صوفي جي سوز ساز کي سمجھڻ تہ ڏکيو آ، ھن عشق جي انداز کي سمجھڻ تہ ڏکيو آ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
صوفياڻي رنگ مان هڪ چونڊ ڪلام پيش آهي:



صوفي جي سوز ساز کي سمجھڻ تہ ڏکيو آ
ھن عشق جي انداز کي سمجھڻ تہ ڏکيو آ

ھر جاء تنھنجي حسن جو جلوو آ نظر ۾
ھن محبتي مجاز کي سمجھڻ تہ ڏکيو آ

پاڻ ڳولھيندڙ آيو ھت پاڻ کي ڳولھڻ
ھن ھمدم ھمراز کي سمجھڻ تہ ڏکيو آ

ھي ڪير آھي ڪير ٿي آيو آھي ھتڙي
ھن درد جي دمساز کي سمجھڻ تہ ڏکيو آ

پنھنجو تہ آھي پنھنجي ڏٺل يار کي سجدو
ھن نينھن جي نماز کي سمجھڻ تہ ڏکيو آ

ھي ڪير اسانجي ٿو اندر ۾ پيو ٻولي
اللہ جي آواز کي سمجھڻ تہ ڏکيو آ


 
Back
Top