيکاريو جنهنجو مثال رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فتح مڪي جي موقعي تي قائم فرمايو هيو. فتح کان علاوه باقي سڀني جاين تي محمد بن قاسم سنڌ وارن سان وڏي نرمي جو سلوڪ ڪيو. جن ماڻهن اطاعت قبول ڪئي انهن کي ڪنهن به طرح نه ستايو ويو . انهن کي هر طرح جي امان ملي! هندن کي اهي رعايتون عطا ڪيون ويون جيڪي علمائن جي ويجهو اهل ڪتاب وارن لا خاص هيون ! اهڙي نظام جو بنياد رکيو جيڪو پهرئين راجائن کان يقيني بهتر هيو. ڏاهر جي والد چچ جي نسبت سان ڊاڪٽر تارا چند لکي ٿو ته چچ هڪ مغرور ، ظالم ، جابر ، آمر ،سامراج حاڪم هيو! ان پنهنجي رعيت تي سخت قانون رائج ڪيا هئا. رعيت کي هٿيار رکڻ ، ريشمي ڪپڙا پائڻ ، گهوري تي زين رکي هلڻ سخت منع هيو! چچ جو حڪم هيو ته پيرين اگهاڙي ، مٿي اگهاڙي ، ڪتن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندا ڪريو! محمد بن قاسم جي باري ۾ ڊاڪٽر تارا چند پنهنجي انهي انگريزي ڪتاب تاريخ اهل هند ۾ لکي ٿو ته مسلمان فاتحن مفتوحن سان عقلمندي ، نرمي جو سلوڪ ڪيو، ڪجھ پراڻو نظام قائم رکيو . پراڻي ملازمن کي برقرار رکيو. هندو پوڄارين ، برهمڻن کي پنهنجي مندر ۾ پوڄا جي اجازت ڏني وئي صرف انهن تي هلڪو جزيو عائد ڪيو ويو جيڪو آمدني مطابق ادا ڪرڻو پوندو هيو . زميندارن کي اجازت ڏني ته اهي برهمڻن ، مندرن کي پراڻي وقت کان هلندڙ ٽيڪس ڀلي ادا ڪن . جزيو برهمڻن کان نه ورتو ويندو هيو جزيي متعلق محمد بن قاسم تي اعتراض ڪيو ويندو آهي مگر جڏهن هي خيال ڪيو وڃي ته مسلمانن کي زڪوات ، صدقو ٻئي ڏيڻا پوندا هئا. جنهن کان هندو محفوظ هئا . زڪوات ، صدقو جزيي جي رقم کان ڪافي گهڻو هيو انڪري جزيو وٺڻ روا هيو . مسلمانن کي بيت المال ۾ اڪثر اڍائي سيڪڙو ، بعض اوقات ساڍا ٻارهن سيڪڙو داخل ڪرڻو پوندو هيو! غير مسلمانن کي سال ۾ صرف پنج دينار کان وڌيڪ نه ڏيڻو پوندو هيو! ان کان علاوه جنگي خدمت يعني جهاد کان هندو آزاد هئا جيڪو اسلامي حڪومت ۾ هر مسلمان جو مذهبي فرض هيو. جزيو وصول ڪرڻ تي به هندو برهمڻ مقرر هئا! غريبن کان جزيي جي رقم ٿوري ورتي ويندي هئي . برهمڻ هر حالت ۾ ان جو خيال رکندا هئا. محمد بن قاسم پراڻي نظام کي به برقرار رکيو راجا ڏاهر جي وزير اعظم کي وزارت تي برقرار رکيو . ان جي مشوري تي سلطنت جو سارو نظام هندن جي هٿ ۾ ڏنو عرب صرف فوجي نظام خاطر هئا. مسلمانن جي مقدمن جو فيصلو قاضي ڪندو هيو. هندن جي ڪري انهن جون پنهنجون پنچائتون قائم هيون. محمد بن قاسم جو اهوئي انصاف هيو جنهن سبب انجي مخالفت گهٽ ٿي . ڪافي شهرن پاڻهن اطاعت قبول ڪئي[/JUSTIFY]
    هلندڙ.......................................................................!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,220
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    سنڌ جي مختصر تاريخ قسط 6

    [JUSTIFY]علامه بلاذري فتوح البلدان ۾ لکي ٿو ته جڏهن محمد بن قاسم قيد ٿي عراق موڪليو ويو ته ماڻهون روئندا هئا! ڪڇ جي ماڻهن ته محمد بن قاسم جو مجسمو ٺاهيو هيو! جڏهن محمد بن قاسم قيدي ٿي هليو ويو ته سنڌين ڪَر کنيو جنهن تي مشهور اموي خليفي عمر بن عبدالعزيز جي چوڻ تي سنڌ جي عرب گورنر اعلان ڪيو ته اگر سنڌ جا ماڻهون مسلمان ٿين ته انهنکي عرب حڪمرانن جي برابر حق ملندا! انڪري ڪجھ سنڌي قبيلن ، سربراهن جن ۾ راجا ڏاهر جو پٽ جيسنگھ به هيو مسلمان ٿيا. انکانپو جلدي خليفي عمر بن عبدالعزيز جي وفات ٿي وئي سن ست سئو ويھ عيسوي 720ع . ان جي چئن سالن کان بعد هشام بن عبدالملڪ هڪ شخص جنيد کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. سنڌين جيڪي خود مختيار ٿيڻ چاهين پيا جنيد جي سخت مخالفت ڪئي ، بغاوت تي آماده ٿيا. جيسنگھ جي سربراهي ۾ ڪافي قبيلا جيڪي مسلمان ٿيا هئا وري ٻيهر هندو ٿي مرتد ٿي ويا . مولوي عبدالحليم شرر جو خيال آهي ته جيسنگھ ڏيکاوَ خاطر مسلمان ٿيو هيو ! مولوي ابو ظفر ندوي جو خيال آهي ته جيسنگھ ڪڏهن به مرتد نه ٿيو صرف سياسي طور تي ان عرب گورنر جي مخالفت ڪئي! والله ورسوله اعلم عزوجل و صلي الله عليه وسلم .
    جنيد بغاوت کي دٻايو بلڪه ان سنڌ کان ٻاهر مارواڙ، گجرات ، وچ هند تائين لشڪر موڪليا . مارواڙ کي ان فتح ڪري ورتو مگر گجرات ، اجين جي راجائن ان کي شڪست ڏني! آخرڪار 740ع سن ست سئو چاليھ عيسوي ۾ ان کي واپس طلب ڪيو ويو. ان جي واپسي تي حالتون بگڙيون مارواڙ، گجرات ، سان گڏ ڪڇ جي سرحدن تي جيڪي عرب فوجي دستا هئا انهن کي سنڌ ۾ واپس گهرايو ويو. هتي به بغاوت جي باھ ڀڙڪو ڏنو جيڪي سنڌي مسلمان ٿيا هئا اهي سڀ هڪ شهر کان علاوه اسلام کان منحرف ٿي ويا. عربن جو اقتدار ختم ڪرڻ ڪري جيڪا تحريڪ شروع ٿي هئي. ان ۾ اهي سڀ مرتد شامل ٿي ويا جيڪي منحرف ٿيا هئا! حالتون اهڙيون ته خراب ٿيون جو عرب مسلمانن کي پنهنجون ڪافي ڇانوڻيون خالي ڪرڻيون پيون . ڪافي ڇانوڻين ۾ ته اهي پنهنجو قبضو ڪڏهن به نه ڄمائي سگهيا! جنيد کان بعد جيڪو گورنر مقرر ٿيو اهو هڪ سال جي اندر وفات ڪري ويو. نئين حالت کي سنڀالڻ ان جي جانشين حاڪم (حڪم) کي ڪرڻو پيو . ان وڏي هوش ، سمجھ و قابليت سان ڪم ڪيو . سڀ کان پهريان انهن وکريل عرب فوجين کي بچائڻو هيو جيڪي مخالف آبادي ۾ ڦاٿل هئا. حڪم دريا سنڌ جي ڪناري اوڀر طرف موجوده حيدرآباد جي ڀرسان هڪ مظبوط مقام منتخب ڪيو. سڀني عرب فوجين کي اتي جمع ڪيو . ان جڳھ جو نالو محفوظه رکيو ويو يعني حفاظت واري جڳھ . جڏهن هي مرحلو پورو ٿيو ته هتان پوري تياري ، مناسب تدبير سان ملڪ جي مختلف حصن ۾ فوجي دستا موڪليا ويا جيڪي باغين کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. حڪم جي هي پاليسي گهڻي قدر ڪامياب رهي . جلدي ۾ سنڌ تي عربن جو وري ٻيهر غلبو ٿي ويو ۽ انهن کي هڪ وڏي فتح نصيب ٿي ... !
    [/JUSTIFY]

    هلندڙ..........................................................................!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    محفوظه ۽ منصوره شهرن جو بنياد

    [JUSTIFY]محفوظه جي سامهون درياهه سنڌ جي اولهه طرف وقت جي خليفي منصور جي نالي سان هڪ شهر آباد ڪيو ويو جنهن جو نالو منصوره رکيو ويو، يعني فتح جو مقام. هي شهر سنڌ جو نئون دارالخلافه بڻيو. سڀني انتظامن ۾ حڪم جو ٻانهن ٻيلي محمد بن قاسم جو پٽ عمر هيو، جيڪو حڪم جي وفات کانپوءِ سنڌ جو گورنر پڻ رهيو.

    اڃان تائين عرب ۽ اموي خليفن جي حڪومت هئي، جنهنجو دارالسطنت شام جو شهر دمشق هيو، سن 750ع ۾ عباسي برسراقتدار ٿيا ته عراق جو شهر بغداد دارالحڪومت ٿيو. عباسي گورنرن ۾ سڀ کان ڪامياب هشام هيو جيڪو 757ع ۾ سنڌ ۾ آيو. ان هڪ جهاز ڪاهي ڪاٺياواڙ جي ساحل تي قندهار نالي هي هڪ جاءِ تي حملو ڪيو ۽ پنهنجي فتح جي يادگار ۾ اتي هڪ مسجد جوڙائي جيڪا گجرات ۾ سڀ کان پهرين مسجد هئي. انکانپوءِ ان اتر جو رخ ڪيو ۽ ڪشمير جا ڪجهه سرحدي علائقا فتح ڪيا، فتح سنڌ کان 60 يا 70 سال پوءِ تائين ته عرب فاتحن جو چرچو رهيو پر هاڻي انهن ۾ يمني ۽ حجازي جو جهڳڙو شروع ٿي ويو جنهن عربن جي حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. جڏهن عرب حڪمران پنهنجي قبائلي ۽ قومي جهڳڙن ۾ لڳي ويا تڏهن مقامي قومن سنڌ ۾ وري ڪر کنيو، اتر سنڌ ۾ جٽ ۽ ڏکڻ ۾ ميد قوم جي ماڻهن بغاوتون ڪيون ۽ ملڪ جا ڪجهه حصا خودمختيار ٿي ويا.

    آهستي آهستي بغداد جي خليفي جو هنن ڏوراهن علائقن سان تعلق گهٽجندو ويو ۽ 854ع ۾ هباري خاندان جي حڪومت قائم ٿي جيڪا شروع ۾ سڀني مفتوح علائقن تي قائم ٿي هئي، مگر 902ع ۾ ملتان جي بنو سامر خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو ان وقت کان عربن جي قبضي وارا ملتان ۽ منصوره ٻئي خودمختيار رياستون بڻجي ويون. ان وقت روهڙيءَ جي ڀر ۾ هندن پنهنجي رياست قائم ڪئي، رياست ملتان جي تابع اتر سنڌ جو مٿيون علائقو هيو ۽ منصوره جي تابع ڏکڻ سنڌ وارو هيٺيون علائقو هيو.

    ان زماني ۾ اسماعيلي عقيدي جا ماڻهون جن کي قرمطي به چيو ويندو هو، مصر ۽ شام تي قابض هيا ۽ قاهره ۾ به ان عقيدي جي کي مڃڻ واري فاطمي خليفي جي حڪومت هئي. بغداد ۽ اولهه، اوڀر وارا علائقا عباسين جي ماتحت هيا. قرمطي دعويٰ ڪندڙ ۽ مبلغ عباسين جي علائقي ۾ وڃي فاطمين جي بيعيت جي تلقين ڪندا هئا. عباسين کي فاطمين سان سخت عداوت هئي. سنڌ به اسماعيلي، قرمطي فاطمين جي ڪوشش جو وڏو مرڪز رهيو.[/JUSTIFY]


    ۔۔۔۔ هلند ڙ ۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    اسماعيلي مذهب جي آمد

    [JUSTIFY]ان زماني ۾ اسماعيلي عقيدي جا ماڻهون جن کي قرمطي به چيو ويندو هو، مصر ۽ شام تي قابض هيا ۽ قاهره ۾ به ان عقيدي جي کي مڃڻ واري فاطمي خليفي جي حڪومت هئي. بغداد ۽ اولهه، اوڀر وارا علائقا عباسين جي ماتحت هيا. قرمطي دعويٰ ڪندڙ ۽ مبلغ عباسين جي علائقي ۾ وڃي فاطمين جي بيعيت جي تلقين ڪندا هئا. عباسين کي فاطمين سان سخت عداوت هئي. سنڌ به اسماعيلي، قرمطي فاطمين جي ڪوشش جو وڏو مرڪز رهيو.

    پهريون اسماعيلي داعي سن 270 هه بمطابق 883ع سن ۾ سنڌ آيو ۽ پنهنجي مذهب ۽ سياست جي اشاعت ۾ مصروف ٿي ويو، انکانپوءِ به ڪافي اسماعيلي داعي آيا ۽ ملڪ سنڌ کي انقلاب جي لاءِ تيار ڪندا رهيا. جڏهن انهن جون ڪوششون ڪامياب ٿيندي نظر آيو ته قاهره کان جلم بن شييان کي فوجي مدد سان سنڌ موڪليو ويو. جنهن 977ع ۾ ملتان تي اچانڪ حملو ڪيو ۽ ملتان فتح ڪري ان تي قبضو ڪيو، هاڻ ملتان تي فاطمي خليفي جو سڪو ۽ خطبو جاري ٿيو ۽ قرمطي عقيدي جي تبليغ باقاعده شروع ٿي. ملتان ۾ ان زماني ۾ وڏو مندر هيو جنهن ۾ هڪ قديم مورتي هئي. محمد بن قاسم ان مندر ۽ مورتي کي برقرار هڻ ڏنو هيو ۽ ان جي ڀرسان هڪ جامع مسجد ٺهرائي هئي. مگر قرمطين اها مسجد بند ڪرائي مندر ڊهرائي اتي هڪ ٻي جامع مسجد تعمير ڪرائي.

    سن 1010ع هڪ ٻيو قرمطي حاڪم ملتان تي قابض ٿيو، ان لاهور جي راجا ”جئي پال“ کي سلطان محمود غزنوي خلاف مدد ڏني هئي ڇو ته بغداد جي عباسي خليفي جو خطبو سلطان محمود غزنوي جي سلطنت ۾ پڙهيو ويندو هيو، جيڪي فاطمي خلفاء جي اقتدار کي نيست و نابود ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو هيو. سلطان محمود غزنوي ملتان تي حملو ڪيو ۽ فتح ڪري پنهنجو قبضو ڄمايو. قرمطي ملتان مان ڀڄي منصوره ويا ۽ اتي وڃي قبضو ڄمايو، پر 18 سالن کان سومناٿ جي سفر کان واپسي تي سلطان محمود منصوره کي به فتح ڪري ورتو. ۽ سنڌ جو سمورو علائقو وري سني بادشاهن جي تابع ٿي ويو.
    [/JUSTIFY]

    ۔۔۔۔ هلندڙ ۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    علمي ۽ تمدني لاڳاپا

    [JUSTIFY]عرب ۽ سنڌ و هند تجارتي تعلقات ته پراڻا هيا پر جڏهن سنڌ، عرب حڪومت جي ماتحت هڪ صوبي جي حيثيت اختيار ڪئي ته عربن ۽ سنڌين جي وچ ۾ گهرائپ جو دروازو کليو، ۽ جڏهن عباسين دمشق بدران بغداد کي پنهنجو دارالخلافه بڻايو ته سنڌ ۽ هند سان عربن جو علمي، مذهبي ۽ سياسي مرڪز اڃان به ويجهو ٿيو. ان ويجهڙائپ مان خلفاء بغداد گهڻو فائدو حاصل ڪيو ۽ سنڌ و هند جي علمي ترقين کان پنهنجو پاڻ کي پري طرح باخبر رکيو. عرب ان وقت پوري دنيا جي قومن کان برتر هئا. چين کان اسپين جي ساحل تائين انهن جو جهنڊو لهرائيندو هو، عرب ڄاڻندا هئا ته علمي ترقي جتي به هجي ان کان سبق سکڻ کان پاسو نه ڪجي ۽ گهڻن ڪتابن جو عربي ترجمو ڪرائي انهن جو مقصد اخذ ڪيو.

    پهريون ڪتاب ”سڌانت“ جنهنجو عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو، 771ع ۾ سنڌ جي هڪ وفد گڏ رياضيات جو هڪ فاضل پنڊت هي ڪتاب کڻي بغداد ويو هيو ۽ خليفي جي حڪم تي هڪ عرب رياضيدان انجو عربي ۾ ترجمو ڪيو. هي ڪتاب علم هيئت (آسمانن ۽ تارن جو علم، علم نجوم ) تي مشتمل هيو ۽ عربي ۾ (السند هند) جي نالي سان مشهور ٿيو. هن ڪتاب عربن جي علم هييت تي ڪافي اثر وڌو، هندو فاضل جا بغداد ۾ ڪافي شاگرد ٿيا جن ”سڌانت“ جي اصولن کي پنهنجي نمونن ۾ عربي ۾ منتقل ڪيو. انکان ٿوري عرصي بعد ان علم جي مشهور يوناني ڪتاب ” مجسطي“ جو عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ خليفي مامون جي زماني ۾ ڪافي نيون تحقيقون ٿيون، انهن سڀين ترقين جي باوجود ڳچ عرصي تائين عرب هيئتدان بغداد کان اسپين تائين هن ڪتاب ” سڌانت“ تي تحقيق ڪندر رهيا ۽ هن جا خلاصا لکيا، تشريحون ڪيون، غلطيون درست ڪيون، اصلاحون ڪيون. يارهين صدي عيسوي ۽ البيروني جي زماني تائين هي سلسلو قائم رهيو. اڃان تائين عرب ۾ علم هيئت جون چند اصلاحون باقي آهن جنهن ۾ ” سڌانت“ جو علم هيئت نظر اچي ٿو.

    علم هيئت کان علاوه علم حساب ۾ به عرب سنڌين کان ۽ پورو مغرب عرب کان مستفيض ٿيو. عربن جو بيان آهي ته انهن حسابي رقم هندسا لکڻ جو طريقو هندن کان سکيو انڪري اهي هندسن کي حساب هندي يا ارقام هندي چوندا آهن. اهل مغرب ۽ يورپ وارن هي هندسا عربن کان سکيا، انڪري هن علم کي ” عريبڪ نيومرڪس “ يا اعداد عربيه چوندا هئا. انکان پهريان عرب لفظن ۾ عدد لکندا هئا پوءِ حروف ابجد ۾ لکڻ لڳا، ۽ مغرب وارا رومن انگن ۽ عددن کي بيان ڪندا هئا، جنهنجو استعمال ٿورو ڏکيو هيو. ان ڳالهه جي صحيح خبر ناهي ته هندي انگ عربن ۾ ڪڏهن پهتا پر خيال هي آهي ته جيڪو سنڌي پنڊت ” سنڌانت“ ڪتاب کڻي بغداد ويو هيو انهيءَ عربن کي حساب جو نئون طريقو سيکاريو هوندو.
    [/JUSTIFY]

    ۔۔۔۔۔۔۔ هلندڙ ۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    سائين نثار صاحب جن جا لک ٿورا جو انهن پاڻ وقت ڪڍي ايڏي مصروفيت باوجود پاڻ ڪمپوزنگ ڪري هي مواد اسان سان ونڊيو آهي گڏو گڏ سائين عبد الغني صاحب جن به سائين نثار جن جي ٻانهن ٻيلي ٿيندي سلسلي کي اڳتي وڌايو آهي۔
    جيڪر حوالن سان گڏ هي ڪم ٿئي ها ته تحقيق ۾ وڌيڪ سونهن ۽ مضمون جي اهميت کي چار چنڊ لڳي وڃن ها۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,220
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    السلام عليڪم ادا طاهر صاحب هن موضوع ۾ حوالا به ڏنل آهن جيڪي تفصيلي موضوع ختم ٿيڻ تي لکيا ويندا۔
     
  18. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    سنڌ جي طب ۽ حڪمت جا ڪتاب

    [JUSTIFY]علم هيئت ۽ حسابن جي علم کان علاوه سنڌ جي طب تي عربن جي خاص نظر هئي ۽ هندو حڪيمن جا نسخا عربن ۾ ڪافي مقبول هيا. هڪ دفعي خليفو هارون رشيد سخت بيمار ٿي پيو عرب حڪيم ان کان عاجز ٿي پيا، انکي ڪنهن شخص مشورو ڏنو ته ”ماڻڪ“ نالي حڪيم کي گهرايو، خليفي سفر جو خرچ موڪلي انکي گهرايو ان جي علاج سان خليفو صحتياب ٿيو، خليفي خوش ٿي ان کي انعام و اڪرام ڏئي دارالترجمي ۾ سنسڪرت جي ڪتابن جو ترجمو ڪرڻ تي مامور ڪيو. اهڙيطرح جڏهن هارون رشيد جو سوٽ سڪتي جي مرض ۾ مبتلا هيو ۽ دربار جي يوناني عيسائي حڪيم ان جي موت جو اعلان ڪيو هيو ته هندو حڪيم ان جو علاج ڪيو هو صحتياب ٿيو.

    عباسي خليفي جي مشهور برمڪي وزراء جي شفاخاني جو اعلا عملدار به هڪ هندو هيو، ۽ ٻين حڪيمن سان سنسڪرت مان عربي ۾ ڪتابن جو ترجمو ڪرڻ تي فائز هيو. سنسڪرت مان عربي ۾ جيڪي ڪتاب ترجمو ٿيا انهن مان ” سشرت ۽ چرڪ“ خاص طور تي قابل ذڪر آهن. ٻه ڪتاب جڙي ٻوٽين، وکرن جي متعلق هئا، جن مان هڪ هندو پنڊتن جو لکيل ڪتاب جنهنجو عربي ۾ ترجمو ٿيو، جنهن ۾ عورتن جي بيمارين جو علاج درج ٿيل هيو، زهرن جي متعلق ۽ ان جي اثرن ۽ سڃاڻپ متعلق به ڪجهه ڪتابن جو ترجمو ٿيو، جانورن جي علاج ۽ ”چانڪيي پنڊت“ جي ڪتاب جو به عربي ترجمو ٿيو. عربن سنڌي هندو پنڊتن جي علم طب ۽ هندي طب کان جهڙيطرح فيض حاصل ڪيو ان جو اثر ڪجهه دوائن جي نالن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. جيئن مشهور دوا اطريفل، ٽي ڦل يعني ٽن وکرن “ هليلي، بليل ۽ املي“ جو مرڪب آهي. عود هندي، قسط هندي، تمر هندي به انهيءَ اثر جي يادگار آهن.

    حڪمت ۽ دانش جا به ڪافي ڪتاب سنسڪرت مان عربي ۾ ترجمو ٿيا، انهن مان ”ڪليلاودمنه“ ۽ بوذاسف و بلوهر“ دنيا جي اهم ڪتابن مان هئا. ڪليله ودمنه ”پنج تنتر“ جو ترجمو آهي پهريان هي ڪتاب سنسڪرت مان فارسي زبان ۾ ساسانين جي دور حڪومت ۾ ترجمو ٿيو، پوءِ ٻي صدي هجري ۾ عبدالله بن المقفح هن جو عربي ترجمو ڪيو، اصل فارسي ترجمو ته گم ٿي ويو پر عربي ترجمو سلامت رهيو، ۽ هي ڪتاب ايترو ته مشهور ٿيو جو نظم ۽ نثر ۾ ڪافي ڀيرا منتقل ٿيو، پوءِ عربي مان دنيا جي ڪيترين مهذب زبانن ۾ هن جا ترجما ٿيا. ”بوذاسف و بلوهر“ کي ڪليله و دمنه وانگر عام شهرت نه ملي پر انجي اهميت ۽ بلندي ڪليله و دمنه کان وڌيڪ هئي. هي ڪتاب گوتم ٻڌ جي پيدائش، تربيت، حڪايتن ۽ مثالن تي مشتمل آهي، هڪ جوڳيءَ سان دنيا سان وابسته رازن تي ان جي گفتگو جو بيان آهي. مذهبي حلقن ۾ هي ڪتاب ايترو مشهور ٿيو جو عيسائين هن ڪتاب کي پنهنجي هڪ مذهبي عالم ڏانهن منسوب ڪيو ۽ مسلمانن جي هڪ فرقي هن کي پنهنجي امام جي تصنيف ٻڌايو. رسائل اخوان الصفا“ ۾ جيڪو چوٿين صديءَ جو مذهبي ۽ فلسفياتي ڪتاب آهي هن جا ڪيئي باب شامل آهن
    [/JUSTIFY]

    ۔۔۔۔۔ هلندڙ ۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    [JUSTIFY]
    ان کان علاوه ڪيترائي هندي ڪتاب عرب پهتا، ڪجهه قصن ۽ ڪهاڻين تي مشتمل هيا ۽ ڪجهه جا جادومنتر جا ۽ ڪجهه ڪيميا وَ علم جوتش جي متعلق هيا. ٻه ڪتاب شناق ۽ دياگهر علم حڪومت ۽ جنگ جي فن متعلق هيا. ٽئين ڪتاب جو ترجمو ادب الملڪ جي نالي مرتب ٿيو. انکان علاوه ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اسلام ۾ تصوف جو آغاز به سنڌ ۽ هند جي اثرن ڪري ٿيو.

    بنو اميه جي زماني ۾ ڪافي سنڌي ۽ هندي بصره جي خزاني واري مڪتب جا رڪن هيا. خليفي معاويه جي بنسبت چيو وڃي ٿو ته انهن شام ۾ انطاقيه جي ڀرسان ۽ حجاج وري ڪاشغر جي ڀرسان ڪافي سنڌي ۽ هندي آباد ڪيا هيا، پروفيسر نيڪلسن لکي ٿو ته؛ خلفاء جي علائقن ۾ ڪارين اکين وارا هندو ۽ مسلمان گڏ رهندا هئا. اسلامي حڪومت جي اوڀارين حصي، يعني خراسان، افغانستان، سيوستان ۽ بلوچستان جا ماڻهون مسلمان ٿيڻ کان پهريان هندو يا ٻڌ مذهب جا پيروڪار هئا. بلخ ۾ ٻڌ مت جو تمام وڏو عبادت خانو هيو، جنهن جي روحاني پيشوا جو نالو ” برمڪ“ هيو، عباسي خاندان جا مشهور وزير انهيءَ برمڪ جي اولاد مان هئا.

    عربن ٻڌ مذهب جي ڪيترن ئي ڪتابن جو ترجمو ڪيو، عرب مصنف ”النديم الاشعري“ جي تصنيفن ۾ سنڌ ۽ هند جي مذهبن ۽ فلسفي جي متعلق ڪافي باب آهن، انکان علاوه اسلامي ادب ۾ ٻڌ ساڌن ۽ جوڳين جو ذڪر وضاحت سان ملي ٿو. ڪجهه يورپي مورخن جو خيال آهي ته انهيءَ تعلقات سبب ڪافي خيال جنهنجو ذڪر قرآن و حديث ۽ سيرت نبوي ۾ نه ٿو ملي، تصوف ۾ داخل آهن.
    سنڌ ۾ مذهبي حالت؛

    سنڌ ۾ عربن جي حڪومت دير تائين برقرار رهي ڪجهه شهرن ۾ نيون آباديون قائم ٿيون جنهن ۾ عالم ۽ فاضل به هيا پر انهن عوام ۾ اسلام جي اشاعت جا ڪي منظم اپاءَ نه ورتا. ۽ سنڌ جي ڪيترن آبادين ۾ مذهبي تبديلي هوريان هوريان ۽ ڪافي عرصي کانپوءِ ٿي. تاريخ مان پتو پوي ٿو ته ديبل ۽ ٻين جاين تي جتي عربن جون نيون آباديون هيون اتي گهڻا علماء هئا. قاضي عبدالڪريم سمعاني، متوفي 562 هه محدثن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي ديبل ۾ هئا، پنهنجي مشهور ڪتاب ” الانساب“ ۾ پنهنجي همعصر ۽ پهريان وارن علمائن جو ذڪر شهري ۽ علائقي وار ڪيو آهي. ان ۾ ٻين ملڪن جيئان سنڌ، ديبل، لاهور، ۽ هند جي ڪيترن بزرگن جو مختصر احوال پڻ آهي،

    مثال؛ ”ابو معشر نجيح سنڌي“ جيڪو نئون مسلم هيو ۽ مديني منوره ۾ گهڻو عرصو رهڻ جي ڪري مدني سڏبو هو. هي عالم پنهنجي زماني ۾ سير ۽ مغازي جي فن ۾ امام هيو ۽ ڪجهه مورخن مطابق سير ۽ مغازي فن کي پهريان تحرير ۾ آڻڻ سندن ڪارنامو هو، سندن وفات 170 هجري ۾ ٿي. شهرت جو اهو عالم هيو جو سندن جنازي نماز خليفي هارون رشيد پڙهائي.

    سڀ کان پهرين اهل تصنيف بزرگ ” ربيع بن صبيح السعدي البصري“ جي سنڌ ۾ اچڻ جو ذڪر تفصيل سان ملي ٿو، جيڪو 159 هجري سن ۾ فوج سان گڏ آيو هو. ”ڪشف الظنون“ جي مطابق پاڻ تدوين حديث ۾ حصو ورتائون ۽ ڪجهه علمائن جو خيال آهي ته پاڻ اسلام ۾ پهريان مصنف ۽ مرتب هئا، پاڻ تابعي هيا، طبقات ابن سعد جي بيان مطابق پاڻ 160 هجري ۾ وفات ڪيائون، ۽ سنڌ ۾ دفن ٿيا.

    ٻيو هڪ نئون مسلم عالم ” رجاء سنڌي“ هيو، جيڪو ايران ۾ رهڻ جي ڪري اسفراني مشهور ٿيو، انهن لاءِ ڪجهه بزرگن جو چوڻ آهي ته“ رڪن من ارڪان الحديث هيو، انجو پٽ هڪ وڏو محدث هيو ۽ بغداد ۾ درس ڏيندو هيو.

    ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ علم حديث سان دلچسپي شروع کان هئي بيت المقدس جي سياح عرب عالم ابو القاسم جيڪو سلطان محمود غزنوي جي فتوحات کان 25 سال اڳ سنڌ ۾ آيو، لکي ٿو ته؛ سنڌي اڪثر محدث هئا، علامه سمعاني ڪافي محدثن ۽ عالمن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هيا، ان کان علاوه هڪ عربي سنڌي شاعر ابو عطا سنڌي جو نالو به ملي ٿو، جنهنجي عربي شعرن جو عرب اعتراف ڪندا هئا. بايزيد بسطامي رحمت الله عليه جي حالات مان خبر پوي ٿي ته انهن جو هڪ استاد سنڌي هيو سندن نالو ابو علي سنڌي هيو. مولانه جاميءَ ” نفحات الانس“ ۾ لکيو آهي، ” بايزيد گويد من از ابو علي علمِ فنا و توحيد آمو ختم وابو علي“، مولاني جاميءَ نفحات الانس“ ۾ سنڌ ۽ هند جي صرف ڇهن يا ستن صوفين جي ذڪر ۾ ابو علي سنڌي جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهيو.

    هڪ عرب سياح مقدسي پنهنجي سفرنامي ۾ منصوره شهر متعلق لکندي لکي ٿو ته ” مون هتي قاضي ابو محمد منصوري کي ڏٺو جيڪو دائودي امام دائود ظاهري جو پوئلڳ هيو ۽ پنهنجي مذهب جو امام. ان جون بهترين تصنيفون آهن، مقدسيءَ سنڌي مسلمانن جي تعريف ڪئي آهي ته سنڌين وٽ اسلام کي تازگي حاصل آهي ۽ اهل علم گهڻا آهن.
    [/JUSTIFY]
    ۔۔۔۔ هلندڙ ۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,220
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: عرب ۽ سنڌ و هند جا پراڻا ۽ گهرا لاڳاپا

    آخري قسط


    مانواري دوست سائين نثار احمد ابڙي صاحب جن جا ڪروڙين ڪرم جو پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي هن موضوع کي تڪميل تائين آندائون سندن هي يادگار ڪاوش رهندي دوستن کي گزارش آهي ته مڪمل موضوع پڙهي پنهنجا پنهنجا رايا ضرور ڏين اگر ڪا ڪوتاهي رهجي وئي هجي ته درست ڪرڻ فرمائين مهرباني۔


    منصوره جي هڪ قابل هستيءَ ۾ هڪ عرب نوجوان جو ذڪر ملي ٿو ۔ جنهن روهڙيءَ جي راجا جي چوڻ تي قرآن ڪريم جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو! هي دنيا ۾ قرآن ڪريم جو پهريون ترجمو هيو! ان کان علاوه سنڌ ۾ به سياسي ۽ مذهبي جهڳڙن جو سلسلو هلندو رهيو جيئن عرب ۽ ايران وَ مصر ۾ اسماعيلي ۽ عباسي ڇڪتاڻ هئي۔ مقدسي لکي ٿو ته ملتان ۾ امام ابو حنيفه جا مقلد گهڻا هئا ۽ مختلف فرقن ۾ به ڪو خاص جهڳڙو نه هيو مگر سن ٽي سئو پنجهتر 375 هجري ۾ اِن علائقي تي اسماعيلين جو گهڻو زور هيو ۽ هو غالب هئا۔ فتوح البلدان ۾ لکيل آهي ته فتح سنڌ کانپوءِ خليفي عمر بن عبدالعزيز جي زماني ۾ سنڌ جا ڪجھ قبيلا مسلمان ٿيا ۽ اِنهي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ڪجھ سالن کانپوءِ وري ڪافي قبيلا مرتد ٿي ويا۔ سما خاندان يعني سمن جي دور ۾ ڪجھ اسلامي اثرات پيدا ٿيا۔ سما خاندان جي 150 ڏيڍ سئو سال حڪومت کانپوءِ سن 1474 چوڏهن سئو چوهتر عيسوي ۾ احمد آباد جي حاڪم سلطان محمود بيگڙي سنڌ تي حملو ڪيو ته ان وقت به ڪيئي سنڌي نالي ماتر مسلمان هئا! بادشاھ انهن جي ڪافي سردارن کي جونا ڳڙھ وٺي ويو ۽ انهن کي مسلمانن جي حوالي ڪيو ته جيئن حنفي مذهب مطابق سنتِ نبوي صلي الله عليه و آله وسلم جو صحيح طريقو سِکن!
    شيخ ابو تراب تبع تابعي رحمت الله عليه
    سنڌ ۾ عهدِ اسلامي جِي سڀ کان پراڻي زيارت گاھ شيخ ابو تراب تبع تابعي متوفي سن ست سئو اٺاسي 788 عيسوي جي آهي۔ تحفت الڪرام جو مصنف لکي ٿو ته هي بزرگ تبع تابعي هيو ۽ عباسي دور خلافت ۾ ضلعي ساڪوره شهر بکر جي مظبوط قلعي تي پاڻ قابض هيو! سندن مزار زيارت عام ۽ خاص هئي۔ ان جي مقبري تي سن هڪ سئو ايڪهتر 171 هجري درج هيو۔

    تحفت الڪرام جلد ٽيون صفحو 26
    پاڻ بکر جو قلعو فتح ڪيو هُيائون۔ سندن مزار تي هر مهيني هڪ ننڍو ميلو پڻ لڳندو آهي۔ سندن مزار مبارڪ ٺٽي کان ڏھ ميل پري تعلقي ميرپور ساڪرو ۾ آهي۔ عام ماڻهن هن کي با ڪرامت ولي الله سڏيو آهي۔ مقامي روايت مطابق هن علائقي ۾ هڪ هندو راجا ٿارنا نالي هيو شيخ پنهنجي ڪرامت سان ان راجا ۽ ان جي فوج کي پهڻ بڻائي ڇڏيو ۽ اُها ٽڪري ماڻهن ۽ زائرين کي ڏيکاري ويندي آهي ۔


    سنڌيڪار عبدالغني لوهار ورتل اردو ڪتاب آبِ ڪوثر مصنف ڊاڪٽر شيخ محمد اڪرام
    حوالا: چچ نامو ، تحفت الڪرام ، تاريخ اهلِ هند انگريزي ڊاڪٽر تارا چند۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو