تارن جي جهجهٽ مان آزادي۔۔۔ هاڻي جسم بڻبو رابطي جو ذريعو۔۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جي ها دوستو اها ڳالهه مان نه پر ٽيلي ڪام جي ڪمپني ايريڪسن پئي ڪري۔۔ ان جي ثبوت طور تازو ان ڪمپني ڪنزيومر اليڪٽريڪل شو ۾ پڻ capacitive coupling نالي انهي ٽيڪنالاجي جو مظاهرو ڪيو۔۔۔
    انهي ٽيڪنالاجي مطابق هاڻي توهان کي ڊيٽا هڪ هنڌان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ نه ته يو ايس بي جي ضرورت پوندي ۽ نه وري بلوٽوٿ جي ۔۔ بلڪه هاڻي ڊيٽا انساني جسم ذريعي پڻ منتقل ٿيندو۔۔۔

    [​IMG]

    مثال طور توهان پنهنجي موبائيل ذريعي هڪ تصوير ڪڍي ورتي آهي ۔۔ هاڻي اها تصوير توهان ٻئي دوست جي موبائيل يا ڪمپيوٽر ۾ منتقل ڪرڻ گهرو ٿا۔۔ ته ان جو طريقو هاڻي آسان ۽ منفرد ٿي ويندو بس توهان پنهنجي ۽ پنهنجي دوست جي موبائيل هٿن ۾ پڪڙيو ۔۔ اها تصوير توهان جي جسم مان گذري توهان جي دوست جي موبائيل ۾ منتقل ٿي ويندي۔۔۔

    جيئن ته اها ٽيڪنالاجي اڃان مارڪيٽ ۾ پهتي نه ٿي آهي ان ڪري ان جي ڊيٽا منتقل ٿيڻ جي رفتار جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي ۽ اهو به اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي ته ان سان انساني جسم کي ڪو نقصان ته نه رسندو۔۔

    پر ڪجهه به هجي هيءَ ٽيڪنالاجي آهي دلچسپ ۽ عجيب ۔۔ ڀلا توهان جو ان باري ۾ ڇا خيال آهي۔۔۔ ؟
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تارن جي جهجهٽ مان آزادي۔۔۔ هاڻي جسم بڻبو رابطي جو ذريعو۔۔۔

    يار رشيد قومن جي ترقي ۽ جدت پسنديءَ جون ڪي سرحدون ته آهن ڪون، انسان پاڻکي حد درجي جي آرام ۾ ڏسڻ چاهي ٿو، جنهن لئه سندس ڪوششون جاري آهن، اسانجي وقت يا دور ۾ جيتري ترقي ٿي آهي، اسانجي اولاد ۽ انهن جي اولاد جي وقت ۾ ڪيتري ترقي ٿي ويندي، انجو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي ۔۔۔ جديديت ۾ تمام گهڻو فائدو به آهي ته ڪجهه نقصان به آهن ۔۔۔

    جديديت سان انسان سکيو ٿئي ٿو يا ڏکيو اهو چوڻ مشڪل آهي؟ ڇاڪاڻ جديديت ايترو ته مقابلو پئدا ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻ اسانکي ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي ۔۔۔ جڏهن ته اسانجا ابا ڏاڏا آرام سان زمين کيڙي کائيندا هئا، نه فرج جي ضرورت نه ٽي ويءَ جي وٺڻ جو اونو، نه ڪمپيوٽر، نه ٻارن جي تعليم ۽ انهن جا خرچ، نه گئس جا بل نه بجليءَ جو اونو، مطلب سڪون ۾ هوندا هئا، ٽي ٽي ، بلڪ چار چار شاديون ڪري چاليهارو ٻار پئدا ڪري ويٺا ڪٽنب وڌائيندا هئا ۔۔۔ شام جو اوطاق ۾ چار يار گڏجي حقي جا سوٽا هڻي دل وندرائي وڃي گهر ڀيڙا ٿيندا هئا ۔۔۔ تازو کير، تازو مکڻ، تازي لسي ،جنڊ جو پيٺل اناج، تازيون سبزيون، تاز ڦل ڦروٽ، تازو گوشت ۽ گهر ۾ پلجندڙ ڪڪڙيون ۽ آنا ۔۔۔۔ اصل ماڻهون کائي شينهن ٿي پوندو هو ۽ 40 ٻار ڄڻڻ ڪو مسئلو ئي نه ۔۔!!!! نه هاڻوڪيون بيماريون نه بڇڙايون ۔۔۔ الله الله ۔۔۔۔

    اسانجي حالت اها آهي جو هڪڙي زال ۽ ٻه ٻار ۔۔۔ الله الله خئير سلا ۔۔۔ جي وڌيڪ سوچيون ٿا ته حيانءُ ٿو ڏري ۔۔۔۔ ههههه

    وڌيڪ الله خئير ڪندو اها جديديت اسانکي ڪيڏانهن وٺي ويندي، انجو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي ۔۔۔ باقي اها ٽِيڪنالاجي به آهي عجيب ۽ غريب۔ تصوير يا ڪا ڊيٽا جسم مان گذرندي ڪٿي رت سان گڏجي دل يا دماغ ڏانهن هلي وڃي ۽ ات وڃي اٽڪي پوي ته پوءِ ۔۔۔۔ ؟؟؟؟؟

    خئير سٺو سوچجي ۽ انساني علم کي داد ڏجي ته سٺو ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: تارن جي جهجهٽ مان آزادي۔۔۔ هاڻي جسم بڻبو رابطي جو ذريعو۔۔۔

    ادا اها ته واه جي ٽيڪنالاجي آهي۔

    سنڌسلامت ساٿ سلامت
     
  4. شاهزير نظاماڻي

    شاهزير نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2011
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: تارن جي جهجهٽ مان آزادي۔۔۔ هاڻي جسم بڻبو رابطي جو ذريعو۔۔۔

    ادا اها ٽيڪنالاجي دماغ کان ته زور آهي۔
     
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: تارن جي جهجهٽ مان آزادي۔۔۔ هاڻي جسم بڻبو رابطي جو ذريعو۔۔۔

    واه زبردست ٽيڪنلاجي
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: تارن جي جهجهٽ مان آزادي۔۔۔ هاڻي جسم بڻبو رابطي جو ذريعو۔۔۔

    واهه سائين واهه
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تارن جي جهجهٽ مان آزادي۔۔۔ هاڻي جسم بڻبو رابطي جو ذريعو۔۔۔

    يار ڇو ٿا اسان کي منجهايو ۔۔۔۔۔۔۔۔

    هي ته الائي ڪٿي وڃي پهتا آهن ؟؟؟؟ لڳي ٿو اها ٽيڪنالاجي گهڻن جا ڪم لاهيندي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو