جي ها دوستو اها ڳالهه مان نه پر ٽيلي ڪام جي ڪمپني ايريڪسن پئي ڪري۔۔ ان جي ثبوت طور تازو ان ڪمپني ڪنزيومر اليڪٽريڪل شو ۾ پڻ capacitive coupling نالي انهي ٽيڪنالاجي جو مظاهرو ڪيو۔۔۔
انهي ٽيڪنالاجي مطابق هاڻي توهان کي ڊيٽا هڪ هنڌان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ نه ته يو ايس بي جي ضرورت پوندي ۽ نه وري بلوٽوٿ جي ۔۔ بلڪه هاڻي ڊيٽا انساني جسم ذريعي پڻ منتقل ٿيندو۔۔۔
مثال طور توهان پنهنجي موبائيل ذريعي هڪ تصوير ڪڍي ورتي آهي ۔۔ هاڻي اها تصوير توهان ٻئي دوست جي موبائيل يا ڪمپيوٽر ۾ منتقل ڪرڻ گهرو ٿا۔۔ ته ان جو طريقو هاڻي آسان ۽ منفرد ٿي ويندو بس توهان پنهنجي ۽ پنهنجي دوست جي موبائيل هٿن ۾ پڪڙيو ۔۔ اها تصوير توهان جي جسم مان گذري توهان جي دوست جي موبائيل ۾ منتقل ٿي ويندي۔۔۔
جيئن ته اها ٽيڪنالاجي اڃان مارڪيٽ ۾ پهتي نه ٿي آهي ان ڪري ان جي ڊيٽا منتقل ٿيڻ جي رفتار جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي ۽ اهو به اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي ته ان سان انساني جسم کي ڪو نقصان ته نه رسندو۔۔
پر ڪجهه به هجي هيءَ ٽيڪنالاجي آهي دلچسپ ۽ عجيب ۔۔ ڀلا توهان جو ان باري ۾ ڇا خيال آهي۔۔۔ ؟