• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خواهشن جو ڪشڪول

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
fxxs0l.jpg





هڪ بادشاهه تڪبر ۾ ڪنهن درويش کي چيو ته گهر جيڪو گهرڻو اٿئي ۔۔۔!!!

درويش پنهنجو ڪشڪول اڳتي وڌايو ۽ عرض ڪيو حضور صرف هي ڀري ڏيو۔

بادشاهه پنهنجي ڳچيء ۾ پيل هيرن جي مالها لاهي ڪشڪول ۾ وڌي ته به اهو ڀرجي ڪونه سگهيو۔ پوء بادشاهه پنهنجي چيچن ۾ پيل سونيون منڊيون به لاهي ڪشڪول ۾ وڌيون ۽ کيسن ۾ پيل سونيون اشرفيون به وڌيون، پر پوء به ڪشڪول ڀرجي ڪونه سگهيو۔

بادشاهه کي پنهنجي بي عزتي جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ هن خزاني جي داروغي کي سڏي ڳوڻ هيرن ۽ اشرفين جي آڻڻ جو چيو۔ پر پوء به ڪشڪول وڌي ويو ۽ ڀرجي نه سگهيو۔ بادشاهه سمورو خزانو گهرائي ڪشڪول ۾ وجهرايو پر پوء به اهو ڪونه ڀرجي سگهيو۔

بادشاهه پوء وزيرن ۽ اميرن جو مال به گهرايو ۽ ڪشڪول کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هزار ڪوششن باوجود ڪشڪول ڀرجي ڪونه سگهيو۔ آخرڪار بادشاهه جي هار ٿي ۔۔۔۔۔۔ ۽ درويش مسڪرائڻ لڳو۔ ويندي ويندي درويش ڪشڪول کي اونڌو ڪري سمورو مال بادشاهه کي واپس ڪيو، سلام ڪيو ۽ واپش مڙيو۔

بادشاهه درويش جي پويان ڀڳو ۽ هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيو ته حضور اهو ته ٻڌايو ته هي ڪشڪول ڇاجو ٺهيل آهي جيڪو ڀرجڻ جو نالو ئي ڪونه پيو وٺي؟

درويش مسڪرايو ۽ بادشاهه کي چيو ته اي نادان هي خواهشن جو ٺهيل ڪشڪول آهي، جنهن کي صرف قبر جي مٽي ئي ڀري سگهي ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔




 
جواب: خواهشن جو ڪشڪول

تمام ڀلو ۽ مختصر پر سبق آموز جنهن ۾ تمام سٺي سمجهاڻي ڏنل آهي جنهن ۾ ته ڪيترو به هن دنيا ۾ خزانو گڏ ڪرڻو آهي سو گڏ ڪونه ٿيندو سوائي قبر جي مٽي جو مطلب آهي ته اسان پاڻ پنهنجا اعمال سڌاريون هن دنيا ۾ ڪم ايندي ته پنهنجي آخري آرام گاهه ڏيندي۔
 
جواب: خواهشن جو ڪشڪول

ادا معظم ۽ فقير سائين مهربانيون

اوهان کي ڌاڳو پسند آيو
 
Back
Top