
هڪ بادشاهه تڪبر ۾ ڪنهن درويش کي چيو ته گهر جيڪو گهرڻو اٿئي ۔۔۔!!!
درويش پنهنجو ڪشڪول اڳتي وڌايو ۽ عرض ڪيو حضور صرف هي ڀري ڏيو۔
بادشاهه پنهنجي ڳچيء ۾ پيل هيرن جي مالها لاهي ڪشڪول ۾ وڌي ته به اهو ڀرجي ڪونه سگهيو۔ پوء بادشاهه پنهنجي چيچن ۾ پيل سونيون منڊيون به لاهي ڪشڪول ۾ وڌيون ۽ کيسن ۾ پيل سونيون اشرفيون به وڌيون، پر پوء به ڪشڪول ڀرجي ڪونه سگهيو۔
بادشاهه کي پنهنجي بي عزتي جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ هن خزاني جي داروغي کي سڏي ڳوڻ هيرن ۽ اشرفين جي آڻڻ جو چيو۔ پر پوء به ڪشڪول وڌي ويو ۽ ڀرجي نه سگهيو۔ بادشاهه سمورو خزانو گهرائي ڪشڪول ۾ وجهرايو پر پوء به اهو ڪونه ڀرجي سگهيو۔
بادشاهه پوء وزيرن ۽ اميرن جو مال به گهرايو ۽ ڪشڪول کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هزار ڪوششن باوجود ڪشڪول ڀرجي ڪونه سگهيو۔ آخرڪار بادشاهه جي هار ٿي ۔۔۔۔۔۔ ۽ درويش مسڪرائڻ لڳو۔ ويندي ويندي درويش ڪشڪول کي اونڌو ڪري سمورو مال بادشاهه کي واپس ڪيو، سلام ڪيو ۽ واپش مڙيو۔
بادشاهه درويش جي پويان ڀڳو ۽ هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيو ته حضور اهو ته ٻڌايو ته هي ڪشڪول ڇاجو ٺهيل آهي جيڪو ڀرجڻ جو نالو ئي ڪونه پيو وٺي؟
درويش مسڪرايو ۽ بادشاهه کي چيو ته اي نادان هي خواهشن جو ٺهيل ڪشڪول آهي، جنهن کي صرف قبر جي مٽي ئي ڀري سگهي ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔