”پيار“ نسيم حيدري

نثارابڙو

نائب منتظم
آزاد نظم
پيار
نسيم حيدري
+++++++++
تنهنجو منهنجو پيار ايئن آ،
جيئن ...
سنڌوءَ جو پرتر پاڻي
جيئن ...
گلن ۾ سرهاڻ
جيئن ...
چانڊوڪيءَ ۾ چانڊاڻ
جيئن ...
سندرتا جا سڀيئي رنگ
جيئن ...
تنهائن ۾ احساس ڏيندڙ ڪا سوچ
جيئن ...
گھايل دل جي صدا
جيئن ...
پره جو پکيئڙن جي مٺڙي لات
تنهنجو منهنجو پيار امر آ ۽ امر رهندو
ايندڙ ڪئي جڳن تائين ..


http://imageshack.us
 
جواب: ”پيار“ نسيم حيدري

جڏهن انسان جي اندر ۾ پيار جاڳندو آهي ته سندس حالت ڪجهه اهڙي ٿي ويندي آهي جنهن کي عام ماڻهون ديوانگي چوندا آهن ۔۔۔ ڇو جو پيار ڪرڻ واري ماڻهون کي هجوم ۾ تنهائي ۽ تنهائي ۾ هجوم ملندو آهي، پيار ڪرڻ واري ماڻهون کي تتل اس ۾ ٿڌيون هوائون لڳنديون آهن، پيار ڪرڻ واري ماڻهون کي ڊسمبر جي مهيني ۾ به گرمي محسوس پئي ٿيندي آهي ۔۔۔ مطلب جيڪي عام ماڻهون جي سمجه کان ٻاهر حالتون هونديون آهن اهي پيار ڀري دل ۾ پئدا ٿي پونديون آهن ۔۔۔ بشرطيق پيار سچو ۽ حقيقي هجي ۔۔۔

ڪاش اهو پيار هر ڪنهن دل ۾ گهر ڪري وڃي ۔۔۔

ٿورا دوستن جا ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: ”پيار“ نسيم حيدري

چانڊوڪيءَ ۾ چانڊاڻ
جيئن ...

تنهنجو منهنجو پيار امر آ ۽ امر رهندو
ايندڙ ڪئي جڳن تائين ..


پيار امر رهندو ۔۔۔۔۔۔۔ ڊسمبر ۽ جنوري جا مهينا وري انهن ۾ پيار وارا نظم ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ادي نسيم جي احساسن کي سمجهي سگهجي ٿو۔ تمام سهڻو نظم
 
جواب: ”پيار“ نسيم حيدري


پره جو پکيئڙن جي مٺڙي لات
تنهنجو منهنجو پيار امر آ ۽ امر رهندو
ايندڙ ڪئي جڳن تائين ..


ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔نسيم حيدري صاحب جي سٺن احساسن تي مبني شاعري اوهان جي خوبصورت رنگ ۾ رنگيل(ڊيزائن) ۾ پڙهي ڏاڍو لطف آيو۔توهان جي مهرباني۔
 
جواب: ”پيار“ نسيم حيدري

تنهنجو منهنجو پيار ايئن آ،
جيئن ...
سنڌوءَ جو پرتر پاڻي
جيئن ...
گلن ۾ سرهاڻ
جيئن ...
چانڊوڪيءَ ۾ چانڊاڻ
جيئن ...
سندرتا جا سڀيئي رنگ


بهترين شيئرنگ آهي

جاري رکجو

سدائين گڏ
 
جواب: ”پيار“ نسيم حيدري


پره جو پکيئڙن جي مٺڙي لات
تنهنجو منهنجو پيار امر آ ۽ امر رهندو
ايندڙ ڪئي جڳن تائين ..


ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔نسيم حيدري صاحب جي سٺن احساسن تي مبني شاعري اوهان جي خوبصورت رنگ ۾ رنگيل(ڊيزائن) ۾ پڙهي ڏاڍو لطف آيو۔توهان جي مهرباني۔

سائين محترم اوهانجا لک ٿورا جو اوهانکي نظم سان گڏ منهنجي ڪيل ڪرت پڻ پسند آئي، اوهانجي ڄاڻ لئه ته هي نسيم صاحبه آهي ” صاحب“ ناهي ۽ سنڌ جي سهڻي اديب ۽ مفڪر محترم سائين شمشير الحيدريءَ جي نياڻي آهي، جيتوڻيڪ پاڻ هاڻ رواجي اديبه ناهي ۽ گهريلو ذميوارين ۾ ڦاٽل آهر پر شوقِ محبت ۾ ڪڏهن ڪڏهن شاعري ڪري وجهندي آهي ۽ اها شاعري مونکي هٿ اچي ويندي آهي ۔۔۔ بس پوءِ آءُ اوهان دوستن سان ونڊ ڪرڻ ۾ دير ناهيان ڪندو ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
 
جواب: ”پيار“ نسيم حيدري

تنهنجو منهنجو پيار ايئن آ،
جيئن ...
سنڌوءَ جو پرتر پاڻي


واھ سائين واھ زبردست
 
Back
Top