فرعون سان ٿيندڙ واقعو.

'متفرقه سنڌي ڪتاب' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    انتظاميه کي گزارش:

    سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي هڪ آپشن اهو به ڏٺو ويوجنهن ۾ سنڌ واسين کي پنهنجومعياري سنڌي مواد سنڌ سلامت ڏانهن موڪلي ڏيڻ جي تجويزڏني وئي آهي جنهنکي اي بڪ ۾ شامل ڪيو ويندو، اهو ڏسي آءُ فورن اهو ارادوڪندي سنڌ سلامت ڏانهن مواد موڪلڻ جو عزم ڪيو. آءُ جيڪو مواد موڪلي رهيوآهيان اهو مصرجي مغرور۽ ظالم بادشاه فرعون جي زندگيءَ متعلق جو واقعو آهي جنهن کي وڏي محنت سان تحرير ڪيو ويو آهي جنهنجو ذڪرالله پاڪ قرآن شريف ۾هنن لفظن سان فرمايو آهي ته اي فرعون اسان جلد تنهنجي لاش کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيندا ۽ تاريندا سين.

    فرعون جو واقعو:

    فرعون جي زندگي ۽ ان سان پيش آيل واقعي متعلق سنڌي ۾ به تمام گهڻو مواد ڇپجي چڪوآهي پرهي مواد آءُ خاص ڪري سنڌ سلامت جي لاءِ ترتيب ڏنوآهي ته جيئن انٽر نيٽ جو استعمال ڪندڙ سنڌي ماڻهون هن تاريخي واقعي متعلق ڄاڻ حاصل ڪري سگهن جيڪي اڃان تائين هن ظالم انسان بابت ڄاڻ نٿا رکن. هن تاريخي واقعي جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ به آيل آهي پر مختصر ڏنل آهي. جڏهن آءُ سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي ڏٺو ته تمام گهڻو مواد ”اي بڪ“ ۾ شامل ڪيو ويو آهي پر جيڪو آءُ تاريخي واقعو تحرير ڪري سنڌ سلامت جي ”اي بڪ“ کي ڏئي رهيو آهيان ان جهڙو اڳ ”اي بڪ“ ۾ ڪڏهن به شامل ناهي ڪيو ويو، تنهن ڪري انٽرنيٽ استعمال ڪندڙسنڌي ماڻهن کي هن تاريخي ظالم ۽ مغرورانسان بابت تفصيلي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هي منفرد واقعو تحرير ڪيو ويو آهي. جيئن ته هي تاريخي واقعو هئڻ سبب آءُ سمجهان ٿو ته سنڌ واسي ان کي پڙهي ضرورڄاڻ حاصل ڪندا.

    جڏهن اسان اڄ جي دورکي چئوطرف ڏسي رهيا آهيون ته اسانکي معلوم ٿئي ٿو ته خُود اسان جي ملڪ ۾ به ڪجهه پارٽين، تنظيمن ۽ جماعتن ۾ فرعون ۽ فرعونين کان کڻي ٿوروگهٽ ۽ مختلف پر انهن ۾ اهي عمل ساڳيا ئي نظرايندا. ”انسان خدا بنني ڪي ڪوشش ۾ هئي مصروف، ليڪن خدا ڀي يه تماشا ديک رها هئي“. هن تاريخي واقعي جوحوالو ڏيڻ جومقصد به اهو آهي ته اڄ جوانسان انهن تاريخي واقعن مان سبق حاحل ڪري سگهي جنهنکي قرآن پاڪ ۽ ان جي تفسيرن مان اقتباس ڪيو ويوآهي. شال الله پاڪ منهنجي هن ننڍڙي ڪوشش کي پنهنجي بارگاه الٰهي ۾ قبول فرمائي آمين، هن تاريخي واقعي جي پڙهڻ کانپوءِ جيڪڏهن هڪ به انسان پنهنجي فرعونيت واري روش کي ختم ڪري هڪ بهترين انسان بنجڻ جي ڪوشش ڪئي ته آءُ پنهنجو پاڻ کي هڪ خوشنضيب انسان سمجهندي اهو محصوص ڪندس ته منهنجي هي محنت ساب پئي.


    ”فرعون جي بادشاھت“
    ھڪ ظالم ۽ مغرور بادشاھ جي عبرتناڪ داستان
    ترجمو: محمد عيسيٰ ڀٽو
    ”فرعون جو اصل نالو“
    دنيا ۾ بي شمار بادشاھ آيا ۽ ويا انھن ۾ ڪي مسلمان ته ڪي وري ڪافرٿي گذريا آهن پر ڪافر بادشاھن ۾ فرعون هڪ اھڙو ته انوکو ظالم ۽ مغرور بادشاھ ٿي گذريوآھي جنھن نه صرف تڪبر ڪيو ۽ حق کان منھن موڙيو پر خدائي جي پڻ دعويٰ ڪئي جنھن کي قرآن ڪريم ھنن لفظن سان بيان فرمايوآھي ته ترجمو: ”۽ فرعون چيو ته مان توھان سڀني جو اعليٰ رب آھيان“.

    ھن جي انھئ دعويٰ ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي کلي مخالفت ھن جي ڀيانڪ موت ۽ بربادي جو سبب بڻيو. فرعون جو اصل نالو معصب ابن ريان ابن وليد ھو، مصرجي هڪ تاريخ رهي آهي ته مصر ۾ جيڪو به بادشاھ ٿيندو ھو ان کي فرعون جو لقب ڏنو ويندو ھو، تنھن ڪري فرعون به جڏھن مصر جو بادشاھ بڻيو ته ان تي به فرعون جو لقب پيو.

    فرعون جووجود

    هڪ روايت آهي ته هڪ ڏينهن ماڻهن سان ڀريل ٻيڙو درياه ۾ وڃي رهيو هوته الله پاڪ فرشتي کي حڪم فرمايو ته ان ٻيڙي کي پرُهڻي ڪلٽي ڪر، فرشتوالله جي حڪم جوپابند، الله پاڪ جي حڪم سان ان ٻيڙي کي پرهڻي اونڌو ڪري ڇڏيو، ان ٻيڙي ۾ سوارسڀئي ماڻهون ٻڏي مري ويا سواءِ هڪ ننڍڙي ٻارجي جنهنجي لاءِ الله پاڪ فرشتي کي حڪم فرمايو ته ان ٻارکي پر جي مدد سان هڪ ڪاٺ جو تختو مهيا ڪر، فرشتي الله جي حڪم سان ان ننڍڙي ٻارکي ڪاٺ جو تختوآڻي هيٺان ڏنو، اهو ٻارڪاٺ جي تختي جي مدد سان ترندو وڃي ڪنهن درياه جي قنڌيءَ سان لڳو، فرشتي الله تعليٰ کي عرض ڪيو ته سائين هي ڪهڙي ماجرا آهي جو سڄو ٻيڙو اونڌو ڪرايئي ان مان ڪو به نه بچي سگهيو سواءِ هن ننڍڙي ٻارجي ته سائين هن کي ننڍڙي ٻار کي بچائڻ جوسبب ڇا آهي، هي آخرننڍڙو ٻارڙو ڪيڏانهن ويندو هن جوپيءُ ماءُ به ٻڏي مري ويا ته سائين مونکي ته هن ننڍڙي ٻارتي ترس ٿو اچي، الله پاڪ فرشتي کي فرمايو ته ان معاملي کي مان ٿو ڄاڻان اها ڳالهه فالحال تنهنجي سمجهه کان مٿي آهي، جڏهن وقت آيو ته توکي ڏيکاريندس ته هي ننڍڙو ٻارڪٿي ٿو پهچي ۽ هي وڏوٿي ڇاڇا ڪارناما ڪندو. آخر اهو ننڍڙو ٻار لڙهندو لڙهندو اچي درياه جي قنڌيءَ تي پهتو جٿان ان ڳوٺ جو هڪ ڌنارمال چاريندي اچي درياه جي قنڌيءَ تي نڪتو جنهن ڏٺو ته هڪ ساه واري شئي لڙهندي پئي اچي، ان مال چاريندڙ ڌنارکي اهوئي ساڳيو ننڍڙو زنده ٻار لڙهندي نظرآيو جنهن ان ٻارکي کڻي پنجنجي گهرآڻي پاليو.

    فرعون بادشاھ ڪيئن بڻيو....؟

    ٻي روايت اها به آهي ته ھي ھڪ غريب گھراڻي جو ڇوڪرو هيو، هن جو پيءُ مال چاريندڙ ڌنار هو، هي انتهائي غريب ۽ مفلس قسم ماڻهون هوندا هئا، آئي ڏينهن هنن جي گهر ۾ فاقو رهندو هو. هڪ ڏينهن هن جي ماءُ هن کي نصيحت ڪري موڪليو ته پٽ آئي ڏينهن گهر ۾ فاقو لڳو پيو آهي هڪ ويلو به مانيءَ جو پيٽ ڀري نصيب نٿو ٿئي تنهن ڪري وڃي ڪجھه ڪو ھٿ پيرهڻي ڪمائي ايندو ڪر ته جيئن گهرجو چرخوهلائي سگهون ۽ ڪو چڱو گذران ڪري سگهون، هي ماءُ جو چوڻ تي جڏهن هي اتان نڪتو ته حق حلال جي روزي ڪمائڻ بجاءِ وڃي چوري جو رستو اختيار ڪيو ۽ چوري هن جو دلچسپ مشغلو بڻجي وئي، هن جي چوري ڪرڻ سبب اتان جا ماڻهو هن مان انتهائي تنگ ۽ بيزارٿي پيا ۽ آخرڪارهن جي حرڪتن جي خبر ان وقت جي بدشاھ سلامت کي پهچائي وئي جنهن تي بادشاھ سلامت هن کي فوري طور گرفتارڪري پاڻ وٽ گهرائڻ جو حڪم فرمايو، جڏهن هن کي بادشاھ سلامت جي دربار ۾ پيش ڪيو ويو ته بادشاه سلامت هن کان چوري جي باري ۾ پڇا ڳڇا ڪئي ته هن ان جي ڪابه ترديد نه ڪئي ۽ چوري ڪرڻ جو پڻ اقرارڪيو، پرهن آئينده چوري نه ڪرڻ جو بادشاھ سلامت آڏو وعدو ڪيو پرتنهن هوندي به پهريان ڪيل چورين جي الزام ۾ ڪجهه عرصو بادشاھ سلامت هن کي جيل موڪلي ڇڏيو، ڪجهه عرصو سزا کائڻ کان پوءِ جيل مان ڇٽي آيو ، جيئن ئي جيل مان آزاد ٿي آيو ته هن هڪ ٻيو انوکو مشغلو اختيارڪيو، هي روزانو ان علائقي ۾ قائم هڪ قبرستان ۾ وڃي ويهي رهندو هو ۽ اتي جيڪي به ماڻهو ميت کڻي دفن ڪرڻ لاءِ ايندا هئا ته هي انهن کان پيسه وٺندو هو۽ سڀني کي اهو چوندو هو ته مونکي بادشاھ سلامت هن قبرستان ۾ مقرر ڪيوآهي ۽ چيوآهي ته جيڪي ماڻهو هت ميت دفن ڪرڻ لاءِ اچن مان انهن کان فيس وٺان، هن جو گهڻو وقت اهو ڪاروبارهلندو رهيو۽ هڪ ڏينهن بادشاھ سلامت جي پنهنجي ڌيءُ فوت ٿي وئي ته هو به انهيءَ ساڳي ئي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ لاءِ لاش کڻي آيا ته هن انهن کان به دفن ڪرڻ جا پيسه طلب ڪيا، انهن هن کي ٻڌيو ته هي بادشاه سلامت جي پنهنجي ڌيءُ آهي تنهنڪري اسان پيسه ڪون ڀريندا سين، پر هن انهن جي هڪ به ڳالهه ڪان ٻڌي ۽ هنن کان پيسه ورتا، جڏهن اها شڪايت به بادشاھ سلامت وٽ پهتي ته، بادشاھ سلامت هن کي گهرائي ماجرا پڇي جنهنجي پڻ هن ڪابه ترديد ڪان ڪئي ۽ سڀني کان پيسه وٺڻ جو اقرار ڪيو ۽ آئينده به پيسه وٺڻ جو پڪو پهه ڪيو، جنهن تي بادشاه سلامت ڏٺو ته هي ڪون مڙندو ۽ هن کي چيو ته ٺيڪ آهي تون ماڻهن کان ڀلي پيسه وٺ پرهاڻي شرط اهوآهي ته اڌ پيسه تنهنجا ۽ اڌ پيسه اسان جا، جنهن تي هن اهو فيصلو قبول ڪندي اتان هائو ڪري نڪري آيو، اهڙي طرح هن جو اهوسلسلو گهڻي عرصي تائين جاري رهيو. هڪ ڀيري وزير بادشاھ کي مشورو ڏنو ته هي وڏو چالاڪ ۽ هوشيار ماڻهو آهي جيڪڏهن هن کي ڪوسرڪاري عهدو ڏنو وڃي ته ڏاڍو ڀلو ٿيندو، بادشاھ کي وزير جومشورو ڏاڍو پسند آيو ۽ بادشاھ سلامت هن کي چوڪيدارن جونگران ڪري بڻايو. هن چوڪيدارن جو نگران بڻجنديئي چالاڪي ۽ مڪاري ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ آخر ان بادشاھ سلامت کي قتل ڪرائي اهو بادشاھي تخت پاڻ سڀالي ويهي رهيو، اهڙي طرح هي تخت و تاج جو مالڪ بڻيو، ڇو ته هي مصر جو بادشاھ بڻيو تنهنڪري هن تي به فرعون جو لقب پيو.

    فرعون جوپهريون حڪم

    فرعون جڏهن تخت شاهي تي ويٺو ته ڪفرجون بنيادي رسمون جيڪي حضرت يوسف عليہ السلام جي ڪوششن سبب مصرجي سرزمين تان ختم ٿي چڪيون هيون فرعون اينديئي انهن رسمن کي نئين سر اڀاريو جنهن کي مصر جي سڀني رعايا پنهجي پاران وڏي جوش ۽ جزبي سان ڀلي ڪار ڪيو پرآل يعقوب يعني بني اسرائيلن فرعون جي انهن سڀني هٿ ٺوڪين رسمن کي مڃڻ کان صاف انڪارڪري ڇڏيو ۽ اهڙو زودار انڪارڪيو جو فرعون سموري بني اسرائيلن جي قوم کي جمع ڪري انهن کي ڪفرانه رسمن تي اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بني اسرائيلن جي پوري قوم فرعون جي ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ايماني جزبي سان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڇو ته هي حضرت يعقوب عليہ السلام جي اولاد منجهان آهن ۽ هڪئي حقيقي خدا جي سامهون سجدو ڪندڙآهن، تنهنڪري هي فقط هڪئي حقيقي خدا جي بندگي ڪندا ۽ ڪنهن ٻئي غيرالله کي ڪڏهن به سجدو نه ڪندا، ان تي سڀني بني اسرائيلن متفقه طور فرعون تي اهوواضع ڪندي عرض ڪيو ته اسان کي اهڙي عمل ڪرڻ کان معافي ڏني وڃي، اهو ٻڌي فرعون غصي ۾ ڳاڙهو لال ٿي ويو ۽ انهيءَ وقت رياست جي حڪومتن ڏانهن اهي حڪم جاري ڪيا ته اڄ کان پوءِ تمام مشڪل ۽ حقيرقسم جو پيشو بني اسرائيلن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ اها به ڌمڪي ڏئي ڇڏيائين ته خبردار.......مونکي مڃيندڙن مان ڪو به شخص بني اسرائيلن تي رحم ۽ ترس نه کائيندو.

    فرعون پاران ظلم و ستم جي شروعات

    اهڙي اعلان کان پوءِ فرعون ۽ ان جي سپاهن بني اسرائيلن تي ظلم و ستم جا پهاڙ ڪيرائڻ شروع ڪري ڏنا ۽ تمام سخت پورهئي وارو ڪم جهڙوڪ سنگ تراشي، بيلداري ۽ سڄي رات جي چوڪيداري وغيره جهڙا مشڪل ڪم زبردستي بني اسرائيلن جي حوالي ڪيا ويا، ان سان گڏ اهو به حڪم جاري ڪيو ويو ته بني اسرائيلن جي پوري قوم خاص طور تي انهن جي پيٽ وارين عورتن کان پهاڙن جا وڏا وڏا پٿرڪُٽرايا وڃن ۽ اهي پٿرانهن جي ئي عورتن کان ڍورايا وڃن، اهڙي صورتحال ڏسي سواءِ بني اسرائيلي قوم جي باقي تمام ٻيون قومون فرعون ۽ ان جي عڪس ٿيل تصويرن کي سجدوڪرڻ شروع ڪري ڏنو پر جيڪڏهن ڪنهن به شخص ان کي سجدو ڪرڻ يا ان جي ٻئي حڪم ۾ چون چران ڪندو هو ته اهو سخت سزا جو مستحق ٿيندو هو جهنجي عام سزا اها هوندي هئي ته انهن جي هٿن ۽ پيرن ۾ ڪوڪا ٺوڪرائي ڇڏيندو هو.

    فرعون جي تصويرن کي سجدو

    تفسيرعزيزي ۾ لکيل آهي ته فرعون اهو به حڪم جاري ڪيو هو ته ادنيٰ کان ادنيٰ ۽ اعليٰ کان اعليٰ شخص تائين تمام رعايا مونکي سجدوڪندا رهن جنهن تي هامان جيڪو هن جو وفادار وزير بنيو اهو پهريون شخص هو جنهن فرعون کي سجدوڪيو هو، پوءِ ٻين وزيرن ۽ سردارن به فرعون کي سجدو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو۽ جيڪي ماڻهون پري پري جا رهاڪو هوندا هئا انهن جي لاءِ سون جا مُجسما (بُت) ٺهرائي انهن جي هيٺان هاٿيءَ جا ڏند، پلنگ ۽ چاندي جا تخت رکرائي ڇڏيا ۽ انهن جي آس پاس سنهري وڻ جوڙائي انهن جا پن زمرد مان تيارڪرايا ۽ چانديءَ جا پکي تيارڪرائي انهن جي چهنبن ۾ جواهرڏئي وڻن جي شاخن تي ويهاري ڇڏيا ۽ هرجانور ۾ اهڙي ته ترڪيب رکرائي ڇڏيائين جو جنهن به وقت ڪو خادم ان تخت کي حرڪت ڏيندو هو ته انهن هٿراڌو ٺاهيل پکين ۽ ٻين جانورن جي پيٽ مان هي آواز نڪرندو هو ته ”اي مصرجا ماڻهو! فرعون توهان جوخدا آهي ان کي سجدوڪندا ڪريو“.

    اهو آواز ٻڌي هرقصبي ۽ ڳوٺ وارا ماڻهون ان جي مورتين کي سجدو ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا هئا پر بني اسرائيل جي قوم اهڙي عمل کان پري رهي.

    فرعون جي ڌمڪي

    هڪ ڏينهن فرعون بني اسرائيلن جي سردارن کي گهرائي ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته توهان ۽ توهان جي قوم جا ماڻهون نه مونکي سجدو ٿا ڪن ۽ نه منهنجي مورتن کي، لڳي ٿو ته توهان کي پنهنجي زندگي پياري ناهي ۽ توهان سڀ شايد پنهنجي زندگيءَ مان بيزارٿي چڪا آهيو، پربني اسرائيلن جي قومي سردارن سميت ڪو به شخص فرعون جي ڌمڪين کان نه ڊڳو ۽ بني اسرائيلن جي سردارن پاڻ ۾ ويهي اهو فيصلو ڪيو ۽ عظم ورجايو ته هي فرعون جو عزاب هلڪوآهي ۽ عزاب الٰهي ابدي ۽ تمام سخت آهي تنهن ڪري بهتراهو ٿيندو ته فرعون جي عزاب تي صبرڪيو وڃي ۽ ان کي ڪڏهن به سجدو نه ڪيو وڃي. اها ڳالهه تمام بني اسرائيلن جي قوم دل و دماغ سان مڃي ورتي ۽ فرعون کي به اهو باور ڪرايائون ته اسان بني اسرائيلي ڪڏهن به نه توکي سجدو ڪندا سين ۽ نه تنهنجي مورتن (تصويرن) کي، فرعون اهو ٻڌي غصي ۾ باه ٿي ويو ۽ هن وڏيون وڏيون ڪڙهايون گهرائي انهن ۾ زيتون جوتيل ۽ گندرف وجهرائي گرم ڪرايو ۽ بني اسرائيلن کي پاڻ وٽ گهرائي سجدو ڪرڻ تي مجبور ڪندو هو ، پوءِ جيڪو شخص انڪارڪندو هو ان کي تيل جي اُٻريل ڪڙهائيءَ ۾ اُڇلرائي ساڙائي ڇڏيندو هو ۽ ان جي ظلم و ستم جو اهو سلسلو گهڻي عرصي تائين جاري رهيو، هن ظالم طرفان ايسيتائين جو سلسلو جاري رکوي ته هن هڪ وڏو تعداد تتل ڪڙهائن ۾ وجهرائي ساڙائي ڇڏيو. پوءِ هڪ ڏينهن هاماه جيڪو هن جو وفادار وزير هو ان سفارش ڪئي ته اي عالي جا، هنن ماڻهن کي ڪجهه عرصي تائين جي مهلت ڏني وڃي ته جيئن هي ماڻهون سوچي سمجهي بادشاه جي حڪم کي دل و جان سان قبول ڪري وٺن. ان کان پوءِ فرعون پنهنجي وفادار وزير هامان جو مشورو تسليم ڪندي بني اسرائيلن کي ساڙائڻ وارو عمل ڪجهه عرصي لاءِ پوئتي ڪري ڇڏيو پرانهن تي ٻئي قسم جو سخت پورهئي وارو ڪم جاري رکڻ جو حڪم ورجايو، فرعون جو اهو ظالمانه عمل به ڳچ عرصي تائين جاري رهيو (قصص الانبياءِ).

    فرعون پاران خدائي جي دعويٰ

    فرعون پنهنجي ڪيل ظلمن تي ڪاميابي کانپوءِ هن جي فرعونيت ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿيندو رهيو ۽ هوانتهائي درجي جو مغرور انسان بڻجي ويو، هاڻي هي کليل لفظن ۾ پنهنجي خدائيءَ جي دعويٰ ڪرڻ لڳو جنهن جا الفاظ هي هئا ته، ترجمو: ” مان توهان سڀ جو اعليٰ رب آهيان“ (سوره نازعات).

    اهوٻڌي شيطان به غصي ۾ اچي ويو ۽ فرعون کي چوڻ لڳو ته مان صرف آدم عليہ السلام کان بهتر هئڻ جي دعويٰ ڪندي ان کي سجدو ڪرڻ کان انڪارڪيو هو ته منهنجوحشرهي لڳو پيوآهي پراي لعين تون ته خدا پاڪ کان بهترهئڻ جي ايڏي وڏي دعويٰ ڪري رهيو آهين ته ذليل تنهنجوحشر ڇا ٿيندو؟ پرفرعون کي محشرجي ڪهڙي پرواه هن کي ته صرف موجوده حالتن جي غرض هوندي هئي.

    فرعون کي رعايا جي فرياد

    هڪ ڀيري فرعون جي حڪمرانيءَ دوران مصرجي ملڪ ۾ ڪيترن ئي سالن تائين برسات ڪان وسي هئي ۽ گهڻو عرصو قحط سالي واري صورتحال جو رهيو جنهن ڪري ان جي رعايا سخت پريشان ٿي وئي ۽ هو اُڃن ۽ بکن سبب ماڻهون مرڻ لڳا، جڏهن اهڙي ڳمڀير صورتحال سموري مصر جي شهر ۾ پيدا ٿي پئي ته ساري مخلوق جمع ٿي فرعون وٽ پهچي وئي جيڪو انهن آڏو جعلي خدا بڻيو ويٺو هو جن چيس ته تون ڪهڙي قسم جوخدا آهين جواسان قحط سالي جي ڪري تباه ٿي رهيا آهيون هيترا سال گذري چڪا آهن ۽ تون برسات نٿو وسائي سگهين، جيڪڏهن تو اسان مٿان برسات نه وسائي ته اسان سڀ مري ويندا سين ۽ پوءِ ڪوبه باقي نه بچندو جيڪو توکي مڃيندڙ ۽ سجدوي ڪرڻ وارو هوندو، تنهن ڪري جلدي برسات وسائڻ جو بندو بست ڪر ته جيئن اسان سڀ قحط سالي، تباهي ۽ بربادي کان بچي سگهون، انهن جي جواب ۾ فرعون انهن کي چيو ته توهان صبرڪيو مان برسات ضرور وسائيندس توهان اطمينان رکو ۽ پوءِ فرعون هي حڪم جاري ڪيو ته فلاڻي تاريخ ۽ فلاڻي ڏينهن تي مصر جي ميدان ۾ سڀ جو سڀ نڪري هلندا سين ۽ پوءِ ان ميدان تي پهچي مان برسات وسائيندس، ايتري قدرجو مصرجو ٻچو ٻچو نڪري اسان سان گڏ جلوس ۾ هلندو ۽ اهي سڀ اسان پاران برسات وسائڻ جو تماشو ڏسندا، اها خبر نه صرف مصر ۾ مشهور ٿي وئي پر پري پري ملڪان ملڪ اها ڳالهه شهريت پڪڙي وئي ته فلاڻي تاريخ ۽ فلاڻي ڏينهن تي فرعون پنهنجي قدرت جي طاقت سان مينهن وسائيندو.

    فرعون جي جعلي خدائي

    آخرڪاراهو مقرر وقت ۽ تاريخ اچي وئي ۽ ان ڏينهن سمورو عالم گڏ ٿي ويو ۽ هاڻي فرعون انتهائي غرور سان پنهنجي محل مان نڪري آيو ۽ مخلوق کي گڏ کڻي مصرجي ميدان ڏانهن روانا ٿيا، جڏهن هي سڀ جو سڀ ان ميدان تي پهتا ته فرعون اتان نه ڪئي هم نڪا تم هڪ پهاڙي جي طرف پنهنجي منهن سان رخ ڪيو ۽ ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته توهان سڀ اتي بيهي رهو ڪير به منهنجي پويان نه ايندو، مان پهاڙيءَ تي وڃي توهان جي لاءِ مينهن وسايان ٿو، هي هلندي هلندي سڀني ماڻهن جي نگاهن کان غائب ٿي ويو، جڏهن هن پٺ تي ڪنڌ ورائي ڏٺو ته مان سڀني ماڻهن جي نگاهن کان اوجهل ٿي ويوآهيان ۽ هيئنرمونکي ڪو به ماڻهون نٿوڏسي سگهي، جڏهن هن چئني طرفن کان ڏسي وائسي پڪ ڪئي ته هن کي ڪو به ماڻهو نظرنه آيو ته هي جلدي ۾ هڪ پهاڙجي غار ۾ داخل ٿي ويو ۽ انڌيري ۾ پهچي پهريون پنهنجي مٿي تان بادشاهي تاج لاهي هيٺ ڦٽو ڪيو ۽ پوءِ پنهنجو لباس ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيائين ۽ پوءِ پنهنجي مٿي ۾ ڌوڙ وجهي ان وحدهُ لاشريڪ لہُ جي بارگاه ۾ گڙگڙائيندي سجدي ۾ ڪري پيو ۽ الله جي حضور ۾ نهايت ئي درد سان روئندي روئندي فرياد ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين منهنجي عزت رک ۽ مصر جي شهر تي برسات وساءِ.

    فرعون جي اهڙي گريا زاري تي الله تعليٰ جي رحمت الٰهي جوش ۾ اچي وئي ۽ فرعون جي ان دعا کي قبول ڪيو، پوءِ فرعون جيئن ئي پنهنجو قنڌ مٿي کڻي ڏسي ته هن جي مٿان جُهڙ چڪرڪاٽي رهيوآهي ۽ ان مان هڪ خوشنما سدا اچي رهي هئي جنهن ۾ رب العالمين اهوحڪم ڏئي رهيو آهي ته اي فرعون هن جُهڙ کي جٿي تون حڪم ڏيندين اتيئي وسي پوندو، فرعون اهو ٻڌي باغ باغ ٿي پيو.

    فرعون پنهجي دل ئي دل ۾ خوشيءَ مان نه پيو ماپي ۽ ان وقت اٿيو ۽ غار مان ٻاهر نڪرڻ چاهيو ته هڪدم هن جي هڪ ماڻهون تي پئي جيڪو الله تعليٰ جي حڪم سان غارجي دروازي تي انساني صورت وٺي حضرت جبرائيل عليہ السلام تشريف کڻي آيو هو، فرعون ان کي ڏسي گهٻرائجي ويو ۽ خوف ۾ مبتلا ٿي ويو ته شايد مهنجي جعلي خدائي هئڻ جو راز فاش ٿي پيو ۽ هن سمجهو ته منهنجي رعايا مان ڪو ماڻهو منهنجو پيڇو ڪندي مون وٽ پهچي ويوآهي اها سوچ ڪري غصي ۾ باه ٿي ويو ۽ پڇيائينس ته تون ڪيرآهين جو بنا اجازت خداونديءَ جي تون هتي آيوآهين، جنهن تي الله پاڪ جي فرشتي جواب ڏنس ته مان به اجازت خداونديءَ سان هتي آيوآهيان ۽ هڪ فرياد کڻي تو وٽ آيوآهيان، فرعون چيس ته هي جڳهه فرياد ٻڌڻ جي ناهي جيڪڏهن تنهنجي ڪا فرياد آهي ته تو کي منهنجي دربار۾ اچڻو پوندو پوءِ اُتي تنهنجي فرياد کي ٻڌو ويندو، حضرت جبرائيل عليہ السلام فرمايس ته فرياد ٻڌڻ جي هيءَ ئي جڳهه آهي، ايتري ۾ فرعون ڏٺو ته بادل هن جي سرَ مٿان جهومندا ايندا ٿا رهن انهن کي ڏسي هي ايترو ته مسرورٿي ويو جو خوشي جوماريو اهوچئي اٿيو ته اي سائل گهر ڇاٿو گهرڻ چاهين، حضرت جبرائيل عليہ السلام فرمايس ته صرف هڪ سوال جو جواب ڪرڻ گهران ٿو ۽ اهوسوال هي آهي ته جيڪڏهن ڪو غلام پنهنجي ڪريم آقا جي نافرماني ۽ مخالفت ڪري ۽ ان جي سامهون اطاعت جو قنڌ نه جهڪائي ته ان جي سزا ڇا هئڻ گهرجي؟ جواب ۾ هڪدم فرعون جي واتان هي ا لفاظ نڪتا ته ان غلام جي سزا اها هئڻ گهرجي ته ان کي وهندڙ درياه قلزوم ۾ ٻوڙيو وڃي، حضرت جبرائيل عليہ السلام فرمايس ته تنهنجي دربار تائين مهنجي رسائي ممڪن ناهي تنهن ڪري اگراهوحڪم هن وقت هن جاءِ تي ئي لکي ڏنو وڃي ته انصاف کان بعيد نه هوندو، فرعون ڇوته خوشيءَ ۾ بي انتها مسرور۽ مگن لڳو پيو هو هن ان جاءِ تي ئي اهو لکي ڏنو ته ”جوغلام پنهنجي ڪريم آقا جي مخالفت ڪري ۽ ان جي اطاعت کان منهن موڙي ته ان غلام جي ٺيڪ سزا اها هئڻ گهرجي ته ان کي وهندڙ درياهِ قلزم ۾ ٻوڙيو وڃي، فقط فرعون“.

    فرعون جي ان حڪم جي تعميل انشاءَالله آخر۾ ڏيکاري ويندي ته ڪنهن جي حڪم سان ڪيردرياهِ قلزم ۾ ٻڏي ٿو.

    فرعون جي اشاري سان قبطي قوم تي بارش

    هاڻي فرعون غارمان نڪتو ۽ پاڻيءَ سان ڀريل بادل پنهنجي سِرَ مٿان کيون گهمائيندو اچي پنهنجي قوم قبطين وٽ پهتو ۽ چيو ته مان توهان سڀني جواعليٰ رب آهيان اهوچئي هن ميدان ۾ ڌوم مچائي ڏني ۽ پوءِ مينهن وسڻ شروع ٿي ويو، هي عجيب ڪرشموڏسي قبطي ماڻهون فورن فرعون جي آڏو سجدي ۾ ڪري پيا ۽ چوڻ لڳا ته بيشڪ تون ئي اسان جو اعليٰ رب آهين ۽ بني اسرائيلي وڏا بدنصيب ماڻهوآهن جيڪي تنهنجي خدائيءَ کان انڪاري آهن ، فرعون جٿي چاهيو پئي ته ان جي اشاري سان بارش شروع ٿي وئي ۽ اها برسات ڪيترن ئي ڏينهن تائين هلندي رهي ۽ صورتحال اها وڃي بيٺي ته جٿي فرعون اشارو ڪندو هو ته برسات به ان جاءِ تي ئي وسي پوندي هئي ۽ جٿي اشارو نه ڪندو هو ان جاءِ تي برسات ڪون وسندي هئي. خدا جي قدرت ڏسو ته فرعون جي قوم جا قبطي ماڻهون خوب سيراب ٿيدا رهيا پر حقيقي رب العالمين کي مڃڻ وارا بني اسرائيل جا ماڻهون پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسندا رهيا، ڇا ته رب پاڪ جي حڪمت آهي.

    مسلمانن لاءِ نصيحت

    ڇا ته الله جي قدرت جا ڪرشما آهن جوهڪ پڪو ڪافر۽ حقيقي خدا جودشمن جنهن خدائيءَ جي دعويٰ ڪري ماڻهن کي ڌوڪي ۽ گمراهيءَ ۾ رکيو پرجڏهن اهوخدا تعليٰ جي سامهون گڙگڙائي ان جي بارگاهِ الٰهي ۾ دعا ٿوگهري ته الله تعليٰ ان جي دعا کي به رد نٿو ڪري ۽ ان جي دعا کي قبول فرمائي ٿو پر اڄ جي مسلمانن کي به اها ڳالهه سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته جڏهن فرعون جهڙي ظالم ۽ جابرجي دعا رب العالمين قبول فرمائي ٿو ۽ ان ظالم شخص جي دعا رب پاڪ وٽ منظور ٿي سگهي ٿي ته جيڪو انسان الله پاڪ ۽ ان جي رسول جي نالي وٺڻ واروآهي ۽ دل ۽ زبان سان الله جي وحدانيت ۽ ان جي رسول جي اطاعت جو پڻ اقرارڪري ويٺوآهي ته الله پاڪ ان جي دعا کي ڇو رد فرمائيندو، پرمنهنجوايمان آهي ته الله پاڪ دعا ضرورقبول فرمائي ٿو پرشرط اهوآهي ته اهو انسان صدقي دل سان ۽ گريا زاري سان پنهنجي رب پاڪ کان دعا گهري.
    فرعون جوخواب

    فرعون جڏهن پنهنجي قوم قطبين کي طرح طرح جي عيش وآرام ۾ رکيو ۽ بني اسرائيلين تي طرح طرح جي مصيبتن جا پهاڙڪيرائيندو رهيو ته هڪ رات هن کي هڪ خوفناڪ خواب ڏسڻ ۾ آيو جنهن ۾ هن کي ٽي ڳالهيون ڏسڻ ۾ آيون، هڪ ڳالهه اها ڏسڻ ۾ آيس ته مصرجي جهنگل ۾ باه ڀڙڪي رهي آهي ۽ قبطين جي گهرن ۾ داخل ٿي رهي آهي ۽ هڪ هڪ قبطيءَ کي ڳڙڪائيندي پئي وڃي ۽ جڏهن اها باه بني اسرائيلين جي گهرن ۾ داخل ٿئي ٿي ته اتي اها باه ٿڌي ٿي وڃي ٿي. فرعون کي ٻي اها ڳالهه ڏسڻ ۾ آيس ته هڪ تمام وڏي ازدها بلا زمين مان نڪري ٿي ۽ اها هن (فرعون) کي تخت سميت ڳڙڪائڻ ٿي چاهي، جنهن کان هي خوفزده ٿي خواب ۾ ئي تخت تان ڪري پوي ٿو. هن کي ٽين اها ڳالهه ڏسڻ ۾ آيس ته ڪو مبارڪ صورت وارو شخص هن جي سامهون بيٺوآهي ۽ اهو چئي رهيو اٿس ته عنقريب هڪ ٻار پيدا ٿيڻ وارو آهي جيڪو تنهنجي ملڪ کي زرا زرا ڪري ڇڏيندو ۽ توکي به ماري ڇڏيندو. فرعون جڏهن اهي ٽئي خوفناڪ ۽ پريشان ڪندڙخواب ڏٺا ته بدحواس ۽ وائڙو ٿي هڪدم نجومين ۽ جادوگرن کي پاڻ وٽ طلب ڪري ورتو.

    جادوگرن جي فرعون کي درخواست

    فرعون تقريبن ٽي هزار جادوگرن ۽ نجوجمين کي پنهنجي دربار۾ گهرائي ورتوجن جي سامهون فرعون پنهنجا ٽئي خواب بيان ڪري ٻڌيا ۽ انهن کان ٽنهي خوابن جي تعبير جو پڇو، جن ٻُڌي ان عمل جا فني ماهر به حيران ۽ پريشان ٿي ويا ۽ سڀني تي خاموشي طاري ٿي وئي ته هي ڪهڙي ماجرا چئبي، ڪافي ديرکان پوءِ ان عمل جا پراڻا فني ماهرچوڻ لڳا ته اي فرعون ڇوته هي خواب نهايت ئي عجيب و غريب آهن ان ڪري اسان انهن جي تعبيرجلد ٻڌائڻ مناسب نٿا سمجهون ان عمل لاءِ اسان کي گهٽ ۾ گهٽ چاليهن ڏينهن تائين جي مهلت گهرجي ته جيئن اسين اطمينان سان ويهي ڪري ان جي تعبيرسوچون.

    فرعون انهن جي درخواست تي غور ويچار ڪرڻ کانپوءِ انهن کي چاليهن ڏينهن تائين جي مهلت ڏني، اهي ٽئي هزارجادوگر۽ نجومي نهايت ئي پريشانيءَ ۾ فرعون جي دربارکان ٻاهرنڪتا ۽ ان وقت ڪمبل جا ڪپڙا پاتائون ۽ جَون جي مانيءَ کي پنهنجي غذا بنايائون ته جيئن نفس کي پوريءَ طرح پاڪ صاف ڪري پوءِ انهن خوابن جي تعبير تي غور۽ ويچارڪجي ته جيئن فرعون کي خوابن جي درست تعبيرڪري ٻُڌايون، ان کان علاوه فرعون جي خوف کان هي سڀ جوسڀ ماڻهو مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿي ويندا هئا ۽ رات جوجاڳندا ۽ ڏينهن جو روزا رکندا هئا ۽ پنهنجي بتن ۽ ديوتائن جي سامهون نڪ رڳڙيندا هئا ايسيتائين جوچاليهن ڏينهن تائين هي ماڻهو نهايت ئي سخت محنت ڪندا رهيا ته جيئن اها جنات جيڪا آسمانن تي ايندي ويندي هئي ڪنهن طرح هنهن جي فرمانبرداريءَ ۽ قبضي ۾ اچي وڃن ته جيڪا ڪجهه آسمان تي اڄ ڪلهه ڳالهه ٻولهه هلي رهي هوندي ان جي متعلق جنات هنن کي آگاه ڪري ته جيئن فرعون جي اڳيان سرخروٿي وڃون ۽ ان کان عهدا ۽ انعام اڪرام حاصل ڪري سگهون.

    آسمانن جون خبرون

    اُن زماني ۾ جنات آسمانن تائين پهچي ويندي هئي ۽ فرشتن کان اهي ٻُڌل ڳالهيون نجومين تائين پهچائيندي هئي پوءِ نجومي انهن ڳالهين کان علاوه وڌيڪ پنهنجي طرفان به وڌائي چڙهائي ڳالهيون ماڻهن جي سامهون پيش ڪري انهن کي گمراه ڪندا هئا ۽ انهن ماڻهن جو پڻ ايمان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، اهڙي طرح جنات جوآسمانن تائين اچڻ ۽ وڃڻ جوسلسلو الاءِ ڪيتري عرصي کان اڳ جو هلندڙ هو، پر جڏهن حضرت عيسيٰ عليہ السلام دنيا ۾ تشريف کڻي آيو ته جنات جو ٽئين آسمان تائين جو اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو پر وري جڏهن اسان جو نبي آخرزمان سيدلاوّلين و آخرين حضرت سيدنا مُحمّد صلي الله عليہ وسلم جن هن دنيا تي تشريف کڻي آيا ته جنات جو ستن آسمانن تائين هميشه جي لاءِ اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو. قرآن ڪريم ۾ ارشاد باري تعليٰ آهي ته ترجمو: ”۽ اسان آسمانن جي حفاظت ڪئي آهي مردود شياطين (جنات) کان ۽ جيڪڏهن ڪوبه آسمانن تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته انهن کي شهاب ثاقب يعني روشن چمڪدارشعلا هڻي ڀڄائي ڇڏيون ٿا“. هڪ حديث پاڪ ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايوآهي ته هيئنردنيا مان جنات جو آسمانن تي اچڻ وڃڻ ختم ڪيو ويو آهي تنهن ڪري منهنجو رسالت ۾ اچڻ کان پوءِ جنات جي داخلا آسمانن تي بند ٿي چڪي آهي (حديث ناخوذازسيرت هليبيه).
    فرعون جي خوابن جي تعبير

    انهن جادوگرن ۽ نجومن جي مسلسل چاليهن ڏينهن جي محنت آخر وڃي رنگ لاتو ۽ انهن چلا پچائي آخرڪار جنات کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ورتو، هاڻي جنات کي هي جادوگر ۽ نجومي جيئن چون پيا تيئن پيا ڪن، هنن نجومن ۽ جادوگرن جنات کي حڪم ڪيو ته آسمان جي بلنديءَ تي وڃو ۽ اتان جيڪي ڳالهيون توهان کي ملي سگهن اسان ڏانهن کڻي پهچايو، بهرحال انهن ڏينهن ۾ جنات آسمانن تي پهتي ته اتي فرشتن جي زباني خداوند تعليٰ جا احڪام ٻڌي ورتا، ترجمو ”اسان بني اسرائيلن مان هڪ نبي پيدا ڪندا سين جيڪو فرعون ۽ ان جي سلطنت کي نيست ونابوت ڪري ڇڏيندو ۽ اها فلاڻي تاريخ جمعي جي رات هوندي هيتري گهڙيءَ کان پوءِ اهو ٻار پنهنجي پيءُ جي پشت مان رحم مادر ۾ منتقل ٿي ويندو“.

    اهو ٻڌندي ئي جنات فورن انهن جادوگرن ۽ نجومن طرف ڊوڙندي آئي ته جيئن هنن کي هن غيبي رازکان آگاه ڪيون اهڙي طرح جنات هنن وٽ پهتي ۽ ٻڌايائون ته هيئنر توهان ڪو به فڪر نه ڪيو توهان جيڪا محنت ڪئي هئي هاڻي ان جي لاڀ ملڻ جا ڏينهن اچي ويا آهن ۽ جنهن ڳالهه جي ڪري توهان پريشان ۽ بيچين رهندا هئا اها اسان توهان جي لاءِ آسمان مان کڻي آيا آهيون، پوءِ جنن نجومن کي هڪ ٻار جي پيدا ٿيڻ جي خبر ٻڌائي جيڪو پڻ نبي ٿيندو ۽ ان هٿان فرعون ۽ ان جي حڪومت کي ختم ٿيڻ جون تمام ڳالهيون ٻُڌائي ڇڏيون.

    حضرت موسيٰ عليہ السلام جو پيدا ٿيڻ

    هي سڀ نجومي ڏسندا رهجي ويا ۽ فرعون جي دربار ۾ پهچي ويا ته جيئن ان کي خوابن جي تعبيرکان آگاه ڪيون، فرعون پوري طرح هنن جي طرف متوجه ٿيو۽ چيو ته منهنجي خوابن جي تعبير جلدي بيان ڪئي وڃي، انهن نجومن مان هڪ منتخب جماعت اڳتي وڌي ۽ فرعون کي ٻُڌايو ته چاليهن ڏينهن کان پوءِ فلاڻي تاريخ جمعي جي رات هوندي ۽ هيتري گهڙي کان پوءِ بني اسرائيل جي قوم منجهان هڪ ٻار پيدا ٿيندو جيڪو اڳتي هلي پڻ نبي ٿيندو ۽ ان رات پيءُ جي پشت مان رحم مادر۾ منتقل ٿي ويندو جيڪو توکي ۽ تنهنجي سلطنت کي نيست ونابود ڪري ڇڏيندو. اها ڳالهه ٻُڌندي ئي فرعون جا هوش اڏري ويا ۽ چيو ته چڱو ٺيڪ آهي هاڻي مونکي ٻڌايو ته ڇا ڪرڻ کپي، جيڪڏهن توهان پنهنجي نجوم جي زورتي اهو ٻڌائي سگهو ته ان ٻار جي ماءُ ڪهڙي هوندي ته مان ان کي به مارائي ٿوڇڏيان، نجومن هن کان معضرت گهري ۽ چيو ته اهو اسان نٿا ٻڌائي سگهون ته ان جي ماءُ ڪهڙي هوندي يا ان جوپيءُ ڪير هوندو، اسان کي جيڪي ڪجهه معلوم هيو اهو اسان توهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي باقي اڳتي اسان کي ڪنهن به شئي جي ڪا خبرناهي.

    فرعون جهنگل ۾

    فرعون انهيءَ وقت پنهنجي وفادار وزيرهامان ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي ان تقدير جي فيصلي کي روڪڻ جي تدبيردريافت ڪئي، آخرڪارفرعون جي دربار ۾ اهو مشورو طئي ٿيو ته چاليهين ڏينهن واري رات جنهن ڏينهن اهو جمعو ٿيڻو هوندوجيڪا ان ٻار جي پيءُ جي پشت مان رحم مادر ۾ منتقل ٿيڻ واري تاريخ هوندي ان رات اهڙي ڪا ترڪيب ڪرڻ کپي جنهن سان ان عمل کي روڪي سگهجي، گهڻي مٿا ماريءَ کانپوءِ آخر اهو طئي ڪيو ويو ته ان رات سڀني مردن ۽ عورتن تي پابندي لڳائي وڃي ۽ انهن مٿان سخت پهرو ويهاريو وڃي ته جيئن ان رات ڪنهن به مرد جو عورت سان يا عورت جوڪنهن مرد سان ميلاپ نه ٿي سگهي، اها تدبير به فرعون کي ڏاڍي پسند آئي ۽ سڀني فرعوني دربارن پاران ان تدبيرکي پڻ ڏاڍو پسند ڪيو ويو، فرعون ان فيصلي تي عمل ڪندي فوري طورحڪم جاري ڪيو ته اها رات بني اسرائيل جوهرهڪ مرد ۽ ٻار اسان سان گڏ جهنگل ۾ گذاريندو، بني اسرائيل جي قوم کي ان ماجرا جي ڪابه ڄاڻ ڪان هئي ته آخر فرعون اهو ڊرامو ڇوٿو ڪرائي.

    فرعون اڃان به پنهنجي حڪم کي وڌيڪ سخت ڪندي پنهنجي قوم قبطين کي به ان عمل ۾ شامل ڪري ڇڏيو. هاڻي اهو حڪم عام ٿي ويو ته اها رات ڪو به مرد هجي يا ننڍو ٻار پنهنجي گهرن ۾ ان رات نه رهي سگهندو ۽ سمورا ماڻهون اسان سان گڏ جهنگل ۾ گذاريندا، آخرڪار جڏهن اها رات آئي جنهن ڏينهن اهو مبارڪ جمعو ٿيڻو هو ته فرعون پاڻ پنهنجي سرسڀني شهرجي مردن ۽ ننڍن ڇوڪرن کي پاڻ سان ساڻ کڻي جهنگل طرف روانا ٿي ويا، جڏهن ته شهر ۾ هڪ ٻارکي به نه بخشيو ويو، اهڙي طرح پوري شهرجي دروازن تي سخت پهرو ويهاريو ويو ته جيئن ڪو به مرد يا ننڍو ڇوڪرو ڪنهن به گهر اندرداخل نه ٿي سگهي، هوڏانهن فرعون سڀني نجومن کي ساري رات جاڳڻ ۽ پنهنجي پيشي ۾ حاضررهڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو.

    هاڻي جڏهن ان رات جو پو يون پهرشروع ٿي ويو ته هڪدم فرعون جي دل گهٻرائڻ لڳي ۽ پنهجي اعتماد واري وزير يسارعمران کي چوڻ لڳوته مان هڪ ضروري ڪم سان محل ۾ وڃي رهيوآهيان ۽ ڇو ته تون منهنجو امانتدار وزيرآهين ان ڪري تون مون سان محل تائين گڏجي هل، اهڙي طرح يسار عمران ۽ فرعون ٻئي شاهي محل ۾ پهچي ويا، اتفاق چئجي يا خدا جي مرضي ته فرعون کي اڃان تائين اها خبرنه پئجي سگهي هئي ته يسار عمران جو تعلق بني اسرائيل جي قوم سان آهي پر فرعون ان کي آخر تائين پنهنجو قبطي سمجهندو رهيو ان ڪري بي ڌڙڪ ٿي هن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي محل ۾ بي فڪرٿي سمهي پيو، هوڏانهن يسار عمران جي زال ڪنهن ڳالهه جي دريافت ڪرڻ لاءِ شاهي محل ۾ تشريف کڻي آئي جٿي زال مڙس جو پڻ ميلاپ ٿئي ٿو، خدا جي قدرت ڏسو ته اهو به فرعون جي شاهي محل اندر! اهڙي طرح فرعون جي تمام پابندين ۽ پهرن جي باوجود الله تعليٰ پنهنجي حڪم کي تڪميل ڪري ڏيکاريو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو ته ”تمام بني نوع آدم جو چاهتي هئين وه نهين هوتا، بلڪه وهي هوتا هئي جومنظورخدا هوتا هئي“، هتي الله تعليٰ جي صرف ارادي جي دير هوندي آهي، الله تعليٰ جنهن به شئي جوارادوڪندوآهي ۽ صرف حڪم فرمايئندو آهي ته ڪُن، ٿي پئه، ته فيڪون اها شئي ان ئي وقت وجود ۾ اچي ويندي آهي.

    فرعون کي جادوگرن جومشورو

    هوڏانهن پوئينءَ رات جو هي نورنبوت پنهنجي پيءُ جي پشت کان ماءُ جي رحم ۾ منتقل ٿي ويو ته هيڏانهن نجومي نور۽ برڪتن کي آسمان مان لهندي ڏٺو، اهوڏسي نجومن شورمچائڻ شروع ڪري ڏنو، انهن جي زورسان شورڪرڻ تي فرعون جي ننڊ مان اک کلي پئي ۽ فرعون فورن درين مان ليو پائي ڏٺو ۽ پڇا ڪئي ته هي ڇاجوشور ٿي رهيوآهي؟ يسار عمران چيس ته هنن ماڻهن ڇو ته سڄي رات جهنگل ۾ گذاريوآهي ان ڪري پنهنجي تفريح لاءِ رانديون ۽ تماشا ڪري رهيا آهن، اوهان بي فڪر ٿي آرام ڪيو، فرعون اهو ٻڌي وري سمهي پيو.

    جڏهن صبح نمودارٿيو ته نمجومن پنهنجا مُنهن ڪارا ڪري پنهنجا گريبان ڦاڙڻ لڳا ۽ مٿي ۾ خاڪ وجهي فرعون جي دربار۾ رڙيون ڪندا آيا ۽ هنن نهايت ئي واويلا ڪندي چيو ته افسوس صد افسوي بادشاه سلامت رات جو پهريون حصو وڏي خير خيريت سان گذري ويو پر رات جي پوئين پهر ۾ جڏهن تون اسان کي ڇڏي شاهي محل ۾ آئين ته ان وقت اهو ٻارپنهنجي پيءُ جي پشت کان ماءُ جي رحم ۾ منتقل ٿي ويو، اسان ان وقت وڏو شورمچايو سين پرتوهان اسان جي هڪ به نه ٻُڌي، اهو ٻڌي فرعون کان دانهن نڪري وئي ۽ چيو ته غضب ٿي ويو، آخر اهو چيائين ته چڱو ٺيڪ آهي وڌيڪ ڪو نه ڪو بلو ڪيان ٿو (جلوه طور).

    تقديرالٰهيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش

    جڏهن فرعون پنهنجي پهرين فرعوني ڪوشش ۾ ناڪام ٿي ويو ۽ ان جي منصو بابندي ڌري جو ڌري رهجي وئي ته فرعون ٻي پاليسي اختيارڪئي ۽ ڪوٽوارن کي گهرائي حڪم ڏنائين ته هڪ هزار پيدل سپاهي بني اسرائيلن جي گهرن ۾ مقرر ڪيا وڃن ۽ هڪ هزار دايون به انهن سان گڏ رکيون وڃن جيڪڏهن ڪنهن به بني اسرائيل جي گهر ۾ ڪوٻار(پُٽُ) ڄمي پوي ته ان کي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح ٻن سالن تائين بني اسرائيلن جي مٿان ظلم ٿيندو رهيو (قصص الانبياءِ).

    ڪجهه تاريخن ۾ اهي به روايتون آيل آهن ته فرعون اهو به حڪم جاري ڪيو هو ته اهڙيون ماهردايون گهرايون وڃن جيڪي پنهنجي فن ۾ مهارت رکنديون هجن ۽ ايتري تعداد ۾ گهرايون وڃن جو بني اسرائيلن جي گهرگهر۾ ڇڏيون وڃن ته به انهن ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ پيدا نه ٿئي ۽ پوءِ ائين ئي ڪيو ويو ته بني اسرائيلن جي هرگهر۾ هڪ هڪ دائي ڇڏي وئي ۽ انهن دائين کي حڪم ڏنو ويو ته بني اسرائيلن جي ڪابه اهڙي عورت نه هجي جنهن جو نالو معلوماتي دفتر۾ درج ٿيل نه هجي ۽ اڄ کانپوءِ بني اسرائيلن جي هر گهر۾ جيڪو به ٻارڇوڪروهجي يا ڇوڪري ڄمڻ کانپوءِ اسان جي سامهون پيش ڪيو وڃي ۽ بعد ۾ اسان پاڻ فيصلو ڪري پوءِ انهن والدين جي حوالي ڪندا سين ۽ اهڙي طرح فرعون جي اها ظالمانه پاليسي ڪافي عرصي تائين جاري رهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه گهٽتائي نه آئي پراڃان به ان ۾ وڌيڪ روز بروز اضافو ٿيندورهيو، قرآن پاڪ ۾ ارشاد باري تعليٰ آهي ته ترجمو”فرعون ملڪ ۾ سرڪشي ڪندو هو ۽ هو بني اسرائيلن جي ٻارن (ڇوڪرن) کي قتل ڪندو هو ۽ ڇوڪرين کي زنده رکندو هو، اڳتي فرمايائين ته بيشڪ فرعون تمام وڏوظالم هو“ (سوره بقره).

    حضرت موسيٰ عليہ السلام جي ولادت

    اهڙي طرح فرعون انهن داين جي وسيلي بني اسرائيلن جا ٻارحاصل ڪيا ۽ انهن کي نهايت ئي بيدرديءَ سان قتل ڪرائي ڇڏيندو هو،”دائرة المعارف“ ۾ لکيل آهي ته ظالم فرعون بني اسرائيلن جا ٻارهن هزارٻار بيدرديءَ سان قتل ڪرائي ڇڏيا ۽ نوي هزارحامله عورتن جا حمل ضايع ڪرائي ڇڏيائين تڏهن به آخرڪارحضرت موسيٰ عليہ السلام هن دنيا تي تشريف کڻي آيو.

    فرعون جي طرف کان جيڪا دائي پاڻ سڳورن جي والده ماجده جي مٿان معمورڪئي وئي هئي ان پاڻ سڳورن ڏانهن هڪ ڀيرو ڏسڻ لڳي ۽ پاڻ سڳورن جي حسن وجمال کي ڏسي حيران ٿي وئي ۽ پاڻ سڳورن جوحسن وجمال هن جي دل ۾ محبت جوگهرڪري ويو، انهيءَ وقت هن پياري فرزند جي والده کي مبارڪ ڏئي چيو ته تون رنج وغم نه ڪرآءُ هن نيڪ بخت ٻارجي خبرفرعون کي هرگذ ڪان ڏينديس ۽ جيڪي سپاهي منهنجي مٿان مقررٿيل آهن انهن کي چونديس ته توکي پُٽُ نه پرڌيءُ ڄائي هئي سا به مئل جنهنکي آءُ زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيوآهي، پر اي بي بي شرط اهوآهي ته تون پنهنجي پاڙي وارن ۽ مِٽن مائٽن کان هن خبرکي پوشيده رکجان.

    فرعون جا سپاهي ٻار جي تلاش ۾

    مائي دائي بي بي صاحبه کي اهو چئي جڏهن گهرکان ٻاهرنڪتي ته سپاهن هن کان پڇا ڳڇا ڪئي ته ڇا ڄائوهو؟ دائيءَ سپاهن کي چيوته ڇوڪري ڄائي هئي سا به مئل جنهن کي مون زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيوآهي پرجيئن ته اتي جنگي حڪم جاري ٿيل هئا ان ڪري صرف دائيءَ جو زباني بيان قابل قبول نه هو تنهن ڪري سپاهي گهرجي اندر داخل ٿي ويا چاهي ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري اسان ان کي فرعون جي دربار ۾ پيش ڪندا سين، سپاهن جي قدمن جوآوازٻڌي حضرت موسيٰ عليہ السلام جي ڀيڻ پنهنجي پياري ڀاءُ کي بدحواسيءَ جي حالت ۾ جلدي کڻي وڃي ٻرندڙباه جي تنور ۾ وجهي ڇڏيو، سپاهي آيا ۽ سڀ جڳهون ڏسي وائسي تسلي ڪري مائيءَ دائيءَ کي سچو قرار ڏئي هليا ويا، هوڏانهن پاڻ سڳورن جي والده ماجده نهايت درد و غم ۾ بيحوش ٿي وئي جڏهن حوش ۾ آئي ته پنهنجي لخت جگر ٻچڙي جي باري ۾ پڇا ڪئي ته منهنجو ٻچڙو ڪاڏي ويو، سندس ڌيءُ بي بي مريم ٻڌايس ته مان فرعوني سپاهن جي ڊپ کان ان کي ٻرندڙ تنور ۾ وجهي ڇڏيو هو، اها خبر ٻڌي سندس والده ماجده جي غم ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿي ويو، پرهڪدم تنور مان آوازآيو ته اي منهنجي مٺڙي امڙ! تون غم نه ڪرالله تعاليٰ جيئن حضرت ابراهيم عليه السلام جي لاءِ باه کي گل گلزاربنايوهوائين ئي منهنجي لاءِ به باه کي گل گلزاربنايو ويوآهي، بحرحال هنن پاڻ سڳورن کي باه مان ڪڍيو ته پاڻ سڳورا بالڪل صحيح سلامت هئا (قصص الانبياءِ).

    حضرت موسيٰ عليہ السلام جوپهريون معجزو

    ڪجهه روايتن ۾ آيل آهي ته جڏهن ماءُ ۽ ڌيءُ ٻئي پنهنجي جگرجي ٽڪري کي کڻڻ لاءِ بدحواسيءَ جي عالم ۾ جلدي ان ٻرندڙتنورطرف وڌيون ۽ جهاتي پائي ڏٺائون ته هنن کي الله تعليٰ جو عجيب ڪرشمو نظرآين، ڇا ڏسن ته حضرت موسيٰ عليہ السلام کلندي کلندي پنهنجي رب پاڪ سان ڳالهيون ڪري رهيو هو۽ باه گل گلزارٿي رهي هئي. تفسيرعزيزي ۾ لکيل آهي ته جڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام جي ماءُ ۽ ڀيڻ پهريون باه جي تنورکي ڏٺو ته ان ۾ باه جا ڇولا ڀڙڪي رهيا هئا جنهن کي ڏسي ٻئي زارو قطارر وئڻ لڳيون ته ايتري ۾ ٻرندڙ باه جي تنورمان هڪ معصوم آوازاچي ٿو ته منهنجي پياري جيجل ماءُ تون غم نه ڪرهيءَ باه منهنجي لاءِ باه ناهي پرالله تعليٰ منهنجي لاءِ خوشبودارگل بنايا آهن، ماءُ ڳالهايو ته ٻچڙا مان توکي هن تنورمان ڪيئن ڪڍان، ارشاد فرمايوته بسم الله پڙهي ڪري ڪڍي وٺو، هيءَ باه الله پاڪ جي حڪم سان ڪجهه به نقصان نه پهچائيندي، اهوٻڌي ڪري سندس والده ماجده بسم الله پڙهي ڪري پاڻ سڳورن کي باه جي ان تنورمان ڪڍي ورتو۽ پوءِ بي بي صاحبه پنهنجي فرزند ارجمند جي پرورش ۾ مشغول ٿي وڃي ٿي، هي پهريون معجزوهو جيڪو الله تعليٰ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي هٿان ظاهرڪيو.

    حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والدين کي خوف

    حضرت موسيٰ عليہ السلام جو والد يسارعمران ۽ والده محترمه پاڻ سڳورن جي پرورش ۾ مشغول ٿي ويا پرهي پرورش عام ماڻهن کان انتهائي ڳجهي رکي وئي هئي، ايتري تائين جوپاڻ سڳورا چاليهن ڏينهن جا ٿي چڪا هئا پرهر وقت هن جي والدين کي انديشو۽ خوف رهندو هوته ڪٿي فرعون جي سپاهن کي خبر نه پئجي وڃي ته اسان جي نور نظرکي کڻي وڃن، ڇو ته فرعون جي ظلم جو بازارگرم لڳو پيو هو ۽ انهن ڏينهن ۾ فرعون هزارين ٻارڙا قتل ڪرائي ڇڏيا هئا اهو ٻڌي حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده نهايتئي خوفزده ٿي ويندي هئي تنهن ڪري الله تعليٰ هنن جي حال تي رحم فرمايو ۽ زات باري تعليٰ کي پنهنجي پياري ڪليم الله جي پوِشيده پرورش پسند نه آئي تنهن ڪري رب جليل پاڻ سڳورن جي والده محترمه کي پيغام ڏنو ته ترجمو: ”يعني اسان حضرت موسيٰ عليہ السلام جي ماءُ کي پيغام موڪليو ته تون هن فر زند کي کير پياريندي ره جڏهن توکي وڌيڪ خوف محسوس ٿئي ته تون پنهنجي هن نور نظر کي بغير ڪنهن خوف خطري جي وڃي درياه ۾ وجهي ڇڏ ۽ زري جو به نه خوف کائو پوءِ اسان تو کي جلد حضرت موسيٰ عليہ السلام وٽ پهچائيندا سين“ (صورة ....).
    ان پيغام کانپوءِ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده ماجده مطمئين ٿي وئي ۽ بيفڪريءَ سان پنهنجي ٻچڙي کي کير پيارڻ شروع ڪري ڏنو، پرجڏهن معلوم ٿيس ته اڄ ڪلهه بي انتها ٻارڙا فرعون پاران قتل ڪرايا پيا وڃن ته ان وقت هوءَ هن ڳالهه جي لاءِ تيار ٿي وئي ته فرمان الٰهي جي مطابق پنهنجي لخت جگر کي درياه ۾ وجهي اچان، اهڙي طرح بي بي صاحبه پنهنجو دل مضبوط ڪري هڪ ڊکڻ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ هڪ عدد صندوق پنج فوٽ ڊگهي ۽ پنج فوٽ ويڪري ٺهرائڻ لاءِ چيو، حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والد يسار عمران جي واتان اها ڳالهه نڪري وئي ته مان فرعون جي خوف کان پنهنجي ٻچي جي لاءِ هي صندوق توکان جوڙائي آهي ته جيئن هن کي بند ڪري ڪنهن جڳهه تي موڪلي ڇڏيان.

    حضرت موسيٰ عليہ السلام تي ايمان آڻڻ

    ڊکڻ اهو ٻڌي حيران ٿي ويو ته هي ڇا ماجرا آهي جو فرعون جي طرفان ايترين پابندن جي باوجود هي ٻار جي ٿو ڳالهه ڪري جڏهن ته فرعون گزريل ٻن سالن کان هتي ڪو به ڪنهنجو زنده ٻار ناهي ڇڏيو، اتان وجهه وٺي لڪي لڪي سڌو فرعون جي دربار ۾ پهتو ۽ ارادو ڪيائين ته هن فرزند جي ڪيفيت ۽ حضرت عمران جي تابوت ٺاهڻ متعلق فرعون جي سامهون خبرکي ظاهرڪيان ته جيئن ڪجهه انعام اڪرام وٺي وڃا، هن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته اها ڳالهه فرعون جي ڪنن تائين پهچايان، هي اتي گهڻو ڪجهه بڪندو رهيو پرهن جي ڳالهه ڪنهنجي پلئي ڪان پئي اُٽلندو فرعون هن جي مٿان گرم ٿي ويو ۽ حڪم ڏنائين ته هي ڪيرآهي گستاخ جو اسان جي شان ۾ گستاخي ڪري رهيوآهي هن کي ڪوڙا هڻي ٻاهرڪڍي ڇڏيوس، هي بي انتها ڪوڙا کائيندي ذليل ۽ خوار ٿي فرعون جي دربار مان ٻاهر نڪتو پر پوءِ به اڃان نه پيو مڙي ڇو ته هن کي انعام وٺڻا هئا ۽ ارادوڪيائين ته فرعون کي اهوحال احوال لکت ۾ ٿو ڏياري موڪليانس، اهو عزم ڪيائين ته هن جون انهيءَ وقت ٻئي اکيون بند ٿي ويون ۽ بالڪل انڌو ٿي پيو، هاڻي ته هن جا حوش و حواس اڏري ويا ۽ دل ۾ يقين آيس ته هي فرزند درحقيقت اهو نيڪ بخت فرزند آهي جنهنجي خبرنجومن فرعون کي ڏئي ڇڏي هئي ته هي اهو نيڪ بخت ٻارآهي جيڪو فرعون ۽ ان جي حڪومت کي نيست و نابود ڪري ڇڏيندو ۽ جيڪو پڻ اسان جو نبي ٿيڻ واروآهي، جڏهن هن کي يقين آيو ته فورن پنهنجي دل مان اهي بي ايمانه خيال ختم ڪري ڇڏيا پوءِ هن جون اکيون به کلي پيون ۽ سڀ ڪجهه ڏسڻ ۾ آيس، جڏهن الله پاڪ جي حڪم سان هن جو نور واپس اچي ويو ته غائبانه طورحضرت موسيٰ عليہ السلام تي ايمان آندائين، هي قبطي قوم ۽ بني اسرائيلن مان پهريون شخص هوجنهن حضرت موسيٰ ڪليم الله جي ذات اقدس تي ايمان آندو (جلوه طور).

    ڊکڻ کي اُجرت

    آخرڪارحضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده صندوق تيارڪرائڻ جو ان ڊکڻ کي چيو هاڻي ان ڊکڻ صندوق تيارڪري حضرت موسيٰ ڪليم الله جي والده جي خدمت ۾ پيش ڪئي، حضرت موسيٰ عليه السلام جي والده ماجده ڊکڻ کي مزدوري ڏيڻ چاهيو ته اهو ڊکڻ چوڻ لڳو ته هن خوشنصيب ٻارجو مونکي صرف هڪ ڀيرو ديدارڪرايو اهائي منهنجي مزدوري هوندي، جڏهن هن جي نظر حضرت موسيٰ عليہ السلام جي چهري تي پئي ته پنهنجون ٻئي اکيون هن جي قدمن ۾ اچي رکيون ۽ پوءِ دل ۾ نيڪ ارادو کڻي اتان رخصت ٿي ويو (قصص الانبياءِ).

    حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده کان جدائي

    حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده محترمه صندوق پنهنجي سامهون رکي ۽ ان جون وٿيون وغيره چڱي طرح بند ڪرڻ لڳي ته متان ڪٿان پاڻي داخل نه ٿي وڃي، جڏهن اهو تابوت پوريءَ طرح قابل اطمينان ٿي ويو ته هن عظيم ماءُ پنهنجي ٻچي کي وهنجاري سينگار ڪرايو ۽ ان کي سٺا ڪپڙا پارائي پنهنجي حسين جميل ٻچي کي خوشبو هڻي ماٿي تي چميون ڏئي الله جو نالو وٺي ان تابوت ۾ رکيو، ان وقت جيڪا ماءُ جي ڪيفيت هئي اها ناقبل بيان آهي، آخرڪار پنهنجي لخت جگر کي الله جي سپرد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي ، تنهن کانپوءِ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده اها صندوق پاڻ پنهنجي مٿي تي رکي درياه نيل طرف رواني ٿي وئي جيڪو مصر ۾ ئي وهندوآهي، جڏهن بي بي صاحبه درياه جي ڪناري تي پهتي ته ڇا ڏسي ته درياه جي ڪناري تي هڪ وڏي ازدهان بلا ويٺي آهي جيڪا صاف انساني زبان ۾ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده سان ڳالهائڻ لڳي ۽ چيائينس ته اي عورت جيڪڏهن تون هن ٻارکي درياه ۾ وجهنديئن ته مان هن کي هڪ ئي لقمي سان ڳڙڪائي ويندس، پرجيئن ته هي به عورت ڪا عام عورت ڪان هئي پرهڪ نبيءَ جي ماءُ هئي ۽ نهايتئي سمجهدار۽ عقلمند هئي تنهنڪري سمجهي وئي ته هي ضرورڪو شيطان لعين آهي جيڪو مونکي الله جي حڪم جي تڪميل ڪرڻ کان روڪڻ چاهي ٿو، لهٰذا حضرت موسيٰ ڪليم الله جي والد فرمايس ته تون مونکي بهڪائڻ وارو شيطان ٿو معلوم ٿئين، اهي الفاظ ٻڌنديئي الله جي فضل سان اها ازدها بلا فورن غائب ٿي وئي، ۽ پوءِ بسم الله ڪري صندوق کي درياه نيل ۾ وجهي ڇڏيو، اهڙي طرح پاڻ پنهنجي ٻچڙي کي هٿ سان الله جونالو وٺي درياه نيل جي حوالي ڪري پنهنجي اکين مان سچا موتي وهائيندي ۽ باربار پوئتي پنهنجو قنڌ ورائيندي صندوق کي ڏسندي رهي ۽ پوءِ واپس گهرموٽي آئي، پرماءُ جي دل هئي اڃان به هن کي سُڪون نه پيو اچي نيٺ پنهنجي ڌيءُ حضرت بي بي مريم کي اهوچئي درياه نيل تي روانو ڪيو ته تون ان تابوت تي نظروجهندي رھ ته اهو تابوت ڪيڏانهن ٿو وڃي. حضرت موسيٰ عليہ السلام جي ڀيڻ بي بي مريم پنهنجي ماءُ جو چوڻ وٺي درياه نيل ڏانهن رُخ ڪيو، جڏهن هوءَ درياه نيل تي پهتي ۽ واجهائي ڏٺائين ته ان تابوت جو رخ ڪيڏانهن پيو وڃي، بي بي مريم تابوت تي نظر وجهندي رهي ۽ ڏٺائين ته تابوت وڃي فرعون جي محل جي ويجهو پهتو آهي.

    فرعون جي بيمار ڌيءُ جوعلاج

    تاريخ ٻڌائي ٿي ته فرعون کي صرف هڪئي ڌيءُ هئي جيڪا عرصه دراز کان ڪوڙھ ۽ جزام جي بيماريءَ ۾ مبتلا هئي، تمام طبيبن ۽ ڊاڪٽرن جي علاج کان لاچارٿي چڪي هئي جنهن تي فرعون کي نجومن اها خبرٻڌائي ڇڏي هئي ته فلاڻي سال، فلاڻي مهيني ۽ فلاڻي ڏينهن صبح جي وقت درياه نيل مان هڪ جاندارشئي برآمد ٿيندي جنهنجي لعاب (منهن جي ٿڪ) مان تنهنجي ڌيءُ جوعلاج ٿيندو يعني ان جي لعاب مبارڪ مان تنهنجي مريضه ڌيءُ مڪمل صحتياب ٿي ويندي، تنهنڪري اها رات اڄ جي آهي ۽ صبح جو هڪ جاندار شئي درياه نيل مان برآمد ٿيندي، فرعون وڏي بيچينيءَ سان ان جاندار شئي جو انتظارڪري رهيو هو ۽ درياه جي ڪناري تي هزارين ماڻهون پيدل ۽ گهوڙي سوار دوربينن سان نظربازي ڪري رهيا هئا، فرعون پاڻ به آبي کڙڪين مان واجهائي رهيو هو ته ڪيڏانهن ۽ ڪڏهن ٿو اهو مسيحو نروار ٿئي جيڪو دختر فرعون جوعلاج ڪري ان کي صحتياب بڻائيندو، ايتري ۾ هڪ عظيم الشان وڻ فرعون جي محل ڏانهن لڙهندي ايندي ڏٺو ويو جنهن جي مٿان هڪ ڪاٺ جي ٺهيل صندوق پيل آهي، ماڻهن ارادو ڪيو ته ان وڻ کي ٻيڙين وسيلي فرعون جي محل جي قريب آڻي فرعون کان خوشامد طور انعام حاصل ڪري سگهون پرقدرت جو عجيب ڪرشمو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهو وڻ ان صندوق کي کنيون پاڻهئي خلاف عادت زورشور پاڻيءَ جي مٿاهين وهڪري ڏانهن چڙهندو فرعون جي محل جي سامهون اچي رهيو هو ۽ اهو وڻ فرعون جي محل جي ويجهواچي پاڻهئي رڪجي ويو، جٿي فرعون ۽ ان جي گهرواري آسيه بي بي هن عجيب وغريب جاندارشئي جو پوئينءَ رات کان بيچينيءَ سان انتظارڪري رهيا هئا. آسيه بي بي فرعون جي گهرواري جيڪا يقنن بني اسرائيل جي قوم منجهان هئي ۽ رشتي ۾ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي پڦي ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي پيءُ حضرت يسار عمران جي ڀيڻ هئي. (هڪ مشهورڪتاب سيرت حليبيه ۾ لکيل آهي ته فرعون جي زال حضرت آسيه جهن بعد ۾ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي نبوت تي ايمان آندو هو ۽ هي چند ان خوشنصيب خواتين ۾ شامل آهي جنهنکي جنت ۾ حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جي زوجه (گهرواري) بنجڻ جوشرف حاصل هوندو.

    حضرت موسيٰ عليہ السلام فرعون جي دربار۾

    جڏهن اها صندوق حضرت آسيه بي بي ۽ فرعون جي پاسي کان اچي گذرڻ لڳي ته حضرت آسيه جلديءَ ۾ پنهنجوهٿ وڌايو ۽ ان وڻ مٿان پيل صندوق کي آهستي آهستي کڻي ورتو ۽ پوءِ ان وقت ئي ان کي کوليو، جيئن ئي ان تابوت جو پُڙ کولي ڏٺائين ته هڪ عجيب حيرت انگيزمنظرڏسڻ ۾ آيس، ڇا ڏسي ته هڪ نهايت ئي حسين جميل نئون ڄاول ٻارصندوق ۾ يعني حضرت موسيٰ عليہ السلام جي پياري صورت ڏسي سڀ جوسڀ حيران ٿي ويا پرحضرت آسيه ڪجهه وڌيڪ حيران ٿي وئي.

    فرعون هي عجيب و غريب واقعو ڏسي ۽ ٻار جي حسين و جميل صورت ڏسي ان جي دل ۾ محبت پيدا ٿي پر محبت سان گڏوگڏ هن کي خوف به اچي ورايس ته ڪٿي اهو هيءُ ٻار نه هجي جنهن جي نجومن منهنجي ۽ منهنجي ملڪ جي تباهي ۽ برباديءَ جو سبب ٻڌايو هو، تنهنڪري فورن پنهنجي گهرواري حضرت آسيه سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پنهنجي خدشن کان پڻ آگاه ڪيو جيڪي هن کي نجومن ٻڌايا هئا، ان جي جواب ۾ حضرت آسيه فرمايس ته اي فرعون توکي اهڙوخيال گمان هرگز نه ڪرڻ گهرجي اهو به خاص ڪري ههڙي معصوم ڀولي ڀالي پياري صورت جيڪا اکين ۾ سمائجي ۽ دل ۾ گهرڪري وئي آهي، ڀلا هي تنهنجي ملڪ ۽ سلطنت جي تباهي و بربادي ۽ تخريبڪاريءَ جو ڇو سبب بڻبو ؟ نه نه ڪڏهن به نه پرهي فرزند اسان جي مُسرت ۽ خوشين جو سبب بڻبوجنهنجو پهريون ثبوت اهو هوندو ته عرصه درازکان ڪوڙھ ۽ جزام جي بيماريءَ ۾ مبتلا اسان جي ڌيءُ هن مبارڪ فرزند جي لعاب مبارڪ (الله جي حڪم) سان تندرست ٿي ويندي، هاڻي تون ٻڌاءِ ته هن نعمت کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي نعمت ٿي سگهي ٿي.

    حضرت موسيٰ عليہ السلام فرعون جي گود ۾

    حضرت آسيه جي اها تقريرٻڌي فرعون کي اطمينان ٿي ويو ۽ انهيءَ وقت حضرت موسيٰ عليہ السلام جي وات مبارڪ جو لعاب پنهنجي ڌيءُ جي جسم کي لڳايو ته الله پاڪ جي حڪم سان فرعون جي بيمار ڌيءُ فورن تندرست ٿي اُٿي ويهي رهي. هاڻي تمام دربارين تي اهو واقعو حيرت جو عالم طاري ٿي ويو ۽ فرعون جي دل ۾ ان ننڍڙي ٻار (حضرت موسيٰ عليہ السلام ) جي محبت جوش مارڻ لڳي ۽ فرعون ان ننڍڙي ٻار (حضرت موسيٰ عليہ السلام) کي فورن گود ۾ ويهاريو ۽ حضرت آسيه کي چيو ته توکي اختيارآهي ته تون هن ٻارکي پنهنجو بناءِ ۽ هن کي پنهنجي فرزندگيءَ ۾ وٺي ڇڏ مان توکي خوشيءَ سان اجازت ڏيان ٿو.

    حضرت موسيٰ عليہ السلام جي پرورش

    حضرت آسيه بي بي هاڻي نهايت خوشي خوشي سان هن نيڪ صورت ٻارجي پرورش ۾ مشغول ۽ مگن ٿي وئي پرعجيب ڳالهه اها ٿي ته حضرت موسيٰ عليہ السلام ڪنهن به ٻي عورت جو کيرنه پيو پئي جنهنڪري فرعون ۽ حضرت آسيه سخت پريشان ٿي ويا، حضرت موسيٰ عليہ السلام جي ڀيڻ حضرت بي بي مريم جنهن ان تابوت جو پيڇوڪندي ڏسندي رهي ته تابوت ڪيڏانهن ٿو وڃي، حضرت موسيٰ عليہ السلام جي ڀيڻ حضرت بي بي مريم ان تابوت جو پيڇو ڪندي اچي فرعون جي محل تائين پهچي وئي ۽ ڏٺائين ته حضرت موسيٰ عليہ السلام کيرنه پي رهيو هو ته پاڻ بي بي صاحبه فرعون جي دربار۾ حاضرٿي عرض ڪيو ته مونکي هڪ اهڙي عورت جي خبرآهي جنهنجو کيرهي ٻارپي وٺندو، ان جي ڳالهه ٻڌي فرعون ۽ حضرت آسيه ان بي بيءَ کي خوشي خوشيءَ سان اجازت ڏني ۽ فورن ان عورت کي پيش ڪرڻ جوحڪم جاري ڪيو، جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام جي ڀيڻ حضرت بي بي مريم کي اهڙي قسم جي عجازت ملي وئي ته پاڻ بي بي سڳوري خوشي خوشيءَ سان اچي پنهنجي ماءُ کي ٻڌايو، حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده جڏهن اها خبر ٻڌي ته تمام گهڻوخوش ٿي ۽ الله جي وعدي کي ياد ڪري رب تعاليٰ جي حضور ۾ سجدو ڪري رب العالمين جو شڪرادا ڪيو، پاڻ جلديءَ ۾ تيارٿي فرعون جي محل ڏانهن رواني ٿي وئي، پاڻ بي بي فرعون جي محل ۾ پهچندي ئي پنهجي لخت جگرکي سيني سان لاتو ۽ پنهنجي اکين جي ٺارٻچڙي کي کيرپيارڻ شروع ڪيو ۽ هن پياري ٻچڙي به پنهنجي ماءُ جي ڇاتيءَ جوکيرپي دل دل ٿيڻ لڳو، اهڙي طرح حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده روزانو پنهنجي نور نظر ٻچڙي کي پنهنجو کير پياريندي رهي ۽ ان جي نيڪ صورت جي روزانو زيارت ڪري پنهنجون اکيون ٿڌيون ڪندي هئي ۽ فرعون وري بيخبري ۾ هن نيڪ بخت ٻارجي ماءُ جيجل کي کير پيارڻ عيوض روزانواُجرت طورهڪ اشرفي مقررڪري ڇڏي، اهڙي طرح الله پاڪ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده سان پنهنجوڪيل وعدو پورو ڪري پنهنجي قدرت جوعجيب ڪرشموڏيکاريو ۽ پنهنجي پيغمبرموسيٰ ڪليم الله کي پنهنجي دشمن فرعون جي گهر ۾ ۽ وري انهيءَ جي گود ۾ رکي ان جي نعمتن ۽ مال دولت جي رهل پهل ۾ پالي وڏو ڪري اهو ثابت ڪري ڏدکاريو ته الله پاڪ جو چاهي هرصورت ۾ ٿي ويندوآهي هن جي مرضيءَ کي ڪنهنجي به طاقت روڪي نٿي سگهي. فرعون جي محل ۾ موجود عورتن بي بي آسيه کي چيو ته هن نيڪ بخت ٻارجوڪو نالو ته رکو، جواب ۾ بي بي آسيه فرماين ته مون هن جونالو موسيٰ تجويز ڪيوآهي ڇاڪاڻ ته هي نيڪ بخت ٻاراسان کي پاڻيءَ ۽ وڻ مان مليوآهي جنهنکي اسان پنهنجي زبان ۾ ”مو“ جي معنيٰ ڪاٺي ۽ ”سا“ جي معنيٰ پاڻي يا درياه کي چوندا آهيون، تنهنڪري مون هن نيڪ بخت ٻارجو نالو موسيٰ ئي رکي ڇڏيوآهي. جڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام ٻن سالن جو ٿي ويو ته سندس جي ماءُ کان کيرڇڏرايو ويو ۽ حضرت آسيه حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده کي سون سان ڀريل خچر، ڪيترائي اُٺ ۽ تمام گهڻيون نفيس ۽ قيمتي شيون ڏئي فرعون جي محل مان رخصت ڪيو ۽ پوءِ باقي پرورش بي بي آسيه پاڻ ڪئي (جلوه طور).

    هڪ معصوم ٻارجوامتحان

    جڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام ٽن سالن جوٿي ويو ته هڪ ڏينهن بي بي آسيه هن کي فرعون جي جهوليءَ ۾ ويهاريو، حضرت موسيٰ عليہ السلام ديرئي ڪان ڪئي هن فرعون جي ڏاڙهي جنهن ۾ هيرا ۽ جوهرات جڙيل هئا هٿ وجهي زورسان ڇڪيو ۽ ايترو ته زورسان ڏاڙهيءَ کي پٽيو جو هن جي ڏاڙهيءَ جا ڪجهه واربه پٽجي حضرت موسيٰ عليہ السلام جي هٿ ۾ آيا، هڪ ٻي روايت ۾ آيل آهي ته ٻئي هٿ سان هن فرعون جي منهن تي زورسان ٿڦڙبه وهائي ڪڍيو، ان تي فرعون باه ۾ ڳاڙهو لال ٿي ويو ۽ ايتري تائين غصي ۾ اچي ويو جو هن معصوم ٻارڪي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو، بي بي آسيه فرمايس ته هي تون ڇاٿوڪرين، هن معصوم ٻارکي ڪهڙي خبرته مان ڇاٿوڪيان، ميان فرعون يقين ڪرته ننڍن ٻارن ۾ عقل ٿوروگهٽ هوندوآهي، نٿئي اعتبارته هن کي آزمائي ڏس پوءِ جيڪو وڻئي ته فيصلو ڪر، بحرحال آخراهو طئي ٿيو ته هن جي معصوميت جو امتحان ٿا وٺون، امتحان جوطيقه ڪار اهو طئي ڪيو ويو ته هڪ پليٽ ۾ ياقوت ۽ هيرا جواهر رکون ٿا ته ٻي پليٽ ۾ باه سان ٻريل ڪوئلا ٿا رکون جيڪڏهن هن ۾ عقل ۽ سمجھه هوندس ته هي هيرن جواهرن ڏانهن هٿ وڌائيندو پرجيڪڏهن هن ۾ اهوشعور ۽ عقل نه هوندو ته يقنن هي وڃي باه ۾ هٿ وجهندو، بحرحال فرعون جوغصو ٿورو ٿڌوٿيڻ لڳو ۽ اهڙي قسم جي امتحان وٺڻ تي راضي ٿي ويو، جڏهن ٻنهي قسمن جون پليٽون هن معصوم ٻارجي سامهون رکيون ويون ته هن پنهنجا هٿ هيرن جواهرن ڏانهن وڌايا ڇو ته هي عام معصوم ٻارڪون هو جو جنهنکي اهو به سمجهه ۾ نه ايندو هوندو ته هي باه آهي يا ڪا ٻي شئي، تنهن ڪري هن فورن هيرن جواهرن ڏانهن پنهنجو هٿ وڏايو تنهن تي حضرت جبرائيل عليہ اسلام هن جو هٿ ٻرندڙ ڪوئلن طرف وڌايو، حضرت موسيٰ عليہ السلام معصوميت ۾ ان ٻرندڙ ڪوئلن مان هڪ ڪوئلو کڻي وات ۾ وجهي ڇڏيوجنهنڪري هن معصوم ٻارجي وات ۾ ڇالا به پئجي ويا، فرعون اهوڏسي هن معصوم ٻارکي قتل ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو.

    الله جي قدرت جا ڪرشما

    جڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام اٺن سالن جوٿيو ته هڪ ڏينهن فرعون جي سامهون ادب سان ويٺو هو ۽ فرعون مرغيءَ واري کي حڪم ڪيو ته هڪ جهگلي مرغو کڻي آءُ، جڏهن مرغوآندو ويو ته ان مرغي پنهنجا ٻئي پرمٿي کڻي کمڀڙاٽيون هڻندي آواز ڪڍڻ لڳو، جنهن جو ترجمو ۽ تصديق حضرت موسيٰ عليہ السلام ڪئي، فرعون پڇڻ لڳو ته هي مرغو ڇا چئي رهيوآهي، حضرت موسيٰ عليہ السلام ٻڌايس ته هي مرغو اهو چئي رهيوآهي ته ”پاڪ آهي اها ذات جنهن ڌنارجي ڇوڪري کي وڏي دولت ۽ حشمت سان نوازيو ۽ طرح طرح جون نعمتون عطا ڪيس حالانڪه هو هرنعمت جي ناشڪري ڪري رهيو آهي“.

    فرعون چيس ته اها ڳالهه تون پنهنجي طرفان گهڙي رهيوآهين، حضرت موسيٰ عليہ السلام مرغي کي حڪم ڪيوته فصيح زبان ۾ ٻڌاءِ ته جيئن سمورا ماڻهون ٻڌن ۽ سمجهي سگهن، مرغي حضرت موسيٰ عليه السلام جي حڪم ڪرڻ تي الله تعاليٰ جي قدرت سان ان ساڳي ڳالهه کي دهرايو، جنهن تي فرعون ڊڄي ويو ۽ ان مرغي کي ڪهرائي ڇڏيو، پرالله تعاليٰ جي حڪم سان اهو مرغو زنده ٿي فرعون جي سامهون اُڏڻ لڳو ۽ ٿوري دير کانپوءِ سڀني جي اکين کان غائب ٿي ويو. هڪ ڏينهن فرعون جي آڏو ڀُڳل ڇيلوآندو ويو، حضرت موسيٰ عليہ السلام ان ڇيلي کي حڪم ڏنو ته اي ٻڪرا تون الله جي حڪم سان پنهنجي پيرن تي بيهي ره ته اهو ٻڪرو الله پاڪ جي حڪم سان فورن زنده بنجي پنهنجي پيرن ته بيهي رهيو ۽ پوءِ ڊوڙڻ لڳو جنهنکي ڏسي فرعون تعجب ۾ اچي ويو. هڪ ڏينهن فرعون حضرت موسيٰ عليہ السلام کي پاڻ سان گڏ بادشاهي تخت تي ويهاريو ۽ ماڻهن اڳيان تڪبرانه ڳالهيون ڪرڻ لڳو، حضرت موسيٰ عليہ السلام کي غصو اچي ويو ۽ فرعون جي تخت کي لت هئين جنهن سان تخت ٽٽي پيو ۽ فرعون به تخت تان هيٺ ڪري پيو جنهنجو نڪ زخمي به ٿي پيو، فرعون بي بي آسيه تي گرم ٿيڻ لڳوجنهن تي بي بي آسيه فرعون کي چوڻ لڳي ته اهوسڀ ڪجهه تنهنجي حڪومت جي بقا واسطي ٿي رهيوآهي.

    حضرت موسيٰ عليہ السلام جي تبليغ جوآغاز

    جڏهن پاڻ ٽيويهن سالن جا ٿيڻ لڳا ته هڪ ڏينهن درياه نيل جي ڪناري تي وضوع ڪري نمازپڙهڻ لڳو ته فرعوني سپاهي هن کي اهڙي حالت ۾ ڏسي پڇڻ لڳو ته هن قسم جي عبادت ڪنهنجي لاءِ ڪري رهيوآهين جڏهن ته توکي فرعون جي سامهون سجدو ڪرڻوآهي، ان جي جواب ۾ حضرت موسيٰ عليہ السلام چيس ته هي عبادت آءُ الله پاڪ جي ڪري رهيوآهيان جيڪو سڀني جو خالق به آهي ته مالڪ به فرعون جي سپاهي اهو ٻڌي چوڻ لڳس ته هن قسم جي عبادت پنهنجي پيءُ جي لاءِ ڇونٿوڪرين؟ حضرت موسيٰ عليہ السلام فرمايس ته لعنت هجي خدا جي تنهنجي مٿان ۽ تنهنجي فرعون جي مٿان، ان فرعوني حضرت موسيٰ عليہ السلام کي ڌمڪي ڏني ته هن ماجرا جواطلاع آءُ فرعون کي ڏيندس، حضرت موسيٰ عليہ السلام زمين کي حڪم ڪيو ته اي زمين هن ظالم جي پڪڙڪر، پوءِ الله پاڪ جي حڪم سان زمين ان شخص کي پيرن کان ڳچيءَ تائين پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ايسيتائين نه ڇڏيائونس جيسيتائين هن تو به نه ڪئي ۽ فرعون تائين هي خبرنه پهچائڻ جو قسم نه کاڌو. هڪ ڏينهن حضرت موسيٰ عليہ السلام بني اسرائيل جي وڏي عمر واري ماڻهن کي پاڻ وٽ گهرايو۽ انهن سان محبت ۽ وڏي عزت سان پيش آيو۽ انهن کي دلاسو ڏيندي انهن کي حضرت ابراهيم عليہ اسلام جو واقعو ٻڌايو ته توهان فرعون کان نه ڊڄو، الله تعاليٰ اوهان کي ان جي شرکان محفوظ رکندو (قصص الانبياءِ، تفسيرعزيزي، دائرة المعارف).
    قبطي قوم جي فرد جوقتل

    حضرت موسيٰ عليہ السلام تي اڃان وحي نازل شروع نه ٿيو هو ته پاڻ سڳورا هڪ ڏينهن منجهند جوآرام فرمائي ڪنهن ڪم سان مصرجي بازار ۾ وڃي رهيا هئا ته اتي ٻن ماڻهن جي وچ ۾ جهڳڙو ٿي رهيو هو، جن مان هڪ بني اسرائيل جو ماڻهون هو ته ٻيو وري قبطي قوم جو ماڻهون هو، جيڪو شخص بني اسرائيل جي قوم منجهان هو ان حضرت موسيٰ عليہ السلام کان مدد طلب ڪئي، ڇوته حضرت موسيٰ عليہ السلام هڪ خيرخواه شخص هو۽ ظالم جي ظلم کي روڪڻن وارن منجهان هو، اڳتي وڌي قبطيءَ کي هڪ ٺنئوشو وهائي ڪڍيو، پراهو ٺنئوشو ڪنهن عام ماڻهون جو نه پرهڪ جليل القدر نبي ۽ انتهائي طاقتور انسان جو هوجنهنکي الله پاڪ ڪيئي نبين جي طاقت عطا فرمائي هئي تنهن ڪري قبطي ان ٺنئوشي کي برداشت نه ڪري سگهيو ۽ ٿڏي تي ڪري مري ويو.
    حضرت موسيٰ عليہ اسلام ڏٺو ته هو فوت ٿي چڪوآهي ته پاڻ انتهائي افسوس ۾ اچي ويا ۽ هميشہ انتهائي پريشانيءَ ۾ وقت گزاريندا هئا ۽ هميشہ اهو فرمائيندا هئا ته مونکان غفلت ۾ هڪ شخص جوناحق خون ٿي ويوآهي، پاڻ ان عمل جي الله پاڪ کان مغفرت جي دعا گهري ۽ الله تعاليٰ پنهنجي پياري نبي موسيٰ ڪليم الله کي معاف فرمايو. تفسيرن ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته حضرت موسيٰ عليہ اسلام هي عمل ڄاڻي واڻي نه پراهو اتفاقي امرهو جيڪو هن جي هٿان ٿي ويو جنهن سان قبطي فوت ٿي ويو.

    قتل جورازفاش

    هڪ ڏينهن ڪنهن جڳهه تان حضرت موسيٰ عليہ اسلام جو گذر ٿي رهيو هو، ڏٺائين ته اهو ساڳيوئي بني اسرائيل جوشخص جنهن پهريون به مونکان مدد طلب ڪئي هئي جنهنجي ڪري هڪ قبتيءَ جوخون ٿي پيو هو هي اڄ ڪنهن ٻئي سان به وڙهي رهيو آهي ۽ هن حضرت موسيٰ عليہ اسلام کي ڏسي ساڳي طرح هن حضرت موسيٰ عليہ اسلام کان مدد طلب ڪئي، جنهن تي حضرت موسيٰ عليہ اسلام چيس ته ”تون هڪ گمراه شخص آهين“ جو روزانو تون ماڻهن سان وڙهي رهيوآهين يعني تون گمراه ۽ جهڳڙالو ماڻهون آهين جو تون هرماڻهونءَ سان وتين ٿو وڙهندو. ان بني اسرائيل جي شخص حضرت موسيٰ عليہ اسلام کي غصي ۾ ڏسي سمجهي ويو ته اڄ منهنجو نمبرآهي يعني قبطيءَ بجاءِ شايد اڄ منهنجي پٽائي ٿيندي، بني اسرائيلي شخص ڏٺو ته حضرت موسيٰ عليہ اسلام انتهائي غصي ۾ آهي ۽ اڄ مونکي به ماري وجهندو، هي زورسان رڙيون ڪرڻ لڳو ته اي موسيٰ (عليہ اسلام) ڇا ان قبطيءَ شخص وانگراڄ مونکي به ماري وجهندين، ڇا تون ماڻهن کي ماريندو ڦرندين ۽ اڄ مونکي به مارڻ جي لاءِ تيار ٿي ويوآهين، اهوٻڌي قبطي جنهن سان بني اسرائيل جو ماڻهو وڙي رهيو هوسمجهي ويو ته پهريون جيڪو قبطيءَ جوخون تي پيو هو اهو حضرت موسيٰ عليهہ اسلام ئي ڪيو هو، اهڙي طرح ان قبطيءَ جي قتل جورازفاش ٿي پيو.

    حضرت موسيٰ عليہ اسلام جي مدين طرف روانگي

    جڏهن اها ڳالهه ان قبطيءَ غور سان ٻڌي ته فورن فرعون جي دربارڏانهن ڊوڙي آيو ۽ فرعون کي ان قبطيءَ جي قتل بابت آگاه ڪيو ته قبلا توهان جي فلاڻي قبطيءَ جو جيڪو خون ٿي پيو هو ان کي حضرت موسيٰ عليہ اسلام قتل ڪيو هو تنهنڪري ان قتل جي عيوض حضرت موسيٰ عليہ اسلام خلاف ڪروائي ڪئي وڃي، جنهن تي فرعون سموري سلطنت جي اراڪين کي طلب ڪري ورتو ۽ انهن سان صلاح مشورا ڪيا ته ڇا ڪرڻ گهرجي، جنهن تي فرعون جي معتبر وزيرن منجهان هامان وزير فرعون کي چوڻ لڳو ته مان پهريائين کان شڪ ۾ هُيس ته هي ضروراهوئي ڇوڪروآهي جيڪو توکي ۽ تنهنجي تخت کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو، هن فرعون کي مشورو ڏنو ته حضرت موسيٰ عليہ اسلام کي ان قبطيءَ جي قتل عيوض فورن گرفتارڪري قتل ڪرڻ گهرجي. جٿي اهو مشورو ٿي رهيو هو ته اتي هڪ شخص جيڪو حضرت موسيٰ عليہ اسلام سان محبت ڪندو هو ۽ پاڻ سڳورن جوخيرخواه هو، اها ڳالهه ٻڌي فورن حضرت موسيٰ عليہ اسلام وٽ پهچي ويو ۽ اها خبرڪيائينس ته توهان جي خلاف هي سڀ ڪجهه ٿي رهيوآهي ۽ هي سڀئي فرعوني تنهنجي خون جا پياسا بنجي ويا آهن، توهان مهرباني ڪري فورن مصرڇڏي هليا وڃو، جنهن تي حضرت موسيٰ عليہ اسلام ان شخص جي خيرخواهنه مشوري ته اتفاق ڪيو ۽ انهيءَ وقت ئي مصرمان نڪرڻ جي تياري ڪئي، پاڻ سڳورن مصرمان نڪرندي دعا گهري ته اي رب تعليٰ مونکي هن ظالم قوم منجهان نجات عنايت فرما، اها دعا گهري پاڻ مصرجي شهرمان نڪتا، رستي ۾ هڪ ڌنارملي وين جنهنکي پنهنجي قيمتي پوشاڪ ڏئي ان کان رڍن جي بج مان ٺهيل جبي جي چادر وٺي ويڙهي سفرتي نڪري پيا. تاريخ بيان ڪيوآهي ته حضرت موسيٰ عليہ اسلام زندگيءَ ۾ پهريون ڀيروسفرڪيو ۽ ان کان اڳ هن ڪڏهن به سفرڪرڻ جا عادي نه هئا، پاڻ سڳورن پهريون ڀيروآرام واري زندگي ڇڏي پيرين اگهاڙين جنهن وٽ ڪنهن به قسم جي کاڌي پيتي جوڪوبه سامان ڪون هوخالي هٿين سفراختيارڪيو ۽ مدين جي طرف روانا ٿي وياجيڪو تقريبن اٺن ڏينهن جو سفرهو.

    حضرت شعيب عليہ السلام سان ملاقات

    تفسيرعزيزيءَ ۾ لکيل آهي ته هن سفر۾ حضرت موسيٰ عليہ اسلام سان ٻه عدد شينهن ساڻن گڏ رهندا هئا جيڪي رات جي وقت درندن ۽ جهنگلي جانورن کان پاڻ سڳورن جي حفاظت ڪندا هئا، اٺن ڏينهن جي سفردوران پاڻ سڳورا گاه ۽ انهن جا پن کائي گزارو ڪندا هئا،مدين شهر ۾ پهچڻ ساڻ پاڻ سڳورن جي ملاقات پيغمبرخدا حضرت شعيب عليہ السلام سان ٿي ۽ پاڻ سڳورن انهن ئي وٽ قيام فرمايو، حضرت شعيب عليہ السلام پاڻ سڳورن جي اخلاق ۽ شرافت کان انتهائي متاثرٿي پنهنجي نياڻي سان شادي پڻ ڪرائي ڇڏي. ان وقت حضرت شعيب عليہ السلام وٽ گذري ويل ستر نبين جون ”عصا“ يعني هٿن ۾ کڻڻ واريون لٺيون رکيل هيون، انهن ۾ اها ”عصا“ لٺ به هئي جيڪاحضرت آدم عليہ السلام پاڻ سان گڏ جنت مان کڻي آيو هو، جيڪا نهايت عجيب و غريب ”عصا“ لٺ هئي، اها ”عصا“ لٺ حضرت شعيب عليہ السلام کي امانت طور ملي هئي ۽ ان کي وصيعت به ڪئي وئي هئي ته هي ”عصا“ لٺ حضرت موسيٰ ڪليم الله کي ڏني ويندي هيءَ ”عصا“ ان جي امانت آهي. حضرت موسيٰ عليہ اسلام ارڙهن سال مدين ۾ گزارڻ کانپوءِ اها ”عصا“ لٺ کڻي پنهنجي اهل خانه کي ساڻ کڻي مصرجي طرف روانا ٿي ويا، جڏهن پاڻ ڪوه طور تي پهتا ته الله پاڪ پاڻ سڳورن کي نبوت ۽ رسالت سان سرفراز فرمايو ۽ الله پاڪ طرفان حڪم مليس ته تون هاڻي فرعون وٽ وڃ ڇو ته هو وڏو فخر۽ خدائيءَ جي دعويٰ ڪري ويٺوآهي، ان وٽ وڃي پهريون ان سان نرميءَ سان پيش اچج ۽ نرميءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪج شايد هن ڀيري هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ۽ پنهنجي هٺڌرميءَ تان لهي وڃي، حضرت موسيٰ عليہ اسلام الله پاڪ کان پنهنجي ڀاءُ حضرت هارون عليہ السلام کي نبوت عطا ڪرڻ جي باري ۾ به دعا گهري جيڪو اڳيئي مصر جي شهر ۾ موجود هو، الله پاڪ حضرت موسيٰ عليہ اسلام جي اها دعا به قبول فرمائي ۽ حضرت هارون عليہ السلام کي الله پاڪ نبوت سان سرفراز ڪيو. هاڻي الله پاڪ حضرت موسيٰ عليہ اسلام سان پنهنجو ڪلام فرمايو ۽ الله پاڪ فرمايس ته هي نيشانيون يعني معجزات کڻي فرعون وٽ وڃ ۽ ان کي منهنجو پيغام پهچاءِ، حضرت موسيٰ عليہ اسلام ارڙهن سالن کان پوءِ مصر ۾ اچي پهريون پنهنجي والده ماجده ۽ پنهنجي ڀاءُ حضرت هارون عليہ السلام سان مليو.

    فرعون جي دربار۾ دين جي دعوت

    حضرت موسيٰ عليہ اسلام الله پاڪ جي حڪم جي تعميل ڪندي پنهنجي ڀاءُ حضرت هارون عليہ السلام کي ساڻ ڪري فرعون جي دربار۾ پهتا، وڏين رڪاوٽن جي باوجود هنن ٻنهي ڀائرن جي رسائي آخر فرعون تائين ٿي وئي ۽ ٻنهي ڀائرن فرعون کي هدايت ڪئي ته اسان ٻئي ڀائر تنهنجي خدا جي طرف کان رسول ۽ قاصد بنجي آيا آهيون، اي فرعون هميشہ عيش ۽ سلامتي ان شخص لاءِ آهي جيڪو اسان جي ڏسيل واٽ تي هلندو ۽ اي فرعون تون هاڻي بني اسرائيلن تي ظلم ڪرڻ بند ڪري ڏي ۽ انهن کي هاڻي اسان جي حوالي ڪري ڇڏ ۽ الله پاڪ توڏانهن اسانجي هٿان ڪجهه نيشانيون موڪليون آهن، جيڪڏهن تون انهن کان انڪار ڪندين ته الله پاڪ جو تنهنجي مٿان عذاب اچي ويندو.

    فرعون جوغرور

    اهو ٻڌي فرعون مٿي کان پيرن تائين حضرت موسيٰ عليہ اسلام کي غورسان ڏسڻ لڳو ۽ چوڻ لڳ وته اي موسيٰ (عليه السلام) تون اهو ئي شخص آهين جيڪو ٽيهه سال منهنجي دسترخوان تي پلجندو رهيوآهين ۽ ايترا سال مون وٽ رهيين ته تون هاڻي منهنجي احسانن جوبدلو اهو ڏئي رهيوآهين جو منهنجي سامهون اهي ڳالهيون ڪري رهيو آهين، جڏهن ته تون منهنجي قبطي قوم جي ماڻهون جوقتل ڪري ڀڄي وئين، جواب ۾ حضرت موسيٰ عليہ اسلام چيس ته مونکي خبرنه هئي ته اهو ماڻهو قبطي آهي ۽ منهنجي ٺنئوشي هڻڻ سان مري ويندو، ان جو موت محض هڪ اتفاقي هو، ان دوران فرعون سان هنن ٻنهي ڀائرن جون تمام وڏيون ڳالهيون ٿيون پر فرعون هنن نبين جي هڪ به نه ٻڌڻ لاءِ تيار هو، ان دوران حضرت موسيٰ عليہ اسلام ”عصا“ لٺ جي مدد سان فرعون ۽ فرعونن کي ڪيترائي ڀيرا معجزا ڪري ڏيکاري ان ”عصا“ لٺ مان نانگ جوٺهي وڃڻ، حضرت موسيٰ عليہ اسلام جڏهن بغل مان ٻاهون ڪڍي پيو ته سج جهڙي چمڪدارروشني ظاهر پئي ٿي پوي جهڙا معجزا ڪري ڏيکاريا، جنهن تي خود فرعون ۽ ان جي دربار۾ ويٺل ماڻهن ڪفرانه رسمن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪري ورتو ۽ مسلمان ٿيڻ لاءِ تيارٿي ويا، پر فرعون جي وفادار وزير هامان فرعون کي چوڻ لڳو ته اي فرعون تنهنجي عقل کي ڇا ٿي ويوآهي، توکي خبرناهي ته حضرت موسيٰ عليہ اسلام جادو سکي آيوآهي ۽ ان جادوءَ جي مدد سان هي اسان سڀني کي پنهنجي دين تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيوآهي، ڇو ته تنهنجي ملڪ ۾ وڏا وڏا جادوگر موجود آهن تو انهن پاڻ وٽ گهرائي انهن جو مقابلو حضرت موسيٰ عليہ اسلام سان ڪراءِ هي پاڻهئي ٻئي ڀائر ڀڄي ويندا.

    جادوگرن سان مقابلو

    فرعون پنهنجي وفادار وزير هامان جي مشوري کي تمام گهڻو پسند ڪيو ۽ انهن جادوگرن کي ڦاڻ وٽ گهرائي حضرت موسيٰ عليہ اسلام سان مقابلو ڪرائڻ تي راضي ٿي ويو، جنهن تي فرعون ملڪ جا وڏا وڏا جادوگر پاڻ وٽ گهرايا، جادوگرن فرعون کي چيو ته اي فرعون جيڪڏهن اسان حضرت موسيٰ عليہ اسلام تي غالب ٿي ويا سين ته تون اسان کي ڇا انعام ڏيندين، فرعون جادوگرن کي چيوته توهانکي بي حساب وڏن وڏن انعام اڪرامن سان نوازيو ويندو ۽ توهانکي مان پنهنجو مقرب بنائيندس. بحرحال مقابلي جو وقت مقررڪيو ويو، خدا جي قدرت سان اهو عيدالاضحيٰ جو ڏينهن هو، ان ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ حضرت موسيٰ عليہ اسلام کي فرعون پاران ملڪ جي ناليوارن جادوگرن سان مقابلي ڪرڻ جواطلاع ڏنو ويو، حضرت موسيٰ عليہ اسلام ان مقابلي کي قبول ڪندي مقرر وقت جو انتظار ڪندو رهيو، ڇوته حضرت موسيٰ عليہ اسلام جي لاءِ سمورو وقت هڪجهڙوئي هو ڇو ته پاڻ سڳورن سان هر وقت الله پاڪ جي مدد گڏ هئي، جڏهن اهو مقرر وقت اچي ويو ته ان ڏينهن ڪتابن ۾ لکيل آهي ته ان مقابلي کي ڏسڻ لاءِ ڪروڙين انسان گڏ ٿي ويا. فرعون وڏي فخر۽ غرورسان بلند بالا ٿي اچي تخت تي ويٺو، تاريخ گواه آهي ته اسي هزار جادوگرن کي حضرت موسيٰ عليہ اسلام جي مقابلي ۾ ميدان تي لاٿو ويو، انهن جادوگرن پهريان فرعون جا هٿ پيرچميا ۽ پوءِ پنهنجي جادوءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان کي گڏ ڪيو جنهن ۾ هزارين ٻليو، هزارين زنجير، رسيون، هزارن جي تعداد ۾ بڙڇيون ۽ تلوارون ۽ هزارين وڻن جون ٽاريون وغيره ساڻ هيون، انهن جي مقابلي ۾ حضرت موسيٰ عليہ اسلام هڪ ڪاري ڪمبل جوڪڙتو پائي ”عصا“ لٺ ساڻ کڻي ميدان تي اچي حاضرٿيو، پهريان جادوگرن پنهنجي آڱرين ۽ اکين جي پمبڙين جي اشارن سان سمورو ميدان خون خوار نانگن سان ڀري ڇڏيو، جن کي ڏسي سمورا ماڻهون دهلجي ويا ۽ ڊڄڻ لڳا، حضرت موسيٰ عليہ اسلام الله تعاليٰ جي حڪم سان پنهنجي مبارڪ ”عصا“ لٺ کي فورن زمين تي اڇلايو، اها ”عصا“ لٺ زمين تي ڪرندي ئي الله پاڪ جي حڪم سان وڏي ازدهان بنجي وئي جنهن پنهنجو اسي گز منهن کولي ڇڏيو جنهن ۾ ڪيترائي گز وڏا ڏند نظرآيا ۽ نهايت ئي تيزشعلن جهڙيون اکيون ظاهرڪندي پهريا ئين الله پاڪ جي حضور ۾ سجدو ڪيو ۽ پوءِ ميدان تي ڇڏيل سڀني نانگن کي هڪئي ساهيءَ ۾ ڳڙڪائي وئي.

    جادوگرن جوايمان آڻڻ

    حضرت موسيٰ عليہ اسلام جو هي معجزو ڏسي اهي اسي هزارجادوگر رب العالمين جي حضورسجدي ۾ ڪري پيا ۽ سڀني حضرت موسيٰ عليہ اسلام ۽ سندس ڀاءُ حضرت هارون عليہ السلام کي چيو ته اسان سڀئي اوهانجي پروردگارتي ايمان آڻڻ لاءِ تيار آهيون، فرعون اها صورتحال ڏسي هنن کي چوڻ لڳو ته توهان سڀئي منهنجي عجازت کان سواءِ ڪيئن مسلمان ٿي ويئو، معلوم ٿئي ٿو ته موسيٰ (عليہ السلام) جادوءَ ۾ توهان سڀني جواستاد آهي ۽ اها توهان سڀني جي ملي ڀڳت آهي، ياد رکو ته مان توهان سڀني جا هٿ پير وڍرائي کجين جي وڻن ۾ لٽڪرائي ڦاسيءَ تي چاڙهائي ڇڏيندس، ان کانپوءِ فرعون اهڙي قسم جوحڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ وقت ان تي عمل ٿيڻ شروع ٿي ويو، هزارين جادوگرن جا هٿ پيرڪٽجڻ شروع ٿي ويا، ان تي حضرت موسيٰ عليہ اسلام زارو قطار روئڻ لڳو ۽ الله پاڪ جي حضور ۾ عرض فرمايو ته اي منهنجا رب پاڪ هنن تي رحم فرما، الله پاڪ حضرت موسيٰ عليہ اسلام کي جادوگرن جواصل مقام ڏيکاري ڇڏيو جٿي هنن جي روحن کي پروازڪرائي عرش معليٰ جي هيٺان پيل سرخ قنديل ۾ وڃي سڪون وٺي رهيا آهن، اهو ڏسي حضرت موسيٰ عليہ اسلام کي اطمينان ٿي ويو (جلوه طور).

    حضرت آسيه جوايمان آڻڻ

    فرعون جڏهن بني اسرائيلن تي داٻاءُ وڌايو ۽ پنهنجي ظلم جي بازارگرم ڪري ڇڏي ۽ ڪيترنئي معصوم ٻارڙن کي قتل ڪرائي ڇڏيو، اسي هزارجي لڳ ڀڳ جادوگرن کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ جڏهن سندس زال حضرت بي بي آسيه حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ حضرت هارون عليه السلام تي ايمان آندو ته ظالم فرعون ان کي به بخش نه ڪيو، هن پنهنجي شريڪ حيات جي جسم جي کل لهرائي ۽ سيني تي باه سان ڀريل ٿال رکي ڇڏيو ۽ ٻيا مختلف قسم جا ظلم ڪندورهيو، آخرالله پاڪ جي رحمت کي جوش اچڻو هو، حضرت موسيٰ عليہ السلام الله پاڪ کان دعا گهري ته پاڻ سڳورن جي دعا ستن آسمانن کي چيريندي وڃي بارگاه الٰهي ۾ پهچي وئي ته انهيءَ وقت آسمان تي گهاٽا ڪارا ڪڪر نمودارٿيا ۽ پوري مصرجي شهرتي ڇائنجي ويا جنهنجي ڪري سڄي مصرجي شهر تي انڌيرو ڇائنجي ويو، ست ڏينهن ۽ ست راتيون مسلسل بارش ۽ طوفان هلندو رهيو پرخدا جي قدرت ان عذاب کان بني اسرائيلي محفوظ رهيا جن جي گهرن تي اُس برقرار رهندي هئي. ان کانپوءِ پوري مصرجي شهر تي وقفي وقفي سان عذاب ايندا رهيا، پهريان پوري مصرجي شهر کي ٽنڊڻن گهيراءُ ڪيو، پوءِ چچڙن ۽ جوئن جوعذاب آيو، پوءِ ڏيڏرن جوعذاب آيو ۽ پوءِ آخر ۾ خون (رت) جو عذاب آيو. اهڙي طرح عذاب ايندا رهيا ۽ عذاب ٽرندا رهيا پرهي خبيث نه سڌري نه سڌريا، جڏهن به هنن جي مٿان ڪو عذاب ڪڙڪندو هو ته هي فورن حضرت موسيٰ عليہ السلام وٽ پهچي ويندا هئا ۽ ان کان معافيون وٺندا هئا. جڏهن حضرت موسيٰ عليہ اسلام جي دعائن سان هنن مٿان عذاب ٽري ويندو هو ته وري هي سرڪشي ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا هئا، جڏهن هنن جي ظلم ۽ سرڪشي وڌي ويندي هئي ته وري هنن جي مٿان ٻئي قسم جوعذاب اچي ويندو هو، هي ماڻهون ايڏا ته سرڪش ۽ ظالم هوندا هئا.

    فرعون جي قوم تي عذاب جوملتوي ٿيڻ

    پڙهندڙحضرات، مٿي بيان ڪيل تاريخ مان اوهانکي بخوبي اندازوٿي ويو هوندو ته فرعون ڪيترو نه ظالم ۽ ڪيتري قدرظلم ڪندو رهندوهو، هن جي ظلم ۽ بربريت جي آلودگيءَ کان مصرجا معصوم ٻارڙا به محفوظ نه رهي سگهيا جنهن ڪري مصرجا هزارين معصوم ٻارڙا هن جي ظلم ۽ تشدد جونشانو بڻيا، پر ان جي ظلمن ۽ دهشتگريءَ جي باوجود الله تعاليٰ انهن تي فورن عذاب نه موڪليندو پرڪافي حد تائين هن کي محلت ۽ ڍيل به ڏني ويند هئي.

    الله پاڪ طرفان فرعون تي فورن عذاب نه موڪلڻ جو وڏوسبب هڪ حديث پاڪ ۾ بيان فرمايل آهي ته هڪ ڏينهن حضرت موسيٰ عليہ السلام فرعون کي تباه ۽ برباد ڪرڻ جي لاءِ دعا گهري جنهن تي پيغام الٰهي آيو ته اي موسيٰ (عليہ اسلام) جيتوڻيڪ فرعون جا ظلم اسان جي سامهون آهن اسان ان جي ظلمن کان غافل يا بيخبرناهيون ۽ بني اسرائيلن جون دعائون اسان جي عرش کي لوڏي رهيون آهن پر اي موسيٰ (عليہ السلام) تون ٻڌاءِ ته اسان ڪهڙي طرح فرعون تي عذاب نازل ڪيون جڏهن ته هي روزانو پنهنجي دسترخوان تي ڏهه هزارمسڪين ماڻهن کي کاڌو کارائيندو آهي، اي موسيٰ (عليہ السلام) جيسيتائين فرعون جي اها سخاوت جاري رهندي تيسيتائين اسان هرگزفرعون تي عذاب نازل نٿا ڪري سگهون. هڪ روايت مطابق ته فرعون روزانو ٻه سئو اُٺ، هڪ سئو ڳئون ۽ چارهزار ٻڪر ذبح ڪري مسڪينن کي کاڌو کارائيندو هو، پرهڪ ڏينهن فرعون جي اعتبارواري وزير هامان فرعون کي مشورو ڏنو ته جناب خزانوخالي خالي ٿيندو پيوڃي ان ڪري خيراتي دسترخوان (مفت جي کاڌي کي) بند ڪيو وڃي ته جيئن خزاني کي ٿورو وڌائي سگهون، جنهن تي فرعون پنهنجي اعتبار واري وزير هامان جي مشوري تي عمل ڪندي سخاوت وارو عمل بند ڪري ڇڏي، هاڻي جيئن ئي فرعون سخاوت بند ڪري ڇڏي ته مختلف قسمن عذاب نازل ٿيڻ شروع ٿي ويا.

    قبطين جي لاشن جو پاڻيءَ ۾ وهڻ / ترڻ

    جڏهن فرعون جا ظلم بي انتها وڌي ويا ته هڪ ڏينهن حضرت موسيٰ عليہ السلام بارگاه الٰهيءَ ۾ هٿ کڻي ٻاڏايو ۽ فرعون ۽ فرعونين خلاف بد دعا ڪئي ته ان وقت آسمان تي گهاٽا ۽ ڪارا ڪڪرنمودارٿيا ۽ پوري مصرتي ڇائنجي ويا جنهن ڪري پوري مصر ۾ انڌيرو ڇائنجي ويو ۽ اهڙي ته ست ڏينهن ۽ ست راتيون مسلسل خطرناڪ آنڌي، طوفان ۽ بارش هلندي رهي جو تمام قبطين جا گهرپاڻيءَ ۾ ٻڏڻ لڳا، هزارين جانيون ضايعه ٿيڻ لڳيون ۽ الله پاڪ پنهنجي ۽ پنهنجي پياري ٻانهي نبي موسيٰ ڪليم الله جي نافرماني ڪندڙن کي عبرتناڪ سزا ڏني ۽ انهن جا لاش پاڻيءَ جي سطح تائين ٻڏندا ۽ ترندا رهيا.

    ماڪڙجوباغات کي چٽ ڪرڻ

    ان کانپوءِ باقي جيڪي بچي ويا هئا انهن تي ٻئي قسم جي عذابن جو سلسلوجاري رهيو جنهن مان هنن بد بختن تي هڪ هي به عذاب نازل ٿيو ته هڪ ڏينهن مصرجي شهر ۾ ماڪڙچوڌاري پوکن ۽ باغات تي حملوڪري ڏنو جن مصرجي تمام پوکن ۽ باغات کي چٽ ڪري ڇڏيو۽ هنن وٽ ڪا به شئي ڪان بچي جنهن سان پيٽ ڀري هي زنده رهي سگهن.
    جونئن ۽ چچڙن جوحملو

    جڏهن به فرعونين جي سر تي ڪوعذاب ايندو هو ته حضرت موسيٰ عليہ السلام وٽ ڀڄي وڃي معافي وٺندا هئا، حضرت موسيٰ عليہ السلام هنن تي رحم کائي هنن جي ڇوٽڪاري جي دعا گهرندا هئا ته هنن مٿان عذاب ٽري ويندو هو، اهڙي طرح حضرت موسيٰ عليہ السلام جي دعا سان جڏهن هنن مٿان ماڪڙجوعذاب ٽريو ته ڪجھه عرصي کانپوءِ وري هي سرڪشي ۽ ظلم و ستم جي بربريت شروع ڪري ڏنائون، ڪجهه عرصي جي وقفي کانپوءِ وري هي سرڪشي ۽ ظلم جي بازار گرم ڪرڻ لڳا ته هنن تي جونئن ۽ چچڙن جو عذاب نازل ٿيو، جڏهن هنن بد بختن مٿان جونئن ۽ چچڙن جوسخت عذاب نازل ٿيو ته هڪئي وقت جونئون ۽ چچڙ برسات وانگر قبطين جي وارن، پمبڙين ۽ ڀرون ۾ چڪ پائي چمبڙي ويندا هئا ۽ وڏي شدت سان انهن جورت پيڻ شروع ڪري ڏيندا هئا ۽ ٿوري ديرکانپوءِ اهي قبطي رڙيون ڪري اٿندا هئا، هنن سان اها به ڪيفيت رهندي هئي ته جڏهن به هنن جي آڏو پيڻ لاءِ پاڻي يا کائڻ لاءِ کاڌوآندو ويندو هو ته هنن جا برتن (ٿانو) چچڙن ۽ جونئن سان ڀرجي ويندا هئا.

    مصرتي ڏيڏرن جي چڙهائي

    مصر ۾ قبطين مٿان اڃان به عذابن جوسلسلوجاري هو پرقبطي به عجيب قسم جا ماڻهون هوندا هئا، جڏهن به هنن مٿان ڪو عذاب اچي ويندو هو ته وٺي رڙيون ۽ دانهنو ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا هئا وري جڏهن ڏسندا هائ ته عذاب وڌي ويو آهي ته عذاب کي ٽارڻ جي لاءِ فورن حضرت موسيٰ عليہ السلام وٽ ڊوڙي ايندا هئا ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام کي انتهائي عاجزيءَ سان اپيلون ڪندا هئا، جڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام الله پاڪ کان دعا گهرندا هئا ته هنن بدبختن تان عذاب ٽري ويندو هو ۽ ائين ئي ٿيو ته حضرت موسيٰ عليہ السلام جي دعا سان جڏهن هنن مٿان جونئن ۽ چچڙن جوعذاب ٽري ويو ته وري به هنن جي اها ساڳي روش ۽ ساڳيون ئي بڇڙايون، وري الله پاڪ ناراض ٿين ته هنن مٿان ڏيڏرن جوعذاب نازل ڪيو. هڪ ڏينهن هنن ڏٺو ته سڄو مصر جو شهر ڏيڏرن جوجهان بڻجي ويوآهي، هنن جا تمام بسترا، ٿانوَ، ديڳيون، ديڳڙا ۽ چُلها ڏيڏرن سان ڀريا پيا هوندا هئا، ايسيتائين جو جيڪڏهن ڪو قبطي پاڻي پيڻ جي لاءِ پنهنجو منهن (وات) کوليندو هو ته ڪيئي ننڍيون ننڍيون ڏيڏريون هنن جي وات ۾ وڙي وينديون هيون.

    هرشئي ۾ رت ئي رت


    جڏهن فرعون جي قوم قبطين تي ڏيڏرن جو عذاب آيو ته ساڳي ئي نموني حضرت موسيٰ عليہ السلام ڏانهن ڊوڙي آيا ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام کان معافيون گهريون ۽ ڏيڏرن واري عذاب مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ عاجزانه درخواست ڪئي ۽ آئينده سرڪشي ڪرڻ کان به توبه ڪئي، جڏهن حضرت موسيٰ عليہ اسلام جي دعا سان هنن مٿان ڏيڏرن جو عذاب به ٽري ويو ته وري هنن جون ساڳيوئي بڇڙايو ۽ ساڳيون ئي حرڪتون ۽ هو ان واعدي تان به ڦري ويا ۽ هنن ساڳي قسم جون حرڪتون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون، جڏهن الله پاڪ ڏٺو ته هي بدبخت مُڙن ئي ڪون ٿا ته هنن مٿان خون (رت) جوعذاب نازل ڪيو، ان خوني عذاب جي شدت اها هئي ته انهن قبطين جي مٽڪن ۽ ٿانون ۾ هڪ پاسي رت هوندو هو ته ٻئي پاسي پاڻي، هنن سان اها حالت هوندي هئي ته هنن وٽ موجود پاڻي سڀ رت ٿي ويندو هو ته هي ڊوڙي وڃي بني اسريئيلن وٽان پاڻي ڀري ايندا هئا يا اُڃن جا ماريل اتي ڊوڙي وڃي پاڻي پي ايندا هئا، جڏهن هي اتي به ڊوڙي وڃي پاڻي پيئندا هئا ته جيئن ئي هي پاڻي وات ۾ وجهندا هئا ته اهو پاڻي سڄو رت ٿي ويندو هو، ايسيتائين جو قبطين جي تمام ٿانون ۽ انهن جي هڪ هڪ شئي ۾ رت ڀريل ڏسڻ ۾ ايندي هئي ۽ اهي بُک ۽ اُڃ ۾ مرڻ لڳا ۽ پوءِ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ وڻن جا پن کائڻ شروع ڪري ڏنائون پرجڏهن اهي پن هنن جي نڙيءِ ۾ ويندا هئا ته اهي به رت بڻجي ويندا هئا، ان کان پوءِ مجبور ٿي روئيندا رڙيون ڪندا اچي حضرت موسيٰ عليه السلام وٽ پيش پيا ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام کي روئيندي چوڻ لڳا ته سائين اسان مري ويا سين، برباد ٿي ويا سين، اي موسيٰ (عليہ السلام) اسان تي رحم ڪر۽ اسان کي هن خوني عذاب مان نجات ڏيار، جيڪڏهن هاڻي اسان پنهنجي واعدي تان ڦري وڃون ته خدا اسان کي موت ڏئي ۽ اسان تنهنجي مٿان ايمان آڻڻ لاءِ تيارآهيون، حضرت موسيٰ عليہ السلام اولوالعزم پيغمبر هو ۽ هونئن به اها ڳالهه واضع آهي ته هرنبيءَ کي پنهنجي اُمت ايتري ته پياري هوندي آهي جو پنهنجي پيءُ ماءُ کان ڪيئي درجا زياده شفيق ۽ مهربان هوندي آهي، ان ڪري انهيءَ وقت ئي حضرت موسيٰ عليہ السلام بارگاه الٰهي ۾ دعا گهري ۽ هنن مٿان خوني عذاب ٽري ويو.

    مصرمان بني اسرئيلن جي روانگي

    فرعون جي قوم قبطين تي باربارعذاب جواچڻ ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي دعائن سان هنن مٿان باربارعذاب جو ٽري وڃڻ کانپوءِ حضرت موسيٰ عليہ السلام فرعون ۽ ان جي قوم قبطين کي اسلام تي اچڻ جي دعوت ڏني پروري به هنن ايمان نه آندو، ان کانپوءِ حضرت موسيٰ عليہ السلام الله پاڪ جي حڪم سان مصرمان رونگيءَ جو ارادو ڪيو، پاڻ سڳورا مصر جي شهر کي ڇڏي ٻاهرنڪري آيا، هلندي هلندي پاڻ سڳورن کان رستو ڀلجي ويو۽ فرمايائون ته هي مون سان ڇا ٿي رهيوآهي ۽ ڪهڙو سبب آهي جو مان پنهنجو ڏٺل وائٺل رستو ڀلجي ويو آهيان، ان وقت هڪ ضعيف شخص پاڻ سڳورن جي سامهون گزريو جنهن ڪي کان پاڻ سڳورن بيهي رستو پڇيو ته ان ضعيف شخص پاڻ سڳورن کي ٻڌايو ته صحيفن ۽ ڪتابن ۾ لکيل آهي ته حضرت يوسف عليہ السلام وصيعت ڪئي هئي ته جڏهن توهان (حضرت موسيٰ عليہ اسلام) مصرکي ڇڏي وڃي ته منهنجو تابوت ساڻ کڻي نڪري، جيسيتائين توهان حضرت يوسف عليہ السلام جو تابوت ساڻ نه کڻندئو تيسيتائين توهانکي ڪوبه رستو هٿ نه ايندو، ان ضعيف شخص پاڻ سڳورن کي ٻڌايو ته قبلا جيڪڏهن توهان حضرت موسيٰ عليہ اسلام آهيو ته توهان جي رستي ڀلجي وڃڻ جواصل ڪارڻ به اهوئي آهي، حضرت موسيٰ عليہ السلام منجهي بيٺو ۽ ان وقت پاڻ سڳورن ان ضعيف شخص کان ان تابوت جي باري ۾ معلوم ڪيو پر ان ضعيف شخص کي حضرت يوسف عليہ السلام جي تابوت جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ ڪان هئي تنهنڪري حضرت موسيٰ عليہ اسلام ان شخص جي تلاش شروع ڪئي جنهنکي حضرت يوسف عليہ السلام جي قبرمبارڪ جي خبرهجي، هڪ ضعيف عورت حضرت موسيٰ عليه السلام وٽ آئي ۽ ٻڌايائينس ته حضرت يوسف عليہ السلام جي قبرمبارڪ جي مونکي خبرآهي پرمان ان شرط تي ٻڌائينديس ته توهان مونکي به پنهنجي سواريءَ تي چاڙهي پاڻ سان گڏ ورتيون هلندا ته جيئن آءُ قيامت جي ڏينهن پنهنجي پاڻ کي پيغمبرجي صحبت واري ڳڻائي سگهان، حضرت موسيٰ عليہ السلام ان ضعيف عورت جوشرط قبول ڪيو ۽ ان ضعيف عورت کي پنهنجي سواريءَ تي ويهاريو، ان ضيف عورت حضرت موسيٰ عليہ السلام کي ان جڳهه تي پهچايوجٿي حضرت يوسف عليہ السلام جي قبرمبارڪ هئي، اها قبردرياه نيل جي ڪناري اندرموجود هئي، ان ضعيف عورت پاڻيءَ جي هڪ ڇوليءَ ۾ حضرت يوسف عليہ السلام جي قبرمبارڪ جونشان ٻڌايو، حضرت موسيٰ عليہ السلام ان قبرجي کوٽائي ڪرائي ته واقع ان جاءِ تان حضرت يوسف عليہ السلام جو تابوت مليو، حضرت موسيٰ عليہ السلام ان تابوت کي ڪڍرايو ۽ جيئن ئي ان تابوت مبارڪ کي کڻي آيا ته پوري لشڪرکي اهو گم ٿيل رستوصاف نظرآيو.

    فرعون جي لشڪرجي مصرمان روانگي

    هوڏانهن فرعون کي جڏهن رات جوخبر پئي ته حضرت موسيٰ عليہ السلام هزارين لشڪرسان گڏ مصرکي ڇڏي روانا ٿي ويا آهن ته هن فورن حڪم جاري ڪيو ته جيئن ئي صبح نمودار ٿئي، ڪڪڙ ۽ ٻيا پکي ٻولڻ لڳن ته ان وقت لشڪرجروار کي تيارڪري حضرت موسيٰ عليہ اسلام جي پويان لڳايو وڃي جنهن ۾ تمام طاقتور فوجي دستي کي بني اسرائيلن جي پويان موڪليو وڃي ۽ ياد رکو ته حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ ان جولشڪرتوهان کان بچي نه نڪري، فرعون جي ان حڪم جاري ٿيڻ سان پورو لشڪر رات ئي رات جو ڪمربسته ٿي ويو ۽ پکين ۽ ڪڪڙن جي ٻولڻ جوانتظارڪرڻ لڳو، پرخدا تعليٰ جي قدرت ڏسو ته عرش معليٰ کان هنن تمام پکين ۽ ڪڪڙن جي نالي حڪم جاري ڪيو ويو ته جيڪي صبح سوير ڪڪڙ ۽ ٻيا پکي ٻوليندا اهي اڄ صبح جو نه ٻوليندا ۽ جيڪو پکي يا ڪڪڙ ٻوليندو اهو قدامت جي ڏينهن جهنم جو ٻارڻ بڻبو، اهو قهاري حڪم ٻڌي مصرجا تمام پکي ۽ ڪڪڙ پنهنجي پرن ۾ منهن ويڙهي خاموش ويٺا رهيا ۽ ڪنهن چون به ڪان ڪئي، نه ڪڪڙن ٻوليو نه سج نڪتو، ان انتظار ۾ ڪافي عرصوگزري ويو، فرعون جو وفادار وزير هامان اچانڪ دانهن ڪري اٿيو ته هي ڪهڙوحيرت انگيزموقعوآهي جو نه پکي ٿا ٻولين نه سبح ٿو ٿئي، آخرڪارهنن صبح ٿيڻ جو به انتظار نه ڪيو ۽ فرعوني لشڪرکي وٺي روانا ٿيا، فرعون هڪ لک نيزي باز، هڪ لک تيرانداز، سترهزار ابلق گهوڙي سوار ۽ ٽي هزارگُرزن وارا سپاهي کڻي نڪتو.

    الله پاڪ جي مدد

    حضرت موسيٰ عليہ السلام هلندي هلندي درياه قلزم تائين پهچي ويو حضرت موسيٰ عليہ اسلام درياه کي ڏسي حيرت ۾ اچي ويو ته اسان ته خشڪي طرف وڃي رهيا هئا سين ته هي درياه ڪٿان اچي ويو، خيرآخرڪارهي به پيغمبرخدا هوڪو عام ماڻهون ڪون هو، ڇا ڏسن ته درياه جي ويڪرائي يارهن ميل ٿي رهي هئي ۽ ان ۾ پاڻيءَ جي سخت جمبش هئي ۽ ان وقت ايتريون ٻيڙيون به موجود ڪون هيون جو هڪئي ڀيري ڇهه لک سترهزارماڻهن کي درياه پارڪرائي سگهن، هاڻي حيراني ۽ پريشاني جي عالم ۾ بيهي رهيا ته پويان فرعون جي لشڪرجوآوازٻڌڻ ۾ آين، ان وقوت پورو لشڪرگهٻرائجي ويو ته اڳيان موجون هڻندڙ درياه آهي ته پويان ظالم فرعون جو لشڪر، پوري لشڪر حضرت موسيٰ عليہ السلام کي چوڻ لڳا ته اي موسيٰ (عليہ السلام) هاڻي اسان سڀ جوسڀ مري ويا سون، حضرت موسيٰ عليہ السلام بني اسرائيلن کي دلاسو ڏيڻ لڳو ته توهان گهٻرايو نه الله تعليٰ جي مدد ۽ نصرت مون ساڻ گڏ آهي ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام ان وقت سجدي ۾ ڪري پيو، الله پاڪ کي حضرت موسيٰ عليہ السلام جو اهو سجدو ڪرڻ پسند آيو ۽ الله پاڪ طرفان حضرت موسيٰ عليہ السلام ڏانهن حڪم آيو ته اي موسيٰ (عليہ السلام) ان ”عصا“ لٺ کي درياه ۾ ڦٽي ڪر، حضرت موسيٰ عليہ السلام ان ”عصا“ لٺ کي درياه ۾ ڦٽي ڪيو ته خدا جي قدرت اهو درياه الله پاڪ جي حڪم سان ڦاٽي ٻه اڌ ٿي پيوآهي ۽ ان درياه جي اندر ٻارهن قبيلن جي لاءِ ٻارهن رستا نمودارٿيا ۽ هرسڙڪ تي درياه جي ويڪرائيءَ مطابق يارهن ميل ڊگهي ۽ ٻه ميل ويڪري برف جون ڀتيون الله پاڪ جي حڪم سان ٺهي تيارٿي بيهي رهيون ۽ انهن ۾ ننڍيون ننڍيون کڙڪيون بنايون ويو ته جيئن هڪڙي سڙڪ تي ويندڙ ماڻهون ٻي سڙڪ تي ويندڙماڻهونءَ کي آسانيءَ سان ڏسي سگهي.

    فرعون جودرياه ۾ غرق ٿيڻ

    بني اسرايئل جو لشڪرصبح سويري صحيح سلامت درياه پارڪري ويو، سرڪش فرعون به حضرت موسيٰ عليه السلام جي لشڪر جو پيڇو ڪندو پنهنجي لشڪرسان درياه قلزم جي ڪناري تي پهچي ويو جنهنجي سرڪشي اڄ عروج تي پهتل آهي، هي وڏي غرورسان چوڻ لڳو ته منهنجي قدرت ۽ ڪمال ڏسو ته درياه به خشڪ ٿي ويوآهي ۽ ڪيئن درياه قلزم مونکي رستو ڏئي رهيوآهي، هي وڌيڪ غرورسان چوڻ لڳو مان پنهنجي قدرت جي ڪمال سان ٻارهن سڙڪون ٺاهي ڇڏيون آهن ته جيئن اسين دشمنن تائين پهچي انهن کي پڪڙي سگهون، اهو چئي هنن پنهنجا گهوڙا درياه قلزم ۾ ڊوڙايا ۽ جڏهن تمام فرعوني ۽ پاڻ فرعون انهن سڙڪن تي هلندا رهيا ۽ آخرڪاراچي وچ درياه ۾ پهتا ته الله پاڪ جي حڪم سان اهي برفاني ديوارون فرعون ۽ فرعونين مٿان ائين ڪرڻ لڳيون جو ائين معلوم ٿي رهيو هو ته ڄڻ آسمان ڳڀا ڳڀا ٿي زمين تي ڪري رهيو هجي، اهڙي طرح فرعون ۽ فرعو ني لشڪردرياه قلزم ۾ ٻڏي غرق ٿي ويو، دين به ويو ته دنيا به وئي ته آخرت به ڪاري ڪري وڃي جهنم رسيد ٿيا.

    مرڻ وقت فرعون جي توبه

    جڏهن فرعون ٻڏڻ لڳو ته حضرت جبرائيل عليہ السلام فرعون کي اهائي تحري ڏيکاري جنهن ۾ فرعون اهو پاڻ لکي ڏنو هو ته جيڪو غلام پنهنجي آقا جي نافرماني ڪري ته ان کي درياه قلزم ۾ ٻوڙيو وڃي، فرعون پنهنجي تحرير کي ڏسندي ئي تو به ڪئي ۽ چوڻ لڳو ته هاڻي آءُ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي رب تي ايمان آڻڻ لاءِ تيار آهيان جيڪوحقيقت ۾ اهوئي سڀني جو معبود آهي پرحضرت ڏٺو ته هي هاڻي مرڻ وقت توبه ڪري رهيو آهي ڪٿي رب پاڪ هن جي توبه نه قبول فرمائي ڇڏي هن ظالم کي معافي نه ملي وڃي تنهنڪري جبرائيل عليہ السلام جلديءَ ۾ درياه جي تهه مان مٽيءَ جي چڪڙجو ٻُڪُ ڀري فرعون جي منهن تي هڻي هن جو منهن بند ڪري ڇڏيو، هاڻي ٿو بد بخت ايمان آڻي جڏهن ته ايمان آڻڻ وارو وقت گزري ويو ۽ هو پاڻ پنهنجي هٿان وڃائي ويٺو آهي. الله پاڪ حضرت جبرائيل عليہ السلام کان دريافت ڪيو ته اي جبرائيل تون ان بد بخت سرڪش انسان کي سڃاڻين ٿو، جنهن تي حضرت جبرائيل عليہ السلام الله پاڪ کي عرض ڪيو ته نه سائين آءُ هن بد بخت کي ڪون ٿو سڃاڻان، آلله تعليٰ حضرت جبرائيل عليہ کي فرمايو ته جبرائيل اهو واقعو ياد ڪر جڏهن مون توکي چيو هو ته درياه ۾ ويندڙ ماڻهن سان ڀريل ٻيڙي پر هڻي اونڌو ڪر، ائين ڪرڻ کانپوءِ اهي سڀ ماڻهون ٻڏي مري ويا هئا سواءِ هڪ ننڍڙي ٻار جي جنهنجي لاءِ تو ان مٿان ترس پئي کاڌو ۽ مون توکي چيو هو ته فالحال اها ڳالهه تنهنجي سمجهه کان مٿي آهي، اي جبرائيل هي بد بخت اهوئي شخص آهي جنهنکي مون ڪٿان کڻي ۽ ڪٿي پهچايو.

    فرعون جو لاش

    الله تعليٰ قرآن پاڪ ۾ ارشاد فرمايو آهي ته ترجمو: ”اي فرعون اڄ اسان تنهنجي لاش کي پاڻيءَ ۾ تاريندا سين ته جيئن توکانپوءِ ايندڙ ماڻهن جي لاءِ تون عبرت بڻجي وڃ“. (ڇوته اڪثرماڻهون اسان جي عبرتن کان غافل آهن ۽ قيامت تائين جي لاءِ تنهنجي جسم کي عبرتناڪ بنايو ويندو ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته الله پاڪ ۽ ان جي رسول جي نافرماني ۽ بيقصورانسانن تي ظلم ڪرڻ واري جو انجام ڇا ٿيندوآهي)، اهڙي طرح الله پاڪ فرعون جي لاش کي اڃان تائين محفوظ رکيوآهي پردرياه ۾ ٿوري دير رهڻ جي ڪري ان جي نڪ کي مڇيءَ کاڌوآهي، اڄ مصرجي شهر۾ فرعون جولاش هڪ عجائب گهر۾ پيل آهي جيڪوهرشخص جي لاءِ تعجب ۽ تما شو بڻيل آهي (قصص القرآن).
    پورو ٿيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: فرعون سان ٿيندڙ واقعو.

    تمام ڪارائتو ليک ونڊ ڪيو آھي مھرباني ادا محمد عيسى ڀٽو صاحب
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فرعون سان ٿيندڙ واقعو.

    مهرباني سائين

    اوهان جو مضمون تمام بهترين آهي۔ جنهن ۾ جيڪڏهن اوهان حوالا به شامل ڪيو ها ته اڃان به چار چنڊ لڳي وڃن ها۔ مڪمل ڪونه پڙهيو آهي پر ضرور پڙهي پورو ڪندس۔

    اي بوڪ جي حوالي سان عرض ته اسان ڪمپوز ڪيل مواد کي پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪري اي بُڪ يا ڊجيٽل بوڪ طور محفوظ ڪري دوستن سان شيئر ڪندا آهيون۔ اوهان پنهنجا مضمون موڪليو انشاء الله انهن کي ترتيب ڏئي ڪتابي شڪل ڏبي۔

    لک ٿورا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: فرعون سان ٿيندڙ واقعو.

    محترم سائين سليمان وساڻ صاحب،
    مينيجنگ ايڊيٽر،
    سنڌ سلامت
    اسلام عليڪم ياعلي مدد،
    اوهان منهنجو تحرير ٿيل مضمون ”فرعون سان ٿيندڙ واقعو“ جي عنوان سان پڙهي پنهنجي راءِ ڏني آهي ان لاءِ اوهان جا لک ٿورا، سائين انسان آهيون جيڪڏهن ڪٿي ڪا ڪمي پيشي ٿئي ته ان بابت اسان جي رهنمائي فرمائيندا ته اوهان جا احسان ٿيندا. ٻيو ته آءُ حالات حاضر، سياسي منظرنامن ۽ سماجيات تي جيڪا مضمون نگاري ڪندو آهيان يا اڳ ڪري چڪو آهيان انشاالله روزانو جي بنياد تي سنڌ سلامت ڏانهن موڪليندو رهندس. اوهان سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ ذريعي علم، ادب، سائنس ۽ ڪمپيوٽر متعلق جيڪا ڄاڻ فراهم ڪري رهيا آهيو يقينن سنڌي قوم جو موجوده ۽ ايندڙ نسل اوهان کي سنهري لفظن ۾ ياد ڪندو، زنگي ساٿ ڏنو ته اوهان سان به ساٿ رهندو، دعا ۾ ياد ڪندا.
    دعاگو محمد عيسى ڀٽو
     
  5. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: فرعون سان ٿيندڙ واقعو.

    محترم سائين عبدالواحد سومرو صاحب،
    سينئر ميمبر، سنڌ سلامت
    اسلام عليڪم ياعلي مدد.
    سائين اوهان منهنجو تحرير ٿيل مضمون ”فرعون سان ٿيندڙ واقعو“ جي عنوان سان پڙهيو آهي حوصلا افضائي ڪرڻ لاءِ اوهان جا لک ٿورا، جيڪڏهن ائين ئي اوهان جو ساٿ رهيو ته اهو سلسلو زندگي ڀرجاري ۽ ساري رهندو، انشاالله، دعائن ۾ ياد ڪندا.
    دعاگو محمد عيسى ڀٽو
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: فرعون سان ٿيندڙ واقعو.

    محمد عيسا ڀٽو صاحب ۔۔۔ اوهانجي هن مضمون تي بس ” جزاڪ الله“ ئي چئي سگهجي ٿو ۔۔۔ بيشڪ دنيا جي صالحن ۽ غير صالحن ماڻهن جا قصا اسانجي زندگين کي سنوارڻ جي ڪم اچن ٿا ۔۔۔ ائين ناهي ته صرف سٺن ماڻهن کي پڙهي پنهنجي زندگي سنواري سگهجي ٿي پر دنيا جي فرعونن، ظالمن جا قصا پڻ انسان کي پنهنجي اصلاح لئه ڪارائتا ٿين ٿا ۔۔۔

    ”ٽٽون کي ٽارو، تازي کي اشارو“

    اوهانجو هي قصو “ قصص القرآن“ تان ورتل آهي ۽ ممڪن ارودو تان ترجمو ٿيل آهي ۔۔۔ پر جيڪڏهن ان ڪتاب جو ٿورڙو تفصيل ڏيو ها ته وڌيڪ سٺو لڳي ها ۔۔۔

    ادي سليمان کي عرض ته هن قصي کي ڪاپي ڪري ورلڊ تي پيسٽ ڪري ڪتابي صورت ڏئي سگهجي ٿي ۔۔۔

    محترم ڀٽا صاحب لک ٿورا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: فرعون سان ٿيندڙ واقعو.

    سٺي محنت آهي ۔ ڪوشش ڪري ادا محمد عيسا ڀٽو صاحب جي موضع کي اي بوڪ تي آندو وڃي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو