سنڌ جا رنگ Indus on Canvas محترم محمد علي ڀٽي صاحب پاران سنڌ جا رنگ نالي سان هن البم ۾ خوبصورت چٽسالي ڪيل آهي:
جواب: سنڌ جا رنگ ۔۔۔۔۔ محمد علي ڀٽي صاحب جي چٽسالي مون ڪٿي انگريزي زبان جو قول پڙهيو هو ته ”تصوير لفظن کان وڌيڪ ڳالهائيندي آهي“ مصور پنهنجن رنگن سان ننڍڙي ۽ مختصر تصوير ۾ تمام وڏا قصا بيان ڪري ويندا آهن، مون ڪجهه ڏينهن اڳ هي تصويرون فيسبڪ تي ڏٺيون هيون تمام پياريون لڳيون، ان وقت سوچيو هيم ته سنڌ سلامت تي ونڊ ڪبيون پر ڪجهه طبيعت جي ناسازي ۽ مصروفيت سبب ائين ڪري ڪون سگهيس، اڄ جڏهن اوهان هي ونڊ ڪيو ته سوچيم ” سليمان آهي نه“ جيئن ٽي ويءَ تي چوندا آهن ” سرف هئي نا“ تمام سهڻا رنگ، تمام سهڻيون تصويرون ۽ مصور جو فن ساراهه جوڳو آهي ۔۔۔ ڏسي وات مان واه واه ضرور نڪري ٿي ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سنڌ جا رنگ ۔۔۔۔۔ محمد علي ڀٽي صاحب جي چٽسالي ماشاالله سائين محمد علي ڀٽي صاحب جن خوب محنت ڪئي آهي۔ بهترين ڪوشش ادا سليمان مهرباني۔
جواب: سنڌ جا رنگ ۔۔۔۔۔ محمد علي ڀٽي صاحب جي چٽسالي تمام خوبصورت تصويرون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڳالهه ته سهي پيو چوي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: سنڌ جا رنگ ۔۔۔۔۔ محمد علي ڀٽي صاحب جي چٽسالي تمام بهترين تصويرن تي محنت ڪيل آهي ۽ ان سان گڏ محمد سليمان وساڻ صاحب جي به سٺي محنت شامل آهي سنڌ سلامت فورم تي