• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي جون سنڌي وسنديون پاڻي کان محروم

محمد عيسى ڀٽو

سينيئر رڪن
محمد عيسى ڀٽو

مورڙي جي ماڳ جا ٿا پاڻي لاءِ تڙپن،
نهاريو نلن ڏانهن ٿا پاڻي پاڻي ڪن،
ٻچا ٻار انهن جا پيا سُرڪَ لاءِ سُڏڪن،
پٺي پير اگهاڙا ٿا خالي ٽين کڻن،
سڏ سوا جي پنڌ تي ٿا پاڻي لاءِ پهچن،
کنيو بار بدن تي سهڪيو پيا سهڪن،
ڪراچي جي ڳوڄن ۾ ٿا لکين لوڪ رهن،
سنڌي سڀ سٻاجهڙا پر ڪنهن کي ڪين چون،
حيف انهن جي حال تي جن قدر ڪيِن ڪيُن،
عيسى اهڙي حال تي ٿيون اوڇگارون اچن،
ته ڪراچي جي ڪامورن ڇو هنن جا ههڙا حال ڪيا.
 
جواب: ڪراچي جون سنڌي وسنديون پاڻي کان محروم

اهڙن ظالمن ڪامورن ، خلاف جدوجهد جاري رکو ادا محمد عيسا صاحب توهانجي قلم واري ڪلام ۾ تاثر آهي۔
 
جواب: ڪراچي جون سنڌي وسنديون پاڻي کان محروم

ٻڏندي ٻوڙن کي ڪي هاتڪ هٿ وجهن،
پسو لڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن،
آڻيو ڪنڌيءَ ڪن، نه ته ساڻ وڃن سير ۾۔

اڙي ادا سائين! اسانجا حڪمران، اسانجا رهيا ناهن، اهي مرڪز جا ساٿياري ٿي پنجابي مهاجر مستقل مفاد جا پٺو ٿي ڪم ڪنٿا، اسانجا ڪامورا ۽ عملدار رشوتي ۽ بي ايمان ٿي پيا آهن، مٿيون طبقو لالچي، لوڀي ۽ ٺڳ ٿي پيو آهي ۔۔۔ ٻن پئسن جي فائدي ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪيس ٿا ڪن ۔۔۔ الامان ۔۔۔

اڄ جي انسان کان ته پاڻيءَ ۾ ترندڙ ٻوڙا ۽ سر ۾ به حياوَ وارا آهن، بقول لطيف سرڪار جي۔

اوهانجا سڏ ساڀيان ٿيندا ضرور

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top