هند جي سنڌي اديبن جي جنم ڀومي سنڌ ڏانهن اڏام : ڪراچي ايئرپورٽ تي آڌرڀاء
وِمي سدا رنگاڻي، هيرو ٺڪر ۽ اندرا شبنم
مان والد صاحب جي وفات سبب ڳوٺ هيس ۽ جيئن ئي ڪراچي پهتس ته ٻئي ڏينهن سائين هدايت بلوچ ۽ ادا ذوالفقار بهڻ صاحب جن تعزيت لاء آيا ۽ پاڻ ٻڌايائون ته سومر ڏينهن هند جا سنڌي اديب، شاعر ۽ ليکڪ موتي پرڪاش ، هيرو ٺڪر ، اندرا شبنم پوناوالا، وِمي سدا رنگاڻي ڀٽائيء جي ميلي ۾ شرڪت لاء ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچندا، سندن استقبال لاء هلڻو آهي۔
سومر ڏينهن شام جو پوڻين پنجي بجي ايئرپورٽ پهتس ته خبر پئي ته وِمي ٻاهر اچي چڪي هئي ڇو ته هن جي فلائٽ بمبئي مان هئي، جڏهن ته هيرو ٺڪر ۽ اندرا شبنم جي جهاز هاڻي هاڻي لينڊ ڪئي هئي جيڪي دهلي کان اچي رهيا هئا۔ ايئرپورٽ تي سائين تاج جويو، هدايت بلوچ، رکيل مورائي، پروفيسر سليم ميمڻ، ذوالفقار بهڻ ، سنڌي راهوجو، جهانگير راهوجو، غلام نبي مگسي ۽ ٻيا ڪيترائي دوست موجود هئا۔ پر مونکي حيرت ٿي ته سنڌي اديبن جو گهٽ تعدادا استقبال لاء آيل هو۔ موتي پرڪاش کي ويزا نه ملڻ سبب هو اچي ڪونه سگهيو۔
ايئرپورٽ لائونج مان ٻاهر اچڻ وقت سڀ گهڻو خوش هيا ۽ جڏهن مان ميڊم اندرا سان مليس ته هن جي اکين ۾ خوشيء جا ڳوڙها هئا۔ هوء مونکي چئي رهي هئي ته مونکي يقين ڪونه پيو اچي ته مان سنڌ ۾ اچي وئي آهيان۔ هيرو ٺڪر ڀاڪر ۾ ڀري بار بار ملي رهيو هو۔
پوء سڀني دوستن جو قافلو مهراڻ هوٽل طرف روانو ٿيو جتي مهمانن جي رهڻ جو بندوبست هيو۔ هوٽل پهچي خوب ڪچهري ٿي، اتي ئي فيسبوڪ جي هڪ ٻي شخصيت ادي ڪنول سنڌي پڻ هوٽل پهچي مهمانن سان ملي۔ اسان جلد مهمانن کان موڪلايوسين ڇو ته صبح جو ستين بجي کين ڀٽ شاهه لاء روانو ٿيڻو هو۔ سائين هدايت بلوچ ۽ ذوالفقار بهڻ گهڻو زور ڀريو ته مان ساڻن گڏ ڀٽ شاهه وڃان پر مجبورين سبب چاهيندي به ڪونه وڃي سگهيس۔
اسان جا هي مهمان ڪجهه ئي ڏينهن ۾ واپس ڪراچي ايندا ۽ اسان سنڌ سلامت ۽ سنڌي ادبي ايسوسيئيشن (صاف) جي پليٽ فارم تان هڪ آجياڻو پڻ رکنداسون۔ جنهن جي دعوت پروگرام جي فائنل ٿيڻ کانپوء سڀني کي ڏبي۔