• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستو اسلام عليڪم
سنڌ سلامت پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ئي پنهنجي مادري ٻولي سنڌي ۽ سنڌ ثقافت کي دنيا تائين پهچائڻ ۾ سرگردان آهي۔۔۔ پنهنجي جاکوڙ ۾ سمورن ساٿين جي دلچسپي خاطر مختلف پروجيڪٽس کي وقت سر پيش ڪيو ويندو رهيو آهي۔۔۔
دوستو سنڌ سلامت ڪيلينڊر پروجيڪٽ ذريعي اسان جي هر ممڪن ڪوشش هوندي آهي ته سنڌي ثقافت سان سينگاريل سنڌ سلامت ڪيلينڊر نه رڳو توهان جي گهر، اوطاق، دڪان ۽ آفيس جي زينت بڻجي به ان ڪيلينڊر ذريعي هڪ اهڙو پيغام به سڄاڻ ڌرين تائين پهتو ڪجي جيڪو وقت جي لاهن چاڙهن ڪري سڀ کان وسريو وڃي۔۔ ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريون 2010 ۾ هڪ خوبصورت ڪيلينڊر پبلش ڪرائي مختلف تعليمي ادارن ۽ سنڌي ادب جي خدمت ڪندڙن تائين پهچايو ويو جنهن ۾ خوبصورتي سان گڏو گڏ سنڌ امڙ جي سڃاڻپ ۽ امر شخصيتن جي ڄمڻ ۽ وفات جي تاريخن کي ياد ڪري کين ڀيٽا ڏني وئي۔۔۔

27960_116125185075989_100000355232823_171145_2178890_n.jpg

هن ڪيلينڊر تي ڀرپور محنت ۽ هڙان وڙان خرچ ڪرڻ کان پوءِ هر جاءِ تائين پهتو ڪرڻ ڪافي ڏکيو ثابت ٿيو۔۔ ۽ 2011 پروجيڪٽ تي شايد تجربي جي بنياد تي همت نه ٿئي ها پر دوستن ّخاص طور ادا سليمان جي اسرار هڪ دفعو ٻيهر حوصلو ڏنو ۔۔ ۽ سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي ڇپائي پڻ مڪمل ڪئي وئي۔۔

2a0kjtg.jpg

شايد ٻيو دفعو هٿ وجهڻ کانپوءِ هن پروجيڪٽ کي مڪمل ختم سمجهجي ها۔۔ پر سلام آهي ڪجهه ساٿين کي جن سلسلي کي جاري رکڻ جو عهد ڪيو ۽ پوئتي هٽڻ جي منهنجي ڪوشش کي روڪي وڌو۔۔
محترم سليمان وساڻ جي ڪوشش سان سنڌ سلامت کي ايتري فنڊنگ ملي سگهي جو ان ۾ ڪجهه پنهنجي پلئه مان وجهي سنڌ سلامت ڪيلنڊر سلسلي جي 2012 واري ڪڙي جوڙي سگهجي پئي۔۔۔ پر جيئن ته فنڊنگ محدود آهي ان ڪري وري وري خيال ٿي آيو ته هن کي وڃائڻ بجاءِ درست جاءِ تي خرچ ڪجي۔۔ وري جڏهن ڪيلينڊر پروجيڪٽ کان سواءِ ٻين پروجيڪٽن کي ڏٺم ته هر پروجيڪٽ موجوده فنڊنگ کان وڌيڪ لڳو۔۔
آخر فنانشل ڪميٽي (محترم سائين نثار ابڙو، سليمان وساڻ ۽ سائين غلام مصطفى) جن جي مشوري کان پوءِ سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 تيار ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔۔
گذريل ٻن سالن ۾ سنڌ سلامت جي ڪيلينڊرز ۾ سنڌ امڙ جي نمائنده ۽ امر شخصيتن کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ کان پوءِ هن سال سنڌ ڌرتي جي ڪجهه مختلف پهلوئن کي سامهون آڻڻ جو سوچيو ويو۔۔۔
گذريل ٻن سالن جي سونامي نما ٻوڏن سموري سنڌ ۽ مسڪين سنڌين کي لوڏي وڌو آهي۔۔ اهي سنڌي جيڪي سڪل درياء کي ڏسي آبديده نظرن سان ٿڌا ساهه کڻندا هئا سي بلڪل مايوس ٿي چڪا هئا۔۔ ڪنهن جي وهم و گمان به نه هو ته سنڌ جي سينڌ سنڌو جيڪو دشمنن جي وارن ڪري ڪمزور ۽ پوڙهو ٿو نظر اچي ٻيهر جواني ماڻيندو۔۔ پر گذريل ٻن سالن ۾ اهو ثابت ٿي چڪو ته مايوسي ڪفر آهي۔۔ جتي سنڌو جوڀن ڏيکاري مايوس ۽ سڪل چهرن تي مسڪراهٽو وکيريون اتي سندس جوڀن جي سٽ سهڻ جو حوصلو پڻ وس ۾ نه رهيو۔۔۔ رهي سهي ڪسر مسلسل بارشن پوري ڪري ڇڏي۔۔۔
سنڌ سان پيش ايندڙ اهڙي صورتحال ڏسندڙ جا به هانوءَ ڏڪائي ڇڏيا۔۔۔ جنهن کان پوءِ هن دفعي سهڻي سنڌ جي گذريل ٻن سالن جي تباهه ڪار ٻوڏن ذريعي ايندڙ نقصان کي هاءِ لائيٽ ڪرڻ جو خيال ذهن ۾ آيو ۔۔ جنهن کانپوءِ مون محترم ابوزين ۽ محترم ابو واصف جن سان سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 تي تفصيلي ڳالهايو۔۔ منهنجي ٻڌايل خاڪي کي پنهنجي خداد صلاحيتن سان ادا ابو واصف تصويري روپ آندو۔۔۔
هاڻي تڪڙو ڪيلينڊر جي سائيز ۽ لاڳت کي طئي ڪندي پروجيڪٽ کي پرنٽنگ پريس تائين پهچائڻ لاءِ سنڌ سلامت جي رڪن ۽ پرنٽنگ پريس جي بهترين معلومات رکندڙ محترم جاويد قاضي جن جي حوالي ڪيو ويو ۽ ادا سليمان کي سار سنڀال لاءِ چيو۔۔۔ پروجيڪٽ جلدي مڪمل ٿي وڃي ها پر ادا سليمان جي والد صاحب جي اچانڪ رهلت ڪم کي روڪي وڌو ۔۔۔ پر حالتن جي بهتر ٿيندي ئي ڪم کي ٻيهر عمل ۾ آندو ويو ۽ گذريل ڪيلينڊرز جي مقابلي هن دفعي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 وقت سر مڪمل ڪيو ويو۔۔۔۔۔۔

ان موقعي تي مان پنهنجي پوري ٽيم سميت انتهائي شڪر گذار آهيان پنهنجي محسن دوستن محترم ابوواصف (جن پنهنجي بي انتها مصروفيت باوجود سنڌ سلامت جي فرمائيش کي مان ڏيندي هڪ دفعو ٻيهر هي محنت طلب ڪم مڪمل ڪيو)، محترم ابوزين (جن پنهنجي گهري نظر سان ڪيلينڊر جي غلطين کي درست ڪيو)، محترم رحيم بخش ڏاهري (جن وقت ڪڍي ڪيلينڊر تي نظر گهمائي ۽ غلطين جي نشاندهي ڪئي۔۔۔)، محترم سليمان وساڻ (جن جي ڪوششن ۽ لڳاتار رابطن ذريعي هي پروجيڪٽ مڪمل ٿيو۔۔)، محترم نثار ابڙو ۽ محترم عرس پريو (جن جي مسلسل همٿائڻ۔۔۔) ۽ انهن سمورن دوستن جو جن بار بار فون ڪري ڪيلينڊر بابت پنهنجا رايا ڏنا ۽ سال 2012 لاءِ ڪيلينڊر جي اشاعت بابت زور ڀريو۔۔۔۔

گذريل ڪيلينڊر جي مقابلي هن دفعي ڪيلينڊر جي سائيز ۾ معمولي گهٽتائي آندي وئي آهي جنهن کي ڪارڊنما پيپر بجاءِ هڪ جاذبِ نظر پني تي آندو ويو آهي۔۔ جنهن ڪري هن دفعي به ڪيلينڊر پنهنجي پورن رنگن ۽ بي انتها خوبصورتي باوجود ۽ ڪاڳر جي قيمت ۾ بي حد اضافي باوجود ساڳي قيمت يعني صرف 15 روپين ۾ جڙي تيار ٿيو آهي۔۔۔۔

دوستن کي درخواست آهي سنڌ جي ثقافتي ورثي، سنڌ سان ٿيندڙ گذريل ٻن سالن جي تباهه ڪارين کي وڌيڪ وائکو ڪندڙ ۽ خوبصورت رنگن ۽ سنڌي ٻولي جي لکائي جي حامل هن ڪيلينڊر کي مختلف تعليمي ادارن تائين پهچائين ۽ پنهنجي دوستن، احبابن، استادن ۽ شاگردن ۾ تحفي طور تقسيم ڪن ته جئين سنڌ، سنڌ جي ثقافت، سنڌي ٻولي جي خدمت سان گڏو گڏ سنڌ سلامت فورم جي تشريح کي به عام ڪري سگهجي۔۔۔۔
ان سلسلي ۾ پهريون قدم اڳتي وڌائيندي منتظمِ اعلى طور 100 ڪيلينڊر خريد ڪري مختلف تعليمي ادارن ۽ لائبريرن سميت پنهنجي دوستن ۾ تقسيم ڪرڻ جو وچن ڪريان ٿو۔۔۔ ۽ توهان دوستن مان به اهڙي اميد ڪريان ٿو۔۔۔

نوٽ ؛ ڪيلينڊر حاصل ڪرڻ لاءِ مهرباني فرمائي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي پروجيڪٽ انچارج محترم سليمان وساڻ سان رابطي ۾ اچو۔۔۔

سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012

eq44lf.jpg
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

سهڻا دوست، تمام سٺو، اوهان سڀني دوستن کي واڌايون هجن، اهو ڪم سنڌ جي عملداريءَ ۾ ايندڙ ڪنهن به اداري شايد نه ڪيو هوندو پر مسلسل ٽي سال هي ڪئلينڊر جاري ڪري سنڌ سلامت نه فقط انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پاڻ ملهايو آهي بلڪ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪري، سهڻا ڪئلينڊر جاري ڪري اڳ کان اڳري ٿي رهي آهي ۔۔۔

:BVICTORY::BVICTORY::BVICTORY: ۔۔۔۔ سلام دوستو! ۔۔۔۔۔:BVICTORY::BVICTORY::BVICTORY:

هميشه جيئان 100 ڪئلينڊر منهنجي پاران به اسڪولن، ڪاليجن ۽ سنڌي شخصيتن تائن پهتا ڪندا ۔۔۔ ۽ ڪجهه مناسب انگ ڪئلينڊرز جو منهنجي گهر پهتا ڪندا ته جيئن آءُ پنهنجي خاندان ۽ دوستن ۾ پڻ پهتا ڪرائي سگهان ۔۔۔

۽ ها سهڻا سليمان! منهنجي گهر مان ڪجهه ڀاتي جلد هيڏانهن سعوديءَ اچي رهيا آهن، انڪري 5 کن ڪئلينڊر سعودي موڪلڻ لئه به جلد پهتا ڪندا ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔ مونتي ماروئڙن جا

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

دوستو اڄ ڪلهه جي تيز رفتار زماني ۾ سنڌ ۽ سنڌيت لا۽ ايترو ڪجهه سوچڻ ۽ وري ان کي عملي جامو پارائڻ

اصل وڏي ڳالهه آهي

سلام آهي دوستن کي

دوستو دل ته چوي پئي ته سڀ جا سڀ ڪيلينڊر ۡوٺي ڪري دوستن ، مٽن مائٽن ۽ سرڪاري ادارن ۾ ورهايان پر پنهنجي حيثيت کي ڏسندي

پنجاه ڪيلينڊرن جي لا۽ ادا سليمان وساڻ کي عرض آهي ته فقير لا۽ رکي مان 20 تاريۡخ تي ڪراچي اچي ڪري ڪيلينڊر کڻي ويندس

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

الله پاڪ جا لک لک احسان آهن جو پنهنجي رحم وڪرم سان دوستن جي اڻٿڪ محنتن جو نيتجي طور هڪ دفعو واري ڪلينڊر جي پروجيڪٽ کي پايئي تڪميل پهچائي ڇڏيو۔ادا رشيد سمون۔ادا ابو واصف،ادا زين،ادا سليمان وساڻ،ادا نثار ابڙو،محترم جاييد قاضي ۽ ٻين جن محترمن ميمبرن پنهنجي قيمتي وقت مان ٽائيم ڪڍي ڪلينڊر ٺاهڻ جي ٽاسڪ کي عملي شڪل ڏني،سچ مچ ته لکين شاباشن جا مستحق آهن۔انشاالله هن سال وارو ڪلينڊر به ماڻهن کي پوئين سالن واران ڪلينڊرن وانگر ڏاڍو پسند ايندو۔اسان جي جيڪا ڪوشش آهي ته هن محبتي اڳڻ جا اغرض /مقصد جيڪي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي جي باري ۾ آهن ۔هن ڪلينڊر جي ذريعي ماڻهن جي دل ۾ جاء ٺهائيندا ۽ هو به اڳتي قدم وڌائي اسان سان شامل ٿيندا۔
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

دوستو گذريل سال وانگر هن دفعي به ڪيلينڊر 1000 تعداد ۾ ڇپرايو ويو آهي۔۔۔ ۽ سنڌ سلامت جا ڪافي دوست ڪيلينڊر حاصل ڪري پنهنجي دوستن ۽ احبابن تائين پهچائڻ گهرندا ان ڪري دوستن کي گذارش آهي ته پنهنجيون ڪاپيون هتي لکڻ کان پوءِ ذاتي پيغام ذريعي پڻ ادا سليمان وساڻ تائين لکن ته جيئن محدود اسٽاڪ منجهان سندن لاءِ ڪاپيون الڳ ڪري سگهجن۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

ڪلينڊر ۾ سنڌي تاريخن جي کوٽ محسوس ٿيندي پر پو به اهڙين ڪوششن کي سارهائڻ لا ڪي خاص لفظ ناهن۔
محترم سليمان صاحب کي عرِض آهي ته منهنجا ڪلينڊر به فقير سائين کي ڏئي ڇڏين ته مهرباني ٿيندي۔!
مهربانيون۔
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

الله جو ڪرم آهي جو هڪ دفعو وري سنڌ سلامت ڪيلينڊر اسان جي هٿن ۾ آهي۔

محترم ابو واصف ۽ ابو زين جي تخليق جنهن ۾ سڀني دوستن جي محنت ۽ نيڪ نيتي شامل رهي آهي۔ سنڌ سلامت ڪيلينڊر مون وٽ موجود آهن ۽ ڪنهن به دوست کي جيترا ڪيلينڊر کپن اهو مون کي ٻڌائي جيئن ورهاست ڪري سگهجي۔ هن مهل تائين مليل آرڊر ڪجهه هن ريت آهن:

محترم رشيد سمون 100 ڪيلينڊر
محترم نثار ابڙو 100 ڪيلينڊر
سليمان وساڻ 100 ڪيلينڊر
محترم شڪيل (آرزو) 100 ڪيلينڊر
ڦلپوٽو فقير 50 ڪيلينڊر

لک ٿورا اوهان سڀني دوستن جي همت افزاين جا
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

ڪلينڊر ۾ سنڌي تاريخن جي کوٽ محسوس ٿيندي پر پو به اهڙين ڪوششن کي سارهائڻ لا ڪي خاص لفظ ناهن۔
محترم سليمان صاحب کي عرِض آهي ته منهنجا ڪلينڊر به فقير سائين کي ڏئي ڇڏين ته مهرباني ٿيندي۔!
مهربانيون۔

ڪيلينڊر ۾ اسلامي تاريخون به موجود آهن۔ انشاء الله اوهان جا ڪيلينڊر فقير ڦلپوٽي جي حوالي ڪبا۔
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

سائين جيڪڏهن گهر ۾ لڳائڻ لاء 1 يا 2 جي ڳاله هجي ته اهي دوست ڪيلينڊر ڪيئن ۽ ڪٿان حاصل ڪري سگهن ٿا۔ مثالآئون
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

سائين جيڪڏهن گهر ۾ لڳائڻ لاء 1 يا 2 جي ڳاله هجي ته اهي دوست ڪيلينڊر ڪيئن ۽ ڪٿان حاصل ڪري سگهن ٿا۔ مثالآئون

اوهان مونکي ذاتي پيغام ۾ پنهنجو نمبر موڪليو جيئن اوهان سان رابطو ڪري ڪيلينڊر پهچائجن۔
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

سائين سليمان وساڻ ۽ ان جي ٽيم کي لک لک مبارڪون،

سائين اسان جي لا به تقريبن 50 ڪيلينڊر موڪليندا،
جئين ته اسان توهان کي 100 ڪيلينڊر جو آرڊر ڏنو هو جنهن کي اسان 50 ۾ ڪونورٽ ڪريون ٿا سائين توهان جي محنت تمام بهترين آهي،
اميد آهي دل ۾ نه ڪندا۔
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

ادا اسلام عليڪم
ادا سليمان وساڻ سميت سڀني دوستن کي مبارڪون هجن جن پنهنجي ڏينهن رات محنت ڪري سنڌ سلامت ڪئلنڊر ڇپرايو
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين کي کوڙ ساريون مُبارڪون خاص ڪري ادا عبدالرشيد سمون صاحب، ادا نثاراحمد ابڙو ، ادا محمد سليمان وساڻ صاحب ۽ هن ڪيلينڊر 2012 جي تخليق ڪار محترم ابو واصف کي اسان جا خلوص سان ڀريل پيار قبول پون جو هر سال جيان هن سال به اهڙو خوبصورت ساليانو تحفو هارڊ ڪاپي جي صورت ۾ ساري دنيا جي دوستن سان ونڊيو آهي، فور ڪلر ڪيلينڊر تي محنت سان گڏو گڏ مالي اخراجات اچڻ فطري امر آهي، خير 15 روپيه في ڪيلينڊر جو ڪٿ تمام واجبي ۽ ڀرڻ جهڙو آهي، مان ريٽائرڊ گورنمنٽ ملازم آهيان ان هوندي به سنڌ سلامت جي هن پيار کي ورهائڻ لا دل جي گهرائين سان 200 ڪيلينڊر جي گُذارش ڪريان ٿو۔سنڌ سلامت جي ساٿين کي ڀلي ريت خبر هوندي ته سنڌ سلامت جا ڪيلينڊر سياسي، سماجي، ادبي، شوبز ۽ سول سوسائٽي جي دوستن کي قربن جي صورت ۾ ورهائڻ لا مونکي حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان ، ٺٽو ۽ بدين جو سفر به ڪرڻو پوندو آهي، گُذريل سال وارا چند ڪيلينڊر مون بلوچستان جي شهر ڪوئٽه ۾ به دوستن کي تحفي جي صورت ۾ ذاتي صورت ۾ پاڻ ورهايا هُئا۔ ڪافي ساريون سنڌي اردو سائٽون آهن پر اسان جي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام کي اهو اعزاز حاصل آهي اسان پنهنجي سنڌ سلامت کي سهڻو بنائڻ لا هارڊ ڪاپي جي صورت ۾ ڪيلينڊر به دوستن کي تحفي جي صورت ۾ ارپيندا آهيون۔ منهنجي خيال ۾ اها منفرد ڳالهه صرف سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي حصي ۾ آهي، جٿي سائين نثارابڙو ، ادا سليمان وساڻ ، ادا عبدالرشيد سمون ، ادا فقير ڦلپوٽو، ادا علي ظفر، ادا عامر ضيا چوهاڻ، ادا محمد عرس پريو، سائين عبدالرحيم ڏاهري، ادا اسد حسيني مست، دوست غلام مصطفى ميمڻ ۽ پياري دوست ابو واصف جهڙا اڻ موٽ ۽ جاکوڙي دوست هوندا اتي لازمي لازمي نيون محبتون، ڀرپور پيار، نيون ۽ نڪور ڪاوشون ضرور سرجنديون، هنن سنڌي جوڌن پُٽن کي لکين شاباسون آهن جو پنهنجي هڙان وڙان ڏينهن رات جدوجهد ڪري سنڌي ادب ، سنڌي ثقافت، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي حقن جي حفاظت سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ڪري رهيا آهن، منهنجون کين دلي دعائون آهن ته شال سدائين هي سنڌ جا سوڍا پُٽ سلامت هُجن ۽ سنڌ لاءِ سندن پيار سدائين وسندا رهن۔ سنڌ جي سينڌ سدائين سائي ٿيندي رهي۔ آمين ثم آمين۔
سنڌ سلامت
ساٿ سلامت​
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

سا! مهرباني ڪري منهنجي لا ٽيهه ڪيلنڊر بوڪ ڪندا۔
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

ڪيلينڊر جي ڊزائن چڱي آهي پر سائيز ننڍي اٿس۔

ڀت ۾ منهن لڳائي تاريخون پڙهڻيون ٿيون پون، ايڏي به ڪنجوسي نه ڪيو۔ سليمان جو ڪمرو ڀريو پيو آهي۔ لڳي ٿو ڪوبه ڪيلينڊر خريدار ڪونهي۔ سنڌ سلامت وارن کي ته ڪيلينڊر کي عام ڪرڻ کپي۔

ڪيلينڊر ۾ ڏنل آيت تمام سٺي ڏنل آهي۔
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

ڀت ۾ منهن لڳائي تاريخون پڙهڻيون ٿيون پون، ايڏي به ڪنجوسي نه ڪيو۔ سليمان جو ڪمرو ڀريو پيو آهي۔ لڳي ٿو ڪوبه ڪيلينڊر خريدار ڪونهي۔ سنڌ سلامت وارن کي ته ڪيلينڊر کي عام ڪرڻ کپي۔

ڳالهه م ٿورو وزن آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پري کان لڪ سٺو آهي پر تاريّخ کي ڏسڻ لاء واقعي چشمو لڳائڻو ٿو پوي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

بحرحال دوستن جي محنت تي ڪو به شڪ ڪون آهي، ڪڏهن ڪڏهن پرنٽ کان پوء اهڙا مسئلا ظاهر ٿيندا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔ ان ڪري هن وقت خاميو نه ڳڻڻ گهرجن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بهترين ڪئلينڊر آهي

منهنجي دوستن کي گهڻو پسند آيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سڀ دوست جس لهڻن جيڪي سنڌ سلامت جي پروجيڪٽن کي گڏوگڏ کڻي هلن ٿا
 
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جي تياري جي تڪميل۔۔۔

ڪيلينڊر جي ڊزائن چڱي آهي پر سائيز ننڍي اٿس۔

ڀت ۾ منهن لڳائي تاريخون پڙهڻيون ٿيون پون، ايڏي به ڪنجوسي نه ڪيو۔ سليمان جو ڪمرو ڀريو پيو آهي۔ لڳي ٿو ڪوبه ڪيلينڊر خريدار ڪونهي۔ سنڌ سلامت وارن کي ته ڪيلينڊر کي عام ڪرڻ کپي۔

ڪيلينڊر ۾ ڏنل آيت تمام سٺي ڏنل آهي۔

سائيز جي باري ۾ سائين نثار ناز جن صلاح ڏني هئي ته سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 جي سائيز گهڻي هئي ۔۔۔ جنهن کي سنڀالڻ ڏکيو هيو۔۔ ان ڪري سائيز کي معمولي ننڍو ڪيو ويو۔۔ شايد اهو ئي سبب آهي جو تاريخون ننڍيون نظر اچن پيون۔۔
اصل ۾ پروجيڪٽ انچارج سليمان وساڻ جي والد صاحب جي اچانڪ وفات ۽ منهنجي طبيعت جي ناسازي ڪري سمورو ڪم ادا جاويد قاضي جن کي ڪرڻو پيو۔۔ ان ڪري ڪجهه اڻوڻايون نوٽ ڪيون ويون آهن۔۔۔

جيتري قدر ڪيلينڊر جي تعداد گهڻي هجڻ جو تعلق آهي ته ڪافي ڪيلينڊر مختلف ڌرين کي پهتا ڪرڻا آهن ۔۔ ۽ سوچيو پيو وڃي ته ڪهڙي طريقي سان موڪلجي۔۔ باقي خريدرڻ لاءِ کوڙ سنڌي موجود آهن جيڪي باربار ڪالز پڻ ڪري رهيا آهن اهو ئي سبب آهي جو هن دفعي 500 اضافي ڪاپيو پرنٽ ڪرائڻيون پيون۔۔

ڪيلينڊر تي ويچار ونڊڻ جا لک لائق۔۔
 
Back
Top