۽ جنهن شهر جا قبرستان به محفوظ ناهن!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪراچي جيڪو روشنين، علم ادب، اسلامي تعليمات، معاشيات ۽ ڪاروبار جي مرڪز طور تمام گهڻو سڃاتو ويندڙ شهر آهي، جتي هزارن جي تعداد ۾ ديني مدرسا ۽ مسجدون، موجود هجن، جتي لکن جي تعداد ۾ ننڍا وڏا ٻار ۽ نوجوان ديني ۽ اسلامي تعليم حاصل ڪندا هجن، جتي هر جمعي جي نماز ادا ڪرڻ خاطر لکن جي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيندا هجن جن کي نماز کان اڳ خطبن ۽ تقريرن ذريعي ديني عالمن پاران دين متعلق ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي هجي ۽ ان کان علاوه دنوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جتي 876 سرڪاري ۽ نجي اسڪول 166 ڪاليج ۽ 35 جي لڳ ڀڳ ننڍيو وڏيون يونيورٽيون موجود هجن ان شهر اندر اهڙا ته لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا سامهون اچن ٿا جن کي ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ سان ماڻهو حيران ٿيو وڃن ته جنهن شهر جا قبرستان به محفوظ ناهن اتي زنده رهندڙ انسانن جي حالت ڪهڙي هوندي. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اهڙو ئي ڇرڪائيندڙ واقعو ميڊيا ذريعي منظرعام تي آيو جنهن سڀني ماڻهن کي حيران ۽ پريشان ڪري وڌو ته ههڙا به واقعا ٿي رهيا آهن جنهن جي هتان جي پوليس کي ڇو خبر نه پئجي سگهي.
    هوئن ته اهوئي ڏٺو ويو آهي ته ڪراچي اندرلاقانونيت انتهائي چوٽ چڙهيل آهي، جتي ماڻهن جو ڪاروبر ۽ حياتيون به محفوظ ناهي اتي قبرستان به محفوظ ناهن، هن آخري منزل کي اسلحي خانو، منشات جا اڏا هلائڻ ۽ جرائم پيشا ماڻهن پاران پنهنجون پناهه گاهون طور استعمال ڪرڻ کان علاوه هت نه صرف مئل ماڻهن جون هڏيون چوريون ڪيون وڃن ٿيون پر قبر ۾ دفنائڻ واري معيت کي ٻاهر ڪڍي ان کي وڪرو به ڪيو ٿو وڃي، هي ڇرڪائينڙ انڪشاف 29 آڪٽوبر ڇنڇر جي شام نارٿ ناظم آباد پوليس هٿان پاپوش نگر قبرستان مان هڪ گرفتار ڪيل ڏوهاري رياض پاران ڪيو ويو، ڏوهاري رياض شروعاتي جاچ دوران پوليس سامهون اهو انڪشاف ڪندي اقرار ڪيو ته هن هيسيتائين درجن جي حساب سان خواتين جون قبرون کوٽي انهن جي بيحرمتي ڪري چڪو آهي، مجرم رياض ٻڌايو ته هن کي پوليس ناهي پڪڙيو پر ڇنڇر جي شام جڏهن هو پاپوش نگر جي قبرستان ۾ هڪ مرده عورت جي قبر جي کوٽائي ڪري بدنيتي جي ارادي سان اندر داخل ٿيو ته هن اندر جو منظر ڏسي بد حواسي جي حالت ۾ رڙيون ڪندي قبرستان مان ڀڄي ٻاهر نڪتو، شور ڪرڻ تي اتي موجود قبرو کوٽيندڙ گورڪن هن کي پڪڙي وڌو ۽ هن انهن گورڪن کي قبر ۾ داخل ٿي وڃڻ جو سمورو واقعو ٻڌايو، پوءِ گورڪن ان کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪيو، جڏهن ته پوليس پنهنجو ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ان مجرم کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، پر سچ اهو آهي ته هن کي قبر جي اندر جو منظر ڏسڻ کان پوءِ هو پاڻ ئي توبه ڪري چڪو هو. واضع رهي ته ان رات نارٿ ناظم آباد جي ايس ڊي پي او عبدالرشيد خان هڪ پريس ڪانفرس دوران اها دعويٰ ڪئي هئي ته پوليس هڪ اهڙي ڏوهاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن شروعاتي جاچ دوران اعتراف ڪيو آهي ته پاپوش نگر قبرستان ۾ هو خواتين جون قبرون کوٽي انهن جي بيحرمتي ڪندو رهيو آهي گذريل 8 سالن دوران هن 48 کان وڌيڪ خواتين جي لاشن سان بيحرمتي ڪري چڪو آهي، ان ايس ڊي پي او وڌيڪ دعويٰ ڪندي ٻڌايو ته ان حوالي سان اتان جي ماڻهن جي شڪايت ملڻ تي ڪاروائي ڪئي ۽ ڏوهاري کي پڪڙيو ويو آهي، ايس ڊي پي او واقعو ٻائيندي چيو ته واقعي واري رات قبرستان مان آواز آيو ته پڪڙيو پڪڙيو ان جاءِ تي پوليس جي گاڏي موجود هئي ۽ پوليس ان نوجوان ڏوهاري کي پڪڙي وڌو ۽ ٿاڻي وٺي آئي، جنهن شروعاتي جاچ دوران پوليس کي ٻڌايو ته هو بيحرمتي جي نيت سان هڪ مرده عورت جي قبر کوٽي ان ۾ اندر داخل ٿيو ته هن جي مٿان هيبت تاري ٿي وئي ۽ ڊوڙندو رڙيون ڪندو ڀڄڻ لڳو. پوليس ڏوهاري رياض جي خلاف مقدمو نمبر 2011/516 زير دفعات 297 ( معيت سان بيحرمتي) 376 (مرده خواتين سان زنا) A/354 ۽ 377 جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ ڏوهاري رياض ولد شير عالم جو تعلق سرگودها سان ٻڌايو پيو وڃي جنهن ٻڌايو ته هو ننڍي هوندي پنهنجي والدين سان گڏ ڪراچي آيو، هن کي چار ڀائر ۽ ٽي ڀينرون آهن جهنجا والدين نصرت ڀٽو ڪالوني ۾ رهندڙ آهن. ڏوهاري رياض ٻڌايو ته 8 سال اڳ ان جي ويجهي مائٽ نوشاد عرف نوشي هن کي پاپوش نگر قبرستان ۾ رکرايو هو، جتي هو قبرن مٿان پاڻي هاري انهن جي وارثن کان اجرت وٺندو هو، بعد ۾ هن آهسته آهسته ان قبرستان ۾ پنهنجو ديرو ڄمايو ۽ گهر وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو، ان دوران هن جي دوستي اتي قبرن مٿان پاڻي هاريندڙ شخص وزير عرف وزيرا سان ٿي جيڪو سدائين نشو ڪندو هو، جنهن هن کي قبرن ۾ مرده خواتين سان بيحرمتي ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو، هو پاڻ به ان سان ملي ڪري اهو عمل ڪندو رهيو هو، پر هوسال اڳ وڌيڪ هيروئن پيڻ سبب ان قبرستان ۾ ئي مري ويو. ڏوهاري رياض ٻڌايو ته هن کي ڪبيره گناهه جي ايتري حد تائين عادت پئجي وئي جو هن مستقل پنهنجو ٺڪاڻو ان قبرستان کي بڻايو ۽ والدين جي اسرا ڪرڻ جي باوجود هن شادي ڪرڻ کان سدائين انڪار ڪندو رهيو، ڏوهاري رياض ٻڌايو ته هو تدفين کان پوءِ قبرن جي سار سنڀال ڪندو هو ۽ جڏهن به ڪنهن نوجوان خاتون کي دفنائي ويندا هئا ته هي موقعو تاڙي ان جي قبر ڪشائي ڪري ان معيت جي بيحرمتي ڪندو هو، پر واقعي واري رات آخري ڀيرو جڏهن هي هڪ مرده خاتون جي قبر ۾ داخل ٿيو ته هن کي قبر جي اندر واري منظر ڇرڪائي وڌو ۽ آئينده اهڙي گناهه ڪرڻ کان توبه ڪري ڇڏي، ڏوهاري رياض اهو به ٻڌايو ته ڪراچي جي قبرستانن ۾ قانو نالي جي ڪابه شئي موجو ناهي، پاپوش نگرقبرستان سميت تقريبن سمورن قبرستانن ۾ جرائم پيشه ماڻهن جا اڏا قائم ٿيل آهن ۽ اڪثر قبرستانن جي چوڌاري پوليس تمام گهٽ نظر ايندي آهي، تنهن ڪري قبرستانن ۾ تمام گهڻا غير قانوني عمل ٿيندا رهيا آهن. ڏوهاري رياض ڇرڪائيندي اهو انڪشاف ڪيو ته ان ڇنڇر واري رات جڏهن هڪ مرده عورت جي قبر ڪشائي ڪري ان مٿان تختو هٽايو ته قبر ۾ ستل مرده خاتون جي چهري مٿان پيل ڪفن اچانڪ هٽي ويو ۽ ان جون بند اکيون يڪدم کلي ويون جنهنجي اکين مان تيز ترروشني نڪتي ۽ پوءِ ان جو وات کلي ويو جنهن مان وڏا وڏا ڏند ٻاهر نڪري آيا ۽ هوءَ ان ڏوهاري تي حملو ڪرڻ واري هئي ته هي داهون ڪندي ٻاهر نڪري وٺي ڀڳو، ڏوهاري رياض ٻڌايو ته هو رات جو موبائل فون جي روشني جي مدد سان قبر اندر داخل ٿي اهڙو گندو عمل ڪندو رهيو آهي.
    هڪ پوليس عملدار ميڊيا کي سچ ٻڌائيندي چيو ته جيڪڏهن ڏوهاري پاڻ ڀڄي ٻاهر نه نڪري اچي ها ته اهڙي قسم جي گناهن جا ڪم اڃا ٿيندا رهن ها جنهن جي پوليس کي سڌ به نه پوي ها، پر ڏوهاري سان آيل غير معمولي واقعو ان جي گرفتاري جو سبب بڻيو آهي، پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته درجن جيترا ماڻهون هر قبرستان ۾ قبرن مٿان پاڻي ڏيڻ ۽ گورڪن وارو ڪم ڪندا رهن ٿا، هن قبرستان جي گورڪن پوليس سان اهڙي قسم جي شڪايت ڪئي هئي ته قبرن سان بيحرمتي جون شاهديون مليون آهن ۽ رات جو ڪنهن به وقت قبر جي کوٽائي ڪئي وڃي ٿي ۽ خاص ڪري نوجوان مرده خواتين جون قبرون کوٽيل ملن ٿيون، اهڙي شڪايت موصول ٿيڻ کان پوءِ پوليس پاپوش نگر جي قبرستان جي چوڪيداري ڪرڻ شروع ڪئي جنهن ڪري هي ڏوهاري پڪڙ ۾ آيو. پوليس اهو به ٻڌايو ته متحده جي زيراثر قبرستانن مان پوليس ۽ رينجرس کي سرچ آپريشن دوران تمام گهڻو اصلحو مليو آهي ۽ ڪجهه مطلوب ماڻهن کي اتان گرفتار به ڪيو ويو آهي، پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ڪافي قبرستان متحده جي قبضي هيٺ آهن ان ڪري پوليس کي ان جاين تي ڪاروائي ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي، پوليس پنهنجي ڪوتاهي کي لڪائڻ خاطر هاڻي اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته پوليس هڪ اهڙي ڏوهاري کي پڪڙيو آهي جيڪو گذريل 8 سالن کان مرده عورتن جي قبر ڪشائي ڪري انهن سان بيحرمتي ڪندو آيو آهي، ان واقعي کان پوءِ پوليس ڏوهاري رياض کي چيو ته انهن قبرن جي به نشاندهي ڪري ٻڌاءِ جن قبرن سان تو بيحرمتي ڪري چڪو آهين ۽ پوي ڏوهاري ان قبرن جي به نشاندهي ڪري ٻڌائي، پرآخري رات جنهن مرده خاتون جي قبر ۾ بد ارادي سان داخل ٿيو جنهن تي هن سان واقعو پيش آيو اهو ٻڌي ان قبر جا وارث انتهائي جزبات ۾ اچي ويا ۽ پوليس تي ناراض ٿيڻ لڳا ته اهو گندو عمل گذريل 8 سالن کان جاري هو ته پوليس کي ڪنهن به قسم جي ڪا خبر نه پئجي سگهي آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته جڏهن وچ شهر ۾ موجود قبرستان اندر اهڙي لاقنونيت جي انتها آهي ته پوءِ دور دراز قبرستانن جي ڇا صورتحال هوندي.
    هن وقت ڪراچي اندر 189 قبرستان موجودآهن جن ۾ تدفين جي حوالي سان ڪوبه رڪارڊ موجود ناهي، جڏهن ته معيت جي تدفين ۽ قبر جي تياري جو جيڪو معاوضو وارثن کان وصول ڪيو وڃي ٿو اهو گورڪ پاڻ ئي هڙپ ڪري وڃن ٿا، جڏهن ته ڪافي سالن کان شهري حڪومت کي ان حوالي سان ڪا به ادائگي نٿي ڪئي وڃي، پر تنهن هوندي به شهري حڪومت جي شعبي قبرستان جو انچارج محمود عالم سديقي جو چوڻ آهي ته گذريل سال کان هر هڪ قبرستان ۾ رجسٽر رکرايو ويو آهي جنهن ۾ معيت جو نالو ۽ ايڊريس داخل ڪيو ويندو آهي جن جي وارثن کي هڪ رسيد به ڪاٽي ڏني ويندي آهي جنهنجي مدد سان نادرا پاران ان مرحوم جي موت جو سرٽفڪيٽ جاري ڪيو ويندو آهي، رسيد جي بغير نادرا موت جو سرٽيفڪيٽ جاري نٿو ڪري سگهي ۽ آئينده قبرستانن اندر ڪم ڪندڙ گورڪن ۽ قبرن مٿان پاڻي ڏيڻ وارن ماڻهن جي ٽائون سطح تائين انڪوائري ڪرائي شهري حڪومت ان جو شناختي ڪارڊ جاري ڪرائيندي ان کان پوءِ انهن کي ڪم تي رکيو ويندو، شهري حڪومت ان حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته اهو ڪم تيزي سان جاري آهي جيڪو جلد مڪمل ڪيو ويندو. جن قبرستانن ۾ معيت دفنائڻ جي گنجائش موجود ناهي انهن ۾ عيسيٰ نگري، ڪورنگي چڪرا ڳوٺ، ڪورنگي نمبر 6 طارق روڊ، سخي حسن، پاپوش نگر، شاهه محمد، عظيم پوره قبرستان شامل آهن ۽ شاهه فيصل ڪالوني جي نزديڪ ڪالوني گيٽ جي قبرستان تي هڪ بورڊ به لڳايو ويو آهي جنهن تي لکيل آهي ته هنن قبرستانن ۾ معيت دفنائڻ منع آهي، پر تنهن هوندي به گورڪ انهن قبرستانن ۾ پراڻيون قبرون ختم ڪري اتي نئين قبرن جي جاءِ پيدا ڪري انهن کي 10 کان 50 هزار تائين وڪرو ڪيو وڃي ٿو، گهڻا ته اهڙا به شهري آهن جيڪي پنهنجن جي نزديڪ ٿيڻ يا ٻين عزيزن جون اڳيئي اتي موجود قبرون هئڻ سبب وڌيڪ رقم ڀري مهانگي اگهه تي قبرون خريد ڪيون وينديون آهن. ٻئي طرف هڪ اهم حساس اداري وفاقي حڪومت کي اها به رپورٽ ڏني آهي ته ڪراچي ۾ جاري سرچ آپريشن دوران پوليس ۽ رينجرس کي مختلف سياسي پارٽين پاران لڪايل ڀاري اسلحو هٿ ڪري ورتو آهي، جيڪو مختلف قبرستانن ۾ دفن ڪيو ويو هو، انهن ۾ متحده، اي اين پي ۽ ٻين سياسي پارٽين سميت لياري گينگ وار جي زير اثر علائقن جا قبرستان شامل آهن، ان کان علاوه انهن قبرستانن ۾ گورڪن جي مدد سا ن معيت ڪڍي ٻاهر کپائڻ جهڙيون وارڌاتون به منظر عام تي اينديون رهيون آهن جنهن ۾ خاص طور لاوارث معيت فروخت ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته ڪارو جادو ڪرڻ وارا ۽ جعلي عامل شهرين کان مختلف مسئلن جي حل لاءِ انساني هڏيون ۽ کوپڙيون طلب ڪندا آهن جنهن تي شهري گورڪن يا نشي جي عادي مجرمن جي مدد سان انهن کي رقم ڏئي اهي شيون حاصل ڪيون و ٺندا آهن. ابراهيم حيدري، ڪورنگي، مواڇ ڳوٺ ۽ ميوا شاهه قبرستانن ۾ انساني هڏين ۽ کوپڙين جي چوري ٿيڻ جا اڪثر واقعا ظاهر ٿيندا رهيا آهن ۽ انهن ڏوهارين مان پوليس پاران ڪجهه پڪڙيا به ويا آهن، ان کان علاوهه اڪثر قبرستانن ۾ نشي جو استعمال ۽ ڪاروبار عام بڻجي چڪو آهي جن ۾ ميوا شاهه، پاڪ ڪالوني، علي اڪبر شاهه ڳوٺ، ابراهيم حيدري، عيسيٰ نگري، ڪورنگي چڪرا ڳوٺ، مواڇ ڳوٺ جي قبرستانن کان علاوه ٻين قبرستانن ۾ پڻ نشي جو ڪاروبار سرعام هلندڙ آهي جتي نشي جا اڏا قائم ٿيل آهن، پر ڪراچي پوليس انهن خلاف قدم کڻڻ بجاءِ انهن کان ڀتا وصول ڪندي رهي ٿي.
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: ۽ جنهن شهر جا قبرستان به محفوظ ناهن!

    السلام عليڪم ادا محمد عيسا صاحب اصل لڱ ڪانڊاريندڙ خبر موڪلي اٿو۔ مهرباني ادا واقعي اهڙي قسم جا ڪافي جرائم ڪراچي شهر ۾ ڪافي سالن کان ٿيندا پيا اچن۔ مگر افسوس جو اسانجي گورنمنٽ جي ڪن تي جون به نٿي چري۔ مجرم جو تعلق سرگودها سان آهي۔ ڪٿان ظالم اچي ڪراچي ۾ ڪيترا ظلم ڪيا۔ خدا جي شل ڪا مار پويس! ادا ڪافي عرصو پهريان اهڙي قسم جي هڪ رپورٽ شايع ٿي هئي ته ايڌي وارا به انساني جسم جي عضون جي واپار ۾ ملوث آهن۔ سو ادا خدا اهڙن ظالمن جي ظلم کان هر زنده ، مرده انسان کي بچائي۔ آمين
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ۽ جنهن شهر جا قبرستان به محفوظ ناهن!

    افسوس جو مقام آهي ۔۔۔۔۔ خبر ناهي اسان ڪهڙي طرف پيا وڃون۔ نه ته انتظاميه ۽ نه ئي وري سول سوسائٽي ۽ عام ماڻهو ان طرف ڪا خاص توجهه ڏئي رهيا آهن۔ هتي ته جيئرن انسانن جو ئي قدر ڪونه ٿا ڪن انهن کان قبرستانن جي پرگهور جي ڪهڙي اميد رکون۔

    يا رب اسان کي سڌي رستي تي آڻ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين
     
  4. سرمد حسن نظاماڻي

    سرمد حسن نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ۽ جنهن شهر جا قبرستان به محفوظ ناهن!

    افسوس ڪرڻ جو مقام آهي ته اسان ڪهڙي دنيا ۾ رهو ٿا جو اهڙا بي قدرا ماڻهو به موجود آهن جيڪي اهڙي بي حرمتي ۽ پنهنجي زندگي جو ڏيئو وسائڻ جي ڪن ٿا جنهن ۾ هنن کي ڪو ڊپ نه ٿو ٿئي ته هو ڇا پيو ڪري قبربستان ۾ سنڀالي بجائي هو لتاڙ ڪري پيو ۽ گناهه ڪري پيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو