هند جي سنڌي اديبن جي جنم ڀومي سنڌ ڏانهن اڏام : ڪراچي ايئرپورٽ تي آڌرڀاء [JUSTIFY]مان والد صاحب جي وفات سبب ڳوٺ هيس ۽ جيئن ئي ڪراچي پهتس ته ٻئي ڏينهن سائين هدايت بلوچ ۽ ادا ذوالفقار بهڻ صاحب جن تعزيت لاء آيا ۽ پاڻ ٻڌايائون ته سومر ڏينهن هند جا سنڌي اديب، شاعر ۽ ليکڪ موتي پرڪاش ، هيرو ٺڪر ، اندرا شبنم پوناوالا، وِمي سدا رنگاڻي ڀٽائيء جي ميلي ۾ شرڪت لاء ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچندا، سندن استقبال لاء هلڻو آهي۔ سومر ڏينهن شام جو پوڻين پنجي بجي ايئرپورٽ پهتس ته خبر پئي ته وِمي ٻاهر اچي چڪي هئي ڇو ته هن جي فلائٽ بمبئي مان هئي، جڏهن ته هيرو ٺڪر ۽ اندرا شبنم جي جهاز هاڻي هاڻي لينڊ ڪئي هئي جيڪي دهلي کان اچي رهيا هئا۔ ايئرپورٽ تي سائين تاج جويو، هدايت بلوچ، رکيل مورائي، پروفيسر سليم ميمڻ، ذوالفقار بهڻ ، سنڌي راهوجو، جهانگير راهوجو، غلام نبي مگسي ۽ ٻيا ڪيترائي دوست موجود هئا۔ پر مونکي حيرت ٿي ته سنڌي اديبن جو گهٽ تعدادا استقبال لاء آيل هو۔ موتي پرڪاش کي ويزا نه ملڻ سبب هو اچي ڪونه سگهيو۔ ايئرپورٽ لائونج مان ٻاهر اچڻ وقت سڀ گهڻو خوش هيا ۽ جڏهن مان ميڊم اندرا سان مليس ته هن جي اکين ۾ خوشيء جا ڳوڙها هئا۔ هوء مونکي چئي رهي هئي ته مونکي يقين ڪونه پيو اچي ته مان سنڌ ۾ اچي وئي آهيان۔ هيرو ٺڪر ڀاڪر ۾ ڀري بار بار ملي رهيو هو۔ پوء سڀني دوستن جو قافلو مهراڻ هوٽل طرف روانو ٿيو جتي مهمانن جي رهڻ جو بندوبست هيو۔ هوٽل پهچي خوب ڪچهري ٿي، اتي ئي فيسبوڪ جي هڪ ٻي شخصيت ادي ڪنول سنڌي پڻ هوٽل پهچي مهمانن سان ملي۔ اسان جلد مهمانن کان موڪلايوسين ڇو ته صبح جو ستين بجي کين ڀٽ شاهه لاء روانو ٿيڻو هو۔ سائين هدايت بلوچ ۽ ذوالفقار بهڻ گهڻو زور ڀريو ته مان ساڻن گڏ ڀٽ شاهه وڃان پر مجبورين سبب چاهيندي به ڪونه وڃي سگهيس۔ اسان جا هي مهمان ڪجهه ئي ڏينهن ۾ واپس ڪراچي ايندا ۽ اسان سنڌ سلامت ۽ سنڌي ادبي ايسوسيئيشن (صاف) جي پليٽ فارم تان هڪ آجياڻو پڻ رکنداسون۔ جنهن جي دعوت پروگرام جي فائنل ٿيڻ کانپوء سڀني کي ڏبي۔[/JUSTIFY] وِمي سدا رنگاڻي، هيرو ٺڪر ۽ اندرا شبنم
جواب: هند جي سنڌي اديبن جي جنم ڀوميء ڏانهن اڏام پيارا محمد سليمان وساڻ ھن تاريخ ساز موقعي کي انٽرنيٽ جي مدد سان ھڪ تاريز جو حصو بنائڻ تي اوھان جس لھڻو سنڌي ادبي ايسوسيشن فيسبڪ جي اڳواڻ اندارا شبنم جو جنم ڀومي ياترا تي پريس بيان ********************* صاف ھڪ اھڙي ادبي ۽ ادب دوست تنظيم جنھن ۾ انٽيليڪچوئلز ۽ نوجوانن جو وڏو انگ آھي يقينن سماج ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي۔
جواب: هند جي سنڌي اديبن جي جنم ڀوميء ڏانهن اڏام هند مان آيل سنڌي ڏاهن کي سنڌ ڌرتي تي قدم رکڻ تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون، اميد ته سندن سفر سڻائو رهندو ۔۔۔ اوهان دوستن سندن آدرڀا ڪري پنهنجو فرض نڀايو آهي ۔۔۔۔ لک سلام سڄڻ آيا ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيان سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: هند جي سنڌي اديبن جي جنم ڀوميء ڏانهن اڏام پيرائتي رپورٽ پيش ڪرڻ تي سليمان وساڻ جي مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هنڌ کان آيل سڀني اديبن ء دانشورن کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد سنڌ گهمي کين مزر ايندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تصورن ڪجهه نه ٿيو ڏسجن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: هند جي سنڌي اديبن جي جنم ڀوميء ڏانهن اڏام سائين محمد سليمان توهان کي جس هجي جو ايترين مصروفيتن باوجود توهان پرڏيهه کان آيل مهمانن جو آڌر ڀاء ڪيو ان سان گڏ فوٽن سميت ڪوريج به ڏني اميد ته آيل مهمانن کي توهان جي محبت ڀريي آڌر ڀاء مان سنڌ جي سرهاڻ محسوس ٿي هوند سنڌ سلامت طرفان آيل معزز مهمانن کي ڀلي ڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: هند جي سنڌي اديبن جي جنم ڀوميء ڏانهن اڏام سائين محمد سليمان صاحب تمام سٺي ڳالهه آهي ته توهان سنڌ سلامت فورم تي انڊيا مان آيل سنڌي اديبن جي ونڊ شامل ڪئي ۽ ها سائين اسان جي سنڌ ايتري سونهاري آهي جو هر ڪوئي ايندو ته خوش ۽ کلندو ايندو ان کي ائين محسوس ٿيندو ته هو سندن ملڪ کان ٻاهر نه پر پنهنجي ئي ملڪ ۾ موجود آهي ۽ سنڌي اديبن کي ڀليڪار ٿا چئون سنڌ اچڻ ۽ ڀٽ شاهه جي ميلي تي ڀلي ڪار ڪريون ٿا۔
جواب: هند جي سنڌي اديبن جي جنم ڀوميء ڏانهن اڏام ادا محمد سليمان وساڻ جون مهربانيون جو انڊيا مان آيل سنڌي وفد جون تازه ترين تصويرون اسان سان ونڊ ڪيون ڪالهه حيدرآباد ۾ انهي محبتي وفد جو ترقي پسند هائوس حيدرآباد ۾ ڏاڍو انتظار ڪيم ڇو ته اتي سانا آمريڪا مان آيل سنڌي دوستن جي ويلڪم تقريب هُئي ۽ انڊيا جي هنن سنڌي دوستن کي به انهي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏنل هُئي، توهان کي سُڌ هُجي ته انهي تقريب جي سائن آجياڻي بينر تي سائين هيروٺڪر جو نالو پڻ مهمان خاص ۾ لکيل هو آئون به سنڌ سلامت جي عيوضي جي حيثيت سان انهي تقريب ۾ مدعو هُئس دل ۾ گهڻي خواهش هُئي ته هنن سنڌي دوستن سان ملي ڪارپورٽ تحرير سنڌ سلامت واسطي موڪلي سگهان پر افسوس جو ملاقات ٿِي نه سگهي ، حيدرآباد ۾ سانا واري تقريب جون جملي تصويرون مان جلدي توهان دوستن سان شيئر ڪندس۔في الحال هي هڪڙي تصوير توهان سان شيئر پيو ڪريان جنهن ۾ سانا آمريڪا جي سنڌي دوستن سميت انڊيا مان آيل ميمبرن لا پڻ خير مقدمي ڪلمات لکيل آهن ، هن تقريب سنڌ جا ڪافي ڏاها اديب جن ۾ آغا سليم، محترم جامي چانڊيو، محترم شوڪت هاليپوٽو، محترم حميد سنڌي، محترم غلام نبي مغل ، محترم حفيظ ڏيرو، محترم عاشق هالائي، محترما آپا مهرالنسا لاڙڪ کان سوا ڪيترا سياسي سماجي ، سول سوسائٽي جا ميمبر پڻ انڊيا مان آيل انهي ساڳوڻي وفد جو انتظار ڪري رهيا هُئا۔مان پنهنجي سنڌ سلامت جو سموري ڪٽ جنهن ۾ هڪ وڊيو ڪئميرا، ٻه اسٽل 12 ميگا پڪسل واريون ڪئميرائون ، سنڌ سلامت جو مائڪ لوگو وارو کڻي ويو هُئس پر انڊيا مان آيل سمورو وفد شايد سائين تاج جويو وٽ مهمان هو۔ خير هند ۽ سنڌ جا سمورا سنڌي جتي به هُجن اتي آباد هُجن آمين سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سانا آمريڪا ۽ انڊيا مان آيل سنڌي وفد جي لا آجياڻي وارو بينر ۽ اسٽيج تي ويٺل مهمان۔
جواب: هند جي سنڌي اديبن جي جنم ڀوميء ڏانهن اڏام [JUSTIFY]قسط نمبر 2: صبح جو سوير مهمانن جو قافلو ڀٽ شاهه روانو ٿيو جتي کين ڀٽ شاهه جي ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ اتي منعقد ٿيندڙ شاهه لطيف انٽرنيشنل ادبي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪرڻي هئي۔ ياد رهي ته هندستان کان آيل مهمانن جي ڪو آرڊينيشن محترم سليم ميمڻ ۽ تاج جويو صاحب جن ڪري رهيا هئا ۽ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران کين گهرايو ويو هو۔ مهمانن کي سنڌ جي صرف ٻن شهرن حيدرآباد ۽ ڪراچي جي ويزا مليل هئي۔ حيدرآباد ۽ ڀٽ شاهه جون ڪجهه تصويري جهلڪيون: ڀٽ شاهه ۾ ٿيندڙ سرڪاري تقريبون پير پاڳاري جي وفات سبب هڪ ڏينهن اڳ ئي ختم ڪيون ويون، تنهنڪري مهمان واپس ڪراچي آيا ۽ کين ڪراچي يونيورسٽي جي انٽرنيشنل گيسٽ هائوش ۾ رهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو۔ محترمه ومي سندر جي رهائش محترمه عطيه دائود جي گهر هئي جڏهن ته هيرو ٺڪر ۽ اندرا شبنم هاسٽل ۾ رهائش پذير هئا۔ ميڊم اندرا سان هر روز فون تي رابطو رهندو هيو۔ مهمان ڇو ته حڪومت سنڌ جي دعوت تي آيل هئا تنهنڪري سندن آزاد چرپر تي ڪجهه بندشون هيون۔ محتم ذوالفقار بهڻ جي فون آئي ته اوهان آفيس ۾ تيار رهجو اسان اوهان کي وٺي آرٽس ڪائونسل هلنداسين جتي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي ليڪچر پروگرام ۾ مهمانن کي به شرڪت ڪرڻي آهي۔ مان آفيس مان نڪري هيٺ لٿس ۽ گاڏي جو انتظار ڪرڻ لڳس۔ ڪجهه دير ۾ گاڏي پهتي جنهن ۾ اندرا شبنم، هيرو ٺڪر، رکيل مورائي، شفيق جوکيو، ذوالفقار بهڻ ۽ نصير سومرو سان گڏ پاڪستاني ڪوارٽر طرف روانا ٿياسين۔ ڇو ته هيري ٺڪر جو اسرار هيو ته هو سائين شمشير الحيدري سان ملڻ چاهين ٿا۔ سائين شفيق جوکيو هلندي هر علائقي جو تعارف ۽ تاريخي اهميت بابت مهمانن کي ڄاڻ ڏيندو رهيو۔ ڪجهه ئي دير ۾ اسان جو قافلو سائين شمشير جي گهر طرف پهتو جتي سائين هدايت بلوچ به اسان جي انتظار ۾ هو۔ سائين شمشير صاحب هن دفعي ڪجهه ڪجهه اداس ۽ وڌيڪ ڪمزور لڳي رهيو هو۔ ڪچهري هلندي شمشير جي گهران ريفريشمينٽ به آئي ۽ ڪجهه سيريس ته ڪجهه کل ڀوڳ واريون ڳالهيون ٿينديون رهيون۔ اتان واپسي ۾ رکيل مورائي ضد ڪئي ته پهريان عوامي آواز جي دفتر هلو جڏهن ته هوڏانهن ليڪچر شروع ٿي چڪو هو۔ عوامي آواز جي دفتر پهتاسين ته جي اين مغل ۽ عوامي آواز جي اسٽاف پاران مهمانن جي آجيان ڪئي وئي ۽ آفيس ۾ ويهاريو ويو جتي ڪجهه سوالن جوابن جو سلسلو به هليو۔ خاص موضوع هئا هنداستان ۾ سنڌي ٻولي جو مستقبل۔ هيري ٻڌايو ته اسان جي نئين نسل لاء سنڌي ٻولي لکڻ پڙهڻ گهڻو چيلينج آهي۔ اندرا ٻڌايو ته اسان اتي رات جي وقت اسڪول پيا هلايون ۽ عورتن کي سنڌي لکڻ پڙهڻ سيکاريون۔ عوامي آواز جي خير محمد جوڻو، زرار پيرزادو، اسد چانڊيو، قاسم راجپر سميت گهڻن دوستن سوال ڪيا۔ اتن پوء عوامي آواز جي مختلف سيڪشنن ۾گهمايو ويو۔ هڪ ڳالهه جيڪا مونکي سٺي نه لڳي اها اها هئي ته عوامي آواز جي سائين جبار خٽڪ اٿي اچي مهمانن سان ملاقات ڪانه ڪئي پر مهمان سندس ڪمري ۾ ويا۔ اتان پوء آرٽس ڪائونسل پهتاسون جتي اڪبر لغاري صاحب ادبي تنقيد جو تعارف تي ليڪچر پيش ڪري رهيو هو۔ اتي ڪيترائي ئي سينير ۽ نوان ليکڪ ۽ شاعر به موجود هئا۔ هيرو ٺڪر پڻ ادبي تنقيد تي سٺو ڳالهايو ۽ چيو ته ادبي تنقيد تي سنڌي ۾ گهٽ ڪم ٿيو آهي۔ هو ان سلسلي ۾ هڪ انگريزي ڪتاب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي جيڪو 600 صفحن تي مشتمل آهي۔ ميڊم اندرا شبنم کي اسٽيج تي ڳالهائڻ لاء گهرايو ويو ته هوء گهڻو خوش ۽ جذباتي لڳي رهي هئي۔ سنڌ ۾ مليل پيار جو اظهار سندس لفظن مان نکرجي رهيو هو۔ تاج بلوچ ۽ ٻين جي فرمائش تي هن هيٺيون غزل پيش ڪيو، جيڪو گهڻو پسند ڪيو ويو۔ اتان پوء مهمان واپس هاسٽل طرف روانا ٿيا ۽ مان سائين اسحاق انصاري ۽ عابد مظهر سان گڏ واپس پنهنجي گهر روانو ٿيس۔[/JUSTIFY]
جواب: هند جي سنڌي اديبن جي جنم ڀوميء ڏانهن اڏام [JUSTIFY]قسط نمبر 3 ٻئي ڏينهن صبح ميڊم اندرا جو فون آيو ته اڄ هو اسان سان گڏ ڪراچي گهمڻ جو ارادو رکي ٿي۔ منجهند جو مان ۽ ذوالفقار بهڻ يونيورسٽي طرف روانا ٿياسين ته سائين هدايت بلوچ جو فون آيو ته اوهان ڪنول جي گهر اچو اسان اتي پهچي رهيا آهيون۔ واپس گلشن اقبال پهچي ڪنول جي گهر پهتاسون جتي ڪجهه ريفريشمينٽ ۽ چانهه پيڻ سان گڏ خوب ڪچهري ٿي ۽ سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت سان گڏ ادب ۽ شاعري تي پڻ ڳالهيون ٿيون۔ اتان پوء اسان سي ويو ۽ ڪلفٽن طرف روانا ٿياسين۔ رستي ۾ ثاقب ابڙو جي فون آئي ۽ هن محترمه اندرا بابت پڇا ڪئي جڏهن مان کيس ٻڌايو ته هوء اسان سان گڏ آهي ته پاڻ اهو زور ڀرين ته اوهان ڪلفٽن ايندي فورم تي پهچو ۽ اسان جي آفيس ايف ايم جوش 99 تان ٿيندا وڃون۔ اسان سج لٿي مهل اتي پهتاسون ۽ ميڊم اندرا جو انٽرويو رڪارڊ ٿيو۔ اتان اسان وليج ريسٽورنٽ طرف روانا ٿي سي ويو پهتاسين، اتي اسان کي جهانگير راهوجو به پهتو۔ ۽ سمنڊ جي ڪناري گهمندا رهياسين۔ ميڊم اندرا کي رات جو کين 9 بجي هاسٽل تي پهچائڻو هو ڇو ته کين ڪنهن دعوت ۾ وڃڻو هو۔ اتي پهچي هيرو ٺڪر ، تاج جويو سان خوب ڪچهري ٿي۔ ايف ايم جوش 99 جي آفيس ۾ ٻئي ڏينهن کين سي ايم هائوس ۽ محڪمه ثقافت جي دعوت هئي ساڻ سندن ويزا ۾ پڻ واڌارو ڪيو ويو هو۔ اڳلي ڏينهن وري منجهند جي ماني جو بندوبست وليج ريسٽورنٽ ۾ ذوالفقار بهڻ پاران ڪيل هئو۔ اسان هاسٽل پهتاسون ۽ هيري ٺڪر هلڻ کان انڪار ڪندي چيو ته کيس ثقافت کاتي وارن سان ڪنهن ميٽنگ ۾ وڃڻو آهي ، تنهنڪري مان، اندرا، ڪنول ۽ ذوالفقار سي ويو روانا ٿياسين جتي سائين هدايت بلوچ اسان جو انتظار ڪري رهيو هو۔ ماني کائي وري سمنڊ طرف وياسين ۽ خوب انجواء ڪرڻ کانپوء ميڊم اندرا کي عطيه دائود جي گهر ڇڏيوسين جتي اها رات کيس ترسڻو هو۔ وليج ريسٽورنٽ اڳيان اندرا شبنم، هدايت بلوچ ۽ ذوالفقار بهڻ سان گڏ [/JUSTIFY]
جواب: هند جي سنڌي اديبن جي جنم ڀوميء ڏانهن اڏام چوٿين قسط : ڪجهه آفيس جون مصروفيتون ۽ ڪجهه مهمانن جي سخت شيڊيول سبب جيڪڏهن ملاقات ڪانه پي ٿئي ته ميڊم اندرا سان فون تي رابطو رهندو هو۔ ان دوارن مهمانن جو مختلف ٽي وي چينلس جيئن سنڌ ٽي وي، ڪي ٽي اين ، سنڌ ٽي وي ۽ ٻين تي انٽرويو به ٿيندا رهيا ۽ مختلف ادبي ماڻهن ۽ سياسي شخصيتن پاران به آجياڻا ڏنا ويا۔ مهمانن جي شيديول سخت هجڻ سبب چاهيندي به سنڌ سلامت ۽ سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ پاران اسان پروگرام ڪونه ڪري سگهياسين۔ ان رات انيس انصاري اڪيڊمي پاران رات جو مچ ڪچهري هئي، جنهن جي دعوت سائين اسحاق انصاري پاران ڏنل هئي۔ محترم اسحاق انصاري منهنجو شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ اسٽيٽسڪس جو استاد به رهي چڪو آهي۔ سخت سيء ۾ مچ مشاعري ۾ خاص مهمان هيرو ٺڪر، اندرا شبنم ، عبدالغفار تبسم هيا جڏهن ته مشاعري جي صدارت ناليواري شاعر امداد حسيني ڪئي۔ پروگرام جي ڪاروائي رکيل مورائي ڪري رهيو هو۔ مشاعري جي شروعات هند جي اديبن کي اسٽيج تي گهرائڻ کان اڳ اياز جي هن شعر سان ٿي: ڪڏهن به توتي دُوار دل جا، نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آ، ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا، متان چوين آجيان نه ٿيندي! ان مشاعري ۾ هدايت بلوچ، غلام حسين رنگريز، عبدالغفار تبسم، سميع بلوچ، شاهه محمد پيرزادو. چندر ڪيسواڻي، شاداب واسطي، رکيل مورائي، نصير سومرو، آفاق ڀٽي، امر پيرزادو، ڏاتر شر، بدر شاهه، منظور خاموش، ماريا ڪنول، مسرور پيرزادو، ذولفقار بهڻ ۽ اصغر باغي پنهنجي شاعري پيش ڪئي۔ ميڊم اندرا ڪنول پنهنجو هيٺيون غزل ترنم واري انداز سان پيش ڪيو۔ ڀيڙ ۾ تنها رهڻ ايندو اٿم فرش تي ويهي اڏڻ ايندو اٿم ڪو نه ٿو سمجھي سگھي، ڪوئي مونکي چپ تنهن تي ڀي رهڻ ايندو اٿم تير تعنن جا ڀلي مون کي لڳن ٺار زخمن تي رکڻ ايندو اٿم مشاعري جي پڄاني سدا حيات شاعر نارائڻ شيام جي هنن سٽن سان ڪئي وئي. پهتاسين ڪهڙي ماڳ تي، سو ڇا پڇي ڪندين. هي پُڇ ته هن سفر ۾، لنگهياسين ڪٿان ڪٿان.
جواب: هند جي سنڌي اديبن جي جنم ڀوميء ڏانهن اڏام تواها جي قسط جو انتظار اهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تحرير سان گڏوگڏ تصويرن به ڏسي ائين محسوس پئي ٿيو ته ڄڻ اسان به توهان سان گڏ هجون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پري کان آيل سنڌي اديبن جي هن سفر جي پيرائتي رپورٽ پيش ڪرڻ تي توهان جي مهرباني
جواب: هند جي سنڌي اديبن جي جنم ڀوميء ڏانهن اڏام پنجين قسط: رات جو دير سان ميڊم جو ميسيج آيو ته اسان جي سومر جي صبح جو فلائيٽ آهي ۽ آچر جي ڏينهن سڄو ڏينهن آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي بين الاقوامي ڪانفرنس هئي۔ جيڪا صبح جو شروع ٿي رات تائين هئي۔ اسان کي به ان ڪانفرنس جي دعوت هئي ۽ ڀارت ۽ ڪئناڊا کان آيل اديبن کي به ان ۾ شامل ٿيڻو هو۔ پهريون سيشن اردو جو هيو ، ٻيو سنڌي جو ۽ آخري سيشن انگريزي جو هيو۔ اتي ڪيترائي ناليوارا اديب، شاعر ۽ سماجي شخصيتون آيل هيون ۽ هال ڀريل هئو۔ اتي ئي هيرو ٺڪر ۽ ميڊم اندرا سان گڏ ڪيترن ئي نالوارن شخصيتن سان چانهه جي ڪپ ۽ لنچ دوران ڪچهري ٿيندي رهي۔ شام جو سج لٿي مهل اهو فيصلو ٿيو ته مهمانن کي واپس هاسٽل تي پهچائجي جيئن هو سامان جي پيڪنگ ڪري آرام ڪن ڇو ته صبح جو سوير کين ايئرپورٽ لاء روانو ٿيڻو هو۔ پر ميڊم اندرا هلڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هن کي ڪراچي جو ڪو ماڳ، سمنڊ، پارڪ وغيره گهمڻا آهن۔ جڏهن ته ميزبان کيس اڪيلو ڇڏڻ لاء تيار نه هئا۔ آخر منهنجي، ذوالفقار بهڻ ۽ حميد ڀٽو جي ضمانت کانپوء کيس ڇڏيو ويو ۽ اسان کي تاڪيد ڪيو ويو هو ته کيس رات 10 بجي کان اڳ هاسٽل پهچايون۔ اتان پوء اسان ميڊم اندرا کي ڊي ايڇ اي جي پارڪ گهمائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سمنڊ سان گڏ گهمندي اتان سي ويو واپسي ڪئي جتي جهانگير راهوجو ۽ شنڪر لال اسان جي انتظار ۾ هئا۔ ميڊم کي اتان پوء ڪلفٽن جي شِوِ جي مندر ۾ گهمائڻ لاء وياسين۔منهنجو ڪنهن به مندر ۾ وڃڻ جو اهو پهريون موقعو هو۔ انتظاميه اسان کي تصويرون ڪڍڻ کان منع ڪئي پر پوء شنڪر کين ٻڌايو ته ميڊم اندرا انديا کان آئي آهي۽ اسان به کين پنهنجو تعارف ڪرايو۔ پوء ته اسان کي سٺو مان مليو ۽ تصويرن جي اجازت پڻ۔ مندر جون ڪجهه تصويرون هيٺ ڏجن ٿيون۔ اتان واپسي ۾ دير ٿي چڪي هئي ۽ اسان کي هر هر هيرو ٺڪر ۽ تاج جويوي صاحب جا فون اچي رهيا هئا۔ رات جي ماني منهنجي طرفان هئي جيڪا اسان سلاطين ڪلفٽن تي اچي کاڌي۔ رات جو رش هجڻ سبب اسان جو آرڊر سير سان آيو تيستائين سينير اديب دوست گهڻو ناراض ٿي چڪا هئا۔ ماني گهني ٽيسٽي هئي يا دير ٿيڻ سبب بک گهني لڳي هئي۔ بحر حال حميد ڀٽو هتي اسان ۽ ميڊم کان موڪلايو ته ميڊم جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ صورتحال ڪجهه غمگين ٿي وئي۔ اتان صدر کان ٿيندا اسان شنڪر کي ڊراپ ڪندا رات جو سوا هڪ بجي هاسٽل پهتاسون جتي سائين سليم ميمڻ، هيرو، اسحاق انصاري، رکيل مورائي ۽ تاج جويوي انتظار ۾ هيا۔ اتان اهي شايد ماني لاء رکيل جي گهر وڃي رهيا هئا۔ اسان ميڊم اندرا ۽ هيري کان ڀاڪرين ملي موڪلايو کو ته صبح جو آفيس جي اهم ميٽنگ سبب مان کين ايئرپورٽ تائين الوداع ڪرڻ لاء ڪونه پي وڃي سگهيس۔ سڀني کان موڪلائي محبت ڀريون يادون کڻي اسان روانا ٿياسون ۽ جهانگير راهوجي ۽ ذوالفقار مونکي سچل ڳوٺ ڇڏيو۔ صبح جو ميڊم کي فون ڪيم ته هوء جهاز ۾ ويهڻ واري هئي۔ ڪجهه لمحن ۾ هن جي الودائي فون آئي ته جهاز ٽيڪ آف ڪرڻ وارو آهي ۽ سندس آواز ڀريل ڀريل ۽ روئڻهارڪو لڳي رهيو هو۔ ڪجهه ڪلاڪن کانپوء ٻيهر انڊيا جي نمبر تان ميڊم جي ڪال آئي ته هوء بمبئي ايئرپورٽ تي پهچي چڪي آهي۔ اهڙي طرح امن جا هي سفير پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ جي ياترا ڪري واپس هندستان پهتا۔