نثارناز
سينيئر رڪن
15 جنوري 2012ع تي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جون ساليانيون چونڊون مرڪزي عهديدار محترمازيب نظاماڻي صاحبه جي صدارت ۾ ٿِي گُذريون جنهن ۾ اهم ترين عهدي سيڪريٽري واسطي سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز سيڪريٽري چونڊجي ويو
رپورٽ: نثاراحمدناز تصويرون : رحمان مصطفى سمون
سنڌ سلامت جا ساٿيو جيئي سنڌ گُذريل 15 جنوري 2012ع تي سوڪ سينٽر ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جون چونڊون ٿي گُذريون جنهن ۾ هيٺيان اميدوار بنا مقابلي چونڊيا ويا
خزانچي: احمد علي انعام ٽکڙائي
آڊيٽر: محمد سومار ملهار
ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي: سيد سارنگ شاهه
ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي؛ اعظم ڀٽي
ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي: منظور عادل سومرو
ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي: محمد رفيق آس لغاري
ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي؛ محترما ثمينه خاصخيلي
جوائنٽ سيڪريٽري: (فيميل) : محترمه امبر شاهه

هيٺين عهدن تي اميدوارن ۾ سخت مقابلو ٿيو :
سيڪريٽري لاءِ ٻه اميدوار مقابلي ۾ هُئا هڪڙو شاخ جو اڳوڻو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ۽ ٻيو محبتي اڱڻ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو جهونو نثاراحمدناز
جوائنٽ سيڪريٽريءَ لاءِ: راهي رسول بخش لغاري ۽ نوشاد ڀٽي
ڪائونسلر لاءِ: پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي ۽ مشڪور ڦلڪارو

29 ووٽرن مان 24 ووٽرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو نتيجو هيٺين ريت بيٺو:
سيڪريٽري لاءِ 24 ووٽن مان سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز کي 14 ووٽ مليا جڏهن ته سندس مد مقابل ڊاڪٽر عزيز ٽالپر کي 10 ووٽ مليا اهڙي طرح سال 2012 لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو جهونو سنگت جو سيڪريٽري منتخب ٿِي ويو۔
ڪائونسلر لاءِ نثار ناز پينل جي پروفيسر ڊاڪٽر قادر مگسي کي 13 ووٽ مليا جڏهن ته سندس مد مقابل مشڪور ڦلڪاري کي 11 ووٽ مليا اهڙي ريت نثارناز پينل جو پروفيسر ڊاڪٽر قادر مگسي سال 2012 ع لاءِ شاخ جو ڪائونسلر منتخب ٿي ويو۔
سڀ کان مزيدار مقابلو نثار ناز پينل جي اميدوار نوشاد ڀٽي ۽ مدمقابل پينل جي اميدوار راهي رسول بخش لغاري جي درميان جوائنٽ سيڪريٽري واسطي ٿيو جنهن ۾ ٻنهي اميدوارن 12 12 ووٽ کنيا سنگت جي آئين موجب ٻنهي اميدوارن جي نالن جو پرچيون وڌيون ويون ۽ محترما فرزانه شاهه جي معصوم نياڻي کان انهن ٻنهي پرچين مان هڪڙي پرچي کڻڻ جو چيو ويو جنهن ۾ قسمت جي ديوي راهي رسول بخش لغاري تي مهربان ٿي ۽ جوائينٽ سيڪريٽري واسطي هو ڪامياب ٿي ويو ۽ نثار ناز پينل جو نوشاد ڀٽي هارائي ويو۔
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمدخان جي تاريخ جون هي چونڊون سڀ کان بهترين فيئر ،فري ۽ پر امن ماحول منعقد ڪرايون ويون ، هن اليڪشن جي صدارت خصوصي دعوت تي حيدرآباد مان ڪهي آيل سنڌ مشهور ليکڪه ، ڀلوڙ شاعره فقيرياڻي طبيعت جي مالڪ محترما زيب نظاماڻي صاحبه ڪئي جڏهن ته هن اليڪشن ڪميشن جي ٻين ٻن ميمبرن : محترم سيد سارنگ شاهه ۽ محترم آس لغاري پڻ نهايت ئي ايمانداري ۽ جانفشاني سان سموري اليڪشن جي ڪم کي منطقي انجام تائين پهچايو، نتيجن جو اعلان محترما زيب نظاماڻي ڪيو۔ هن اليڪشن ڪميشن ۾ مبصر جي حيثيت سان سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ محترم ڊاڪٽر احمد نوناري، سنڌ سلامت جو سينئر ميمبر محترم حڪيم محمد يوسف کتري ، پروفيسر محمد موسى سٺيو ۽ محترم معظم ٽالپر شريڪ ٿيا۔
ان موقعي تي ڳالهائيندي محترما زيب نظاماڻي صاحبه چيو ته اليڪشن واري عمل سان هڪڙو صحتمند ماحول جُڙي ٿو، پنهنجي اوڻاين ، ڪوتاهين ،۽ سُٺائين کي پڻ چيڪ ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، خود اعتمادي وڌي ٿي، زيب نظاماڻي صاحبه سنگت شاخ ۾ فيمل ميمبرن جي شموليت کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته خواتين ميمبرن جي شموليت سان ٽنڊو محمد خان شهر جي ادبي ماحول جي ترقي پسندانه سوچ ظاهر ٿئي ٿي جنهن جو ڪريڊٽ سموري سنڌ ۾ صرف ٽنڊو محمد خان شاخ کي وڃي ٿو، محترما زيب نظاماڻي سنگت جي سڀني چونڊيل ميمبرن ۽ سموري شاخ جي ساٿين کي تلقين ڪندي چيو ته لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري سنڌي ادب کي وڌائڻ ويجهائڻ سان گُڏو گڏ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لاءِ پاڻ پتوڙي هڪڙو مثال قائم ڪري ڌرتي جي سهي حلالي پٽ ۽ نياڻيون ٿي پنهنجو فرض نڀايو، ان موقعي ڳالهائيندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته جن به قومن جو ادب شاندار آهي، انهن جا اديب ترقي پسند سوچن جا حامل آهن انهن قومن تاريخ ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي جديد ۽ صحتمند لاڙا هاڻي اسان کي پنهنجي سنڌي ادب ۾ آڻڻا پوندا، ۽ عام سنڌي کي قائل ڪرڻو پوندو ته ڪتاب پڙهڻ ، علم حاصل ڪرڻ کانسواءِ سندن ترقي، سندن آجپو، سندن رهڻي ڪهڻي ۾ بدلائون ممڪن ئي ڪونهي اسان کي هتي جي ڪميونٽي بيسڊ اسڪولن کي سختي سان چوڻو پوندو ته پنهنجي پنهنجي اسڪولن ۾ سنڌي نصاب کي لازمي پڙهايو وڃي ۽ جيڪڏهن انهن اسڪولن اسان جي ڳالهه نه ٻُڌي ته انهن کي سختي سان سمجهايو ويندو ۽ انهن اسڪولن جو گهيرائو ڪيو ويندو۔ ان موقعي تي ڳالهائيندي اليڪشن ڪميشن جي آرگنائزر محترم محمد رفيق آس لغاري چيو ته سنگت جي ميمبرن عهديدارن کي کپي ته هفتيوار گڏجاڻين ۾ پنهنجي شموليت يقيني بنائن هن سڀني ميمبرن جو ٿورو مڃيندي چيو ته هن اليڪشن کي تاريخي بنائڻ ۾ سندن ساٿ تمام شاندار رهيو، سنگت جي سڀني ساٿين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو سنڌي قوم ، سنڌي ٻولي ، سنڌي ادب کي ترقي وٺائڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون۔اليڪشن جي چيف آرگنائزر سنڌي ادبي سنگت ضلع ٽنڊو محمد خان جي رابطه سيڪريٽر سيد سارنگ شاهه هن اليڪشن شريڪ ٿيندڙ مبصرن، سنگت جي ميمبرن ۽ محترما زيب نظاماڻي جا ٿورا مڃيندي چيو ته سندس هن اهم ترين ذميواري کي مڪمل ڪرڻ انهن جي ساٿ کان سواءِ ممڪن ڪونه هو، هن سنگت جي سڀني چونڊيل عهديدارن ۽ ميمبرن کي تاڪيد ڪندي چيو ته سڀئي ميمبر هڪ آواز هم قدم ٿي سنڌي ادب جي خدمت سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪندا ته لازمي لازمي جيجل سنڌ جي سينڌ سدائين سائي رهندي، سنگت جي سيڪريٽري واري عهدي تي هارائيندڙ اميدوار ڊاڪٽر عزيز ٽالپر نئين چونڊجندڙ باڊي کي مُبارڪون ڏيندي چيو ته هار جيت زندگيءَ جو حصو آهي، انهيءَ فلسفي کان ڪير به پنهنجي جند آجي نٿو ڪري سگهي ڊاڪٽر عزيز ٽالپر پنهنجي شڪست کي تسليم ڪندي چيو ته نئين چونڊجندڙ سيڪريٽري تي اهو فرض ٿئي ٿو ته سنگت جي سمورن دوستن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي آخر ۾ نئين منتخب ٿيندڙ سيڪريٽري نثاراحمد ناز سڀني ميمبرن جا ٿورا مڃيا، ۽ چيو ته جيڪو اعتماد ساٿين هن تي ڪيو آهي انشاالله هو انهن جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندو، سنگت جي سڀني ساٿين کي گڏ وٺي هلندو، سنگت کي جديد علمي ۽ ادبي لاڙن مطابق نئين سوچ ۽ تبديلي سان هم آهنگ ڪندو، سنڌي ادب ، سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي قوم لاءِ جيڪڏهن کيس پنهنجي رت جو نذرانو ڏيڻو پيو ته هو ڪونه ڪيٻائيندو اهڙي ريت هن اليڪشن جو سمورو عمل رات جو اٺين وڳي پورو ٿيو