سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جون چُونڊون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    15 جنوري 2012ع تي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جون ساليانيون چونڊون مرڪزي عهديدار محترمازيب نظاماڻي صاحبه جي صدارت ۾ ٿِي گُذريون جنهن ۾ اهم ترين عهدي سيڪريٽري واسطي سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز سيڪريٽري چونڊجي ويو​


    رپورٽ: نثاراحمدناز تصويرون : رحمان مصطفى سمون

    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جا ساٿيو جيئي سنڌ گُذريل 15 جنوري 2012ع تي سوڪ سينٽر ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جون چونڊون ٿي گُذريون جنهن ۾ هيٺيان اميدوار بنا مقابلي چونڊيا ويا[/JUSTIFY]

    خزانچي: احمد علي انعام ٽکڙائي

    آڊيٽر: محمد سومار ملهار

    ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي: سيد سارنگ شاهه

    ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي؛ اعظم ڀٽي

    ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي: منظور عادل سومرو

    ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي: محمد رفيق آس لغاري

    ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي؛ محترما ثمينه خاصخيلي

    جوائنٽ سيڪريٽري: (فيميل) : محترمه امبر شاهه ​

    هيٺين عهدن تي اميدوارن ۾ سخت مقابلو ٿيو :​


    سيڪريٽري لاءِ ٻه اميدوار مقابلي ۾ هُئا هڪڙو شاخ جو اڳوڻو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ۽ ٻيو محبتي اڱڻ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو جهونو نثاراحمدناز

    جوائنٽ سيڪريٽريءَ لاءِ: راهي رسول بخش لغاري ۽ نوشاد ڀٽي

    ڪائونسلر لاءِ: پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي ۽ مشڪور ڦلڪارو​

    29 ووٽرن مان 24 ووٽرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو نتيجو هيٺين ريت بيٺو:​


    [JUSTIFY]سيڪريٽري لاءِ 24 ووٽن مان سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز کي 14 ووٽ مليا جڏهن ته سندس مد مقابل ڊاڪٽر عزيز ٽالپر کي 10 ووٽ مليا اهڙي طرح سال 2012 لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو جهونو سنگت جو سيڪريٽري منتخب ٿِي ويو۔[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]ڪائونسلر لاءِ نثار ناز پينل جي پروفيسر ڊاڪٽر قادر مگسي کي 13 ووٽ مليا جڏهن ته سندس مد مقابل مشڪور ڦلڪاري کي 11 ووٽ مليا اهڙي ريت نثارناز پينل جو پروفيسر ڊاڪٽر قادر مگسي سال 2012 ع لاءِ شاخ جو ڪائونسلر منتخب ٿي ويو۔[/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]
    سڀ کان مزيدار مقابلو نثار ناز پينل جي اميدوار نوشاد ڀٽي ۽ مدمقابل پينل جي اميدوار راهي رسول بخش لغاري جي درميان جوائنٽ سيڪريٽري واسطي ٿيو جنهن ۾ ٻنهي اميدوارن 12 12 ووٽ کنيا سنگت جي آئين موجب ٻنهي اميدوارن جي نالن جو پرچيون وڌيون ويون ۽ محترما فرزانه شاهه جي معصوم نياڻي کان انهن ٻنهي پرچين مان هڪڙي پرچي کڻڻ جو چيو ويو جنهن ۾ قسمت جي ديوي راهي رسول بخش لغاري تي مهربان ٿي ۽ جوائينٽ سيڪريٽري واسطي هو ڪامياب ٿي ويو ۽ نثار ناز پينل جو نوشاد ڀٽي هارائي ويو۔ [/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمدخان جي تاريخ جون هي چونڊون سڀ کان بهترين فيئر ،فري ۽ پر امن ماحول منعقد ڪرايون ويون ، هن اليڪشن جي صدارت خصوصي دعوت تي حيدرآباد مان ڪهي آيل سنڌ مشهور ليکڪه ، ڀلوڙ شاعره فقيرياڻي طبيعت جي مالڪ محترما زيب نظاماڻي صاحبه ڪئي جڏهن ته هن اليڪشن ڪميشن جي ٻين ٻن ميمبرن : محترم سيد سارنگ شاهه ۽ محترم آس لغاري پڻ نهايت ئي ايمانداري ۽ جانفشاني سان سموري اليڪشن جي ڪم کي منطقي انجام تائين پهچايو، نتيجن جو اعلان محترما زيب نظاماڻي ڪيو۔ هن اليڪشن ڪميشن ۾ مبصر جي حيثيت سان سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ محترم ڊاڪٽر احمد نوناري، سنڌ سلامت جو سينئر ميمبر محترم حڪيم محمد يوسف کتري ، پروفيسر محمد موسى سٺيو ۽ محترم معظم ٽالپر شريڪ ٿيا۔
    ان موقعي تي ڳالهائيندي محترما زيب نظاماڻي صاحبه چيو ته اليڪشن واري عمل سان هڪڙو صحتمند ماحول جُڙي ٿو، پنهنجي اوڻاين ، ڪوتاهين ،۽ سُٺائين کي پڻ چيڪ ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، خود اعتمادي وڌي ٿي، زيب نظاماڻي صاحبه سنگت شاخ ۾ فيمل ميمبرن جي شموليت کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته خواتين ميمبرن جي شموليت سان ٽنڊو محمد خان شهر جي ادبي ماحول جي ترقي پسندانه سوچ ظاهر ٿئي ٿي جنهن جو ڪريڊٽ سموري سنڌ ۾ صرف ٽنڊو محمد خان شاخ کي وڃي ٿو، محترما زيب نظاماڻي سنگت جي سڀني چونڊيل ميمبرن ۽ سموري شاخ جي ساٿين کي تلقين ڪندي چيو ته لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري سنڌي ادب کي وڌائڻ ويجهائڻ سان گُڏو گڏ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لاءِ پاڻ پتوڙي هڪڙو مثال قائم ڪري ڌرتي جي سهي حلالي پٽ ۽ نياڻيون ٿي پنهنجو فرض نڀايو، ان موقعي ڳالهائيندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته جن به قومن جو ادب شاندار آهي، انهن جا اديب ترقي پسند سوچن جا حامل آهن انهن قومن تاريخ ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي جديد ۽ صحتمند لاڙا هاڻي اسان کي پنهنجي سنڌي ادب ۾ آڻڻا پوندا، ۽ عام سنڌي کي قائل ڪرڻو پوندو ته ڪتاب پڙهڻ ، علم حاصل ڪرڻ کانسواءِ سندن ترقي، سندن آجپو، سندن رهڻي ڪهڻي ۾ بدلائون ممڪن ئي ڪونهي اسان کي هتي جي ڪميونٽي بيسڊ اسڪولن کي سختي سان چوڻو پوندو ته پنهنجي پنهنجي اسڪولن ۾ سنڌي نصاب کي لازمي پڙهايو وڃي ۽ جيڪڏهن انهن اسڪولن اسان جي ڳالهه نه ٻُڌي ته انهن کي سختي سان سمجهايو ويندو ۽ انهن اسڪولن جو گهيرائو ڪيو ويندو۔ ان موقعي تي ڳالهائيندي اليڪشن ڪميشن جي آرگنائزر محترم محمد رفيق آس لغاري چيو ته سنگت جي ميمبرن عهديدارن کي کپي ته هفتيوار گڏجاڻين ۾ پنهنجي شموليت يقيني بنائن هن سڀني ميمبرن جو ٿورو مڃيندي چيو ته هن اليڪشن کي تاريخي بنائڻ ۾ سندن ساٿ تمام شاندار رهيو، سنگت جي سڀني ساٿين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو سنڌي قوم ، سنڌي ٻولي ، سنڌي ادب کي ترقي وٺائڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون۔اليڪشن جي چيف آرگنائزر سنڌي ادبي سنگت ضلع ٽنڊو محمد خان جي رابطه سيڪريٽر سيد سارنگ شاهه هن اليڪشن شريڪ ٿيندڙ مبصرن، سنگت جي ميمبرن ۽ محترما زيب نظاماڻي جا ٿورا مڃيندي چيو ته سندس هن اهم ترين ذميواري کي مڪمل ڪرڻ انهن جي ساٿ کان سواءِ ممڪن ڪونه هو، هن سنگت جي سڀني چونڊيل عهديدارن ۽ ميمبرن کي تاڪيد ڪندي چيو ته سڀئي ميمبر هڪ آواز هم قدم ٿي سنڌي ادب جي خدمت سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪندا ته لازمي لازمي جيجل سنڌ جي سينڌ سدائين سائي رهندي، سنگت جي سيڪريٽري واري عهدي تي هارائيندڙ اميدوار ڊاڪٽر عزيز ٽالپر نئين چونڊجندڙ باڊي کي مُبارڪون ڏيندي چيو ته هار جيت زندگيءَ جو حصو آهي، انهيءَ فلسفي کان ڪير به پنهنجي جند آجي نٿو ڪري سگهي ڊاڪٽر عزيز ٽالپر پنهنجي شڪست کي تسليم ڪندي چيو ته نئين چونڊجندڙ سيڪريٽري تي اهو فرض ٿئي ٿو ته سنگت جي سمورن دوستن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي آخر ۾ نئين منتخب ٿيندڙ سيڪريٽري نثاراحمد ناز سڀني ميمبرن جا ٿورا مڃيا، ۽ چيو ته جيڪو اعتماد ساٿين هن تي ڪيو آهي انشاالله هو انهن جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندو، سنگت جي سڀني ساٿين کي گڏ وٺي هلندو، سنگت کي جديد علمي ۽ ادبي لاڙن مطابق نئين سوچ ۽ تبديلي سان هم آهنگ ڪندو، سنڌي ادب ، سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي قوم لاءِ جيڪڏهن کيس پنهنجي رت جو نذرانو ڏيڻو پيو ته هو ڪونه ڪيٻائيندو اهڙي ريت هن اليڪشن جو سمورو عمل رات جو اٺين وڳي پورو ٿيو[/JUSTIFY]
     
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جون چُونڊون

    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي نئين چونڊيل باڊي کي سنڌي ادبي سنگت ڪوئيٽا جي طرفان واڌايون ڏجن ٿيون شل قبول پون ۔
    اخترعلي ڪاڪيپوٽو سيڪريٽري جنرل 03003864570 ڊاڪٽر مهيش ڪمار آهوجا 03003863699 رضوان علي جمالي 03002068047
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جون چُونڊون

    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي سالياني چُونڊن جون ڪجهه تصويرون

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي پنهنجي آفيس جيڪا ٽنڊومحمد خان جي سوڪ سينٽر ۾ قائم آهي ان آفيس جي ٻاهرين گيٽ جو ڏيک

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي چونڊن جو چيف اليڪشن ڪمشنر سنگت جو ضلعي رابطه سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه چونڊن جي طريقه ڪار جي باري ۾ آگاهه ڪري رهيو آهي

    [​IMG]
    سنڌ مشهور شاعره ۽ ليکڪه محترما زيب نظاماڻي صاحبه سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي سالياني چونڊن جي صدارت ڪري رهي آهي

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي چونڊن ۾ سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز جي مقابلي ۾ بيٺل سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جو اڳوڻو اميدوار ڊاڪٽر عزيز ٽالپر بيلٽ باڪس ۾ پنهنجو ووٽ وجهي رهيو آهي

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز بيلٽ پيپر تي ٽِڪ ڪري پنهنجو ووٽ بيلٽ باڪس ۾ وجهڻ جي تياري ڪري رهيو آهي

    [​IMG]
    نثارناز پينل جو جوائينٽ سيڪريٽري لا اميدوار نوشاد ڀٽي پنهنجو ووٽ بيلٽ باڪس ۾ وجهي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    ڊاڪٽر عزيز ٽالپر پينل جو جوائينٽ سيڪريٽري واسطي اميدوار راهي رسول بخش لغاري ووٽ وجهي رهيو آهي

    [​IMG]
    نثارناز پينل جو ڪائونسلر واسطي اميدوار پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش مگسي بيلٽ پيپر تي ٽڪ مارڪ ڪري رهيو آهي ۔

    [​IMG]
    ڊاڪٽر عزيز ٽالپر پينل جو ڪائونسلر واسطي اميدوار مشڪو ڦلڪارو ووٽ وجهي رهيو آهي

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊومحمدخان جو ميمبر سڪندر پُسيو پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيو آهي ​
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جون چُونڊون

    ڪُجهه وڌيڪ تصويرون
    [​IMG]
    محترما زيب نظاماڻي صاحبه چونڊن جي نتيجن جو اعلان ڪري رهي آهي

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن جي نتيجي اچڻ کان پو نئون چونڊيل سيڪريٽري نثاراحمدناز پنهنجي مد مقابل هارائيندڙ اميدوار ڊاڪٽر عزيز ٽالپر کي هار پارائي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي جهوني ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي نئين چونڊيل سيڪريٽري نثاراحمدناز کي سنڌ جي ڀلوڙ شاعره واڌائين جي صورت ۾ گُلابي گُلن جو هار پارائي رهي آهي۔

    [​IMG]
    جوائينٽ سيڪريٽري فيميل بنا مقابلي ڪامياب ٿيل اميدوار محترما امبر شاهه پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهي آهي

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان جي ميمبر محترما شهنيلا نظاماڻي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهي آهي

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪاميٽي تي بنا مقابلي ڪامياب ٿيل اميدوار محترما ثمينه خاصخيلي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهي آهي۔

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جي ميمبر محترما فرزانه شاهه پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهي آهي

    [​IMG]
    سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري کي سنگت جو نئون چونڊيل سيڪريٽري هار پارائي رهيو آهي

    [​IMG]
    محترما امبر شاهه جوائينٽ سيڪريٽري فيميل واري عهدي تي بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ کان پو

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو نئون چونڊيل ڪائونسلر پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش مگسي سنڌ سلامت جو سينئر ميمبر محترم حڪيم محمد يوسف کتري ۽ سائين ريٽائرڊ پروفيسر محمد موسى سٺيو نثارناز پينل جي جيتڻ جي موقع تي تمام گهڻا خوش نظر اچي رهيا آهن۔​
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جون چُونڊون

    سائين نثار ناز صاحب سلام

    اوهان کي لک واڌايون اوهان جي ڪاميابين تي۔ اليڪشن ۾ کٽي اچڻ يا ڪو عهدو وٺڻ جو مطلب هوندو آهي خدمت ڪرڻ يا ذميواريون وٺڻ۔ اميد ته اوهان سنگت سان سٺو نڀائيندا ۽ انهن جي اميدن تي پورو لهندا۔

    هڪ دفعو ٻيهر واڌايون ۽ اوهان لاء کوڙ ساريون دعائون۔
     
  6. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جون چُونڊون

    جناب نثار صاحب جي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي چونڊن ۾ ڪاميابي جون مبارڪون ته هونئي سندس حق آهي۔ پر جهڙي نموني سان پاڻ انهي پروگرام کي ها لائٽ ڪيو آهي اهڙو مثال اڳ نٿو ملي منهنجي دعا آهي ته پاڻ انهي منصب تي نه صرف پورا رهن پر نين روايتن قائم ڪرڻ جو به ڪم سر انجام ڏين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو