سڀ کان پهرين ذميداري۔۔۔۔۔۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ ڊاڪٽر تڪڙو تڪڙو اسپتال داخل ٿيو ۽ ڪنهن سان ملڻ کان سواءِ ئي تڪڙو لباس تبديل ڪري آپريشن ٿيٽر ڏانهن روانو ٿيو۔۔۔ ڇو ته کيس فون ڪال ڪري ايمرجنسي ۾ گهرايو ويو هو۔۔۔
    آپريشن ٿيٽر جي دروازي تي هڪ ضعيف ماڻهون ويٺو هو۔۔ جيڪو کيس ڏسندي ئي اٿي بيٺو ۔۔ ۽ کائنس ڪاوڙ ۾ پڇيائين۔۔۔ ”تو اچڻ ۾ ايترو وقت ڇو لاتو ۔۔ توکي خبر نه هئي ته منهنجي پٽ جي زندگي خطري ۾ آ۔۔ ۽ توکي پنهنجي ذميداري جو احساس آهي۔۔؟“
    ڊاڪٽر مسڪرايو ۽ جواب ڏنائين۔۔ ”معاف ڪجو مان اسپتال ۾ نه هيس ۔۔ بس جيئن ئي مون کي ڪال ملي تيئن ئي تڪڙو پهتو آهيان۔۔ اميد ته توهان صبر ڪندو ۽ مون کي ڪم ڪرڻ ڏيندو۔۔“
    همراه وڌيڪ ڪاوڙ ۾ چيو۔۔ ”صبر ڪريان۔۔ جيڪڏهن منهنجي پٽ جي جاءِ تي اندر تنهنجو پٽ هجي ها ته تون صبر ڪرين ها۔۔ ؟“
    ڊاڪٽر مسڪرائيندي جواب ڏنو۔۔”پاڪ ڪلام فرمائي ٿو ۔۔۔ توهان کي مٽي مان پيدا ڪيو ويو آهي ۽ مٽي ۾ ئي دفن ڪيو ويندو۔۔ الله پاڪ مهربان آهي۔۔ زندگي موت ان جي هٿ ۾ آهي ۔۔۔ ڊاڪٽر ته صرف وسيلو آهي ۔۔ توهان رب پاڪ کان پنهنجي پٽ جي زندگي لاءِ دعا گهرو۔۔۔“
    والد هڪ دفعو وري ڪاوڙ ۾ چيو۔۔۔۔ ”ٻين کي مشورو ۽ نصيحت ڏيڻ سولو ڪم آهي۔۔“
    آپريشن ڪجهه ڪلاڪ هليو ۽ ڊاڪٽر آپريشن جي ڪاميابي سان ٻاهر آيو۔۔ ”خدا جو شڪر ادا ڪريو۔۔ توهان جو پٽ هاڻي بهتر آهي۔۔ “ ڊاڪٽر مريض جي والد جو جواب ٻڌڻ کانسواءِ ئي تڪڙو ٻاهر نڪتو ۽ ويندي ويندي ٻيهر چيائين۔۔۔”توهان کي ڪا پريشاني هجي ته نرس سان رابطو ڪجو۔۔“
    ڀرسان ئي موجود نرس کان مريض جي والد پڇيو۔۔ ”ڊاڪٽر ايترو تڪڙو ڇو ويو هليو۔۔ مون کي پنهنجي پٽ بابت کائنس اڃان پڇڻو هيو۔۔۔“
    نرس ڀريل اکين سان جواب ڏنو۔۔”ڊاڪٽر جو پٽ ڪالهه روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ وفات ڪري ويو هو۔۔ ۽ سندس جنازي نماز ٿيڻ کان اڳ ئي کيس فون ڪري هن آپريشن لاءِ گهرايو ويو هو۔۔ هاڻي جڏهن توهان جو پٽ جو آپريشن ڪري چڪو ته هن کي پنهنجي پٽ جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻي هئي۔۔۔“

    سبق: ڪنهن به قصوروار نه سمجهو۔۔ ڇو ته توهان کي ناهي خبر ته انهن جو ڪهڙو حال آهي۔۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سڀ کان پهرين ذميداري۔۔۔۔۔۔۔۔

    بيشڪ ادا

    ڪنهن کي ڪهڙي ۡخبر ته ڪير ڪهڙن مسئلن ۾ اجهيل آهي

    بهترين سبق آموز ڪهاڻي آهي ادا

    سدائين گڏ
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سڀ کان پهرين ذميداري۔۔۔۔۔۔۔۔

    تمام سٺي ۽ سبق آموز شيئرنگ آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڳالهائڻ وقت اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته اڳلي ماڻهوء جي به ڪا مجبوري ٿي سگهي ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قرآن پاڪ ۾ آيل آهي ته

    وَ قُولو لناس حُسنا

    ۽ ماڻهن سان سٺي اخلاق سان ڳالهائيندا ڪريو ۔۔۔۔۔۔
     
  4. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: سڀ کان پهرين ذميداري۔۔۔۔۔۔۔۔

    تمام سٺو سبق پڙهڻ لا مليو جيڪو تمام سٺي سمجهاڻي تحت آهي جنهن ۾ هر ڪنهن تي ڪاوڙ نه ڪجي ته ان جي باري ۾ لکيل آهي ته توهان ان کان به پڇو ته ان جي ڪا مجبوري ته ڪانهي باقي خالي ٻئي تي ڪاوڙ ڪرڻ جو ڪو فائدو ڪونهي توهان تمام سٺي ونڊ شامل ڪئي آهي۔
     
  5. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: سڀ کان پهرين ذميداري۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا سبق آموز ونڊ ڪيو اٿو جس هجي توهان کي اهڙي ونڊ ونڊڻ تي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو