شيراز احمد نظاماڻي
سينيئر رڪن
مصور جي ٺهيل تصوير ۽ ڪيمرا وسيلي ڪمپيوٽرائز ٺهيل تصوير ۾ تمام گھڻو فرق هوندو آهي .جيڪڏهن ڪير ان فرق کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري . ڪيمرا ته صرف سمنڊ جي ظاهري خاموشي کي قيد ڪري ان جي ظاهري عڪس کي نروار ڪندي آهي . جنهن مان اُها ثابطي ملندي آهي ته ڌرتي جو ڪو وڏو حصو آهي جنهن تي پاڻي جا وهڪرا ۽ وڏيون لهرون آهن جيڪي آڪاش سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن . پر جڏهن ڪو مصور انسان پنهنجي اکين جي لينس سان فطرت جي رنگن کي فوڪس ڪندو آهي ته ان کي انهن رنگن آبشارن جي گهرائي ۽ ان جي چُر پُر ۽ ڪيفيت نظر ايندي آهي جنهن جي ڪلپنا ڪيمرا به نٿو ڪري سگھي . مصور جي ٺهيل تصوير ۾ قدرتي رنگن سان گڏو گڏ انساني احساس به ڪنهن خاموش سمنڊ ۾ امڪاني لهر جيان هوندا آهن .۽ نه چاهيندي به انسان مصور جي تخليق ۾ ايترو ته محو ٿي ويندو آهي جو جيستائين ان تخليق ۾ پنهنجي احساسن کي ڀيٽا نه ڏيئي وٺي تيستائين کيس سڪون ئي نه ملندو آهي . ۽ ان ڪري ئي اُهي سدا بهار تخليقون عجائب گھرن ۾ ڏسندڙن جا نيڻ چمنديون رهنديون آهن . حيدرآباد ۾ ڪنهن ڪم سان آيل هئس . فوٽو گرافر دوست کان فوٽو به کڻڻا هئا سو دوست وٽ پهتُس سمير کان پڇيم ته توهان ڪنهن به اُداس چهري کي مُرڪندڙ ندي جو روپ ڏيئي سگھو ٿا ،۽ ڪنهن به صحرا کي گلشن بڻائڻ ۾ ڪا به مشڪل نٿا محسوس ڪيو . پر ڇا اوهان وٽ ڪا اهڙي ڪيمرا به آهي جنهن سان انسان جي اندر ۾ ٿيندڙ حادثن جون تصويرون ڪڍي سگھجن ؟؟ هلڪي مُرڪ ۽ فاتحاڻي انداز ۾ سوال پڇيو هئم ..سمير جي چهري تي خاموشي جا پردا چڙهي ويا ۽ ذهن جا شيشا ٽُٽي سندس سيني ۾ اٽڪڻ لڳا هئا ساڄو هٿ نراڙ تي رکي چيائين يار هي ڪهڙو سوال ڪيو اٿئي ؟ مون سمير جي ڳلهه تي هلڪي ٿپڙ هڻندي چيو . اسان اهو ناهي سمجھيو ته جيڪي انسان روز اسانجي سامهون اچن وڃن پيا ۽ جيڪي خوشين ۾ ٽڙندا ، ٻهڪندا جھمريون هڻندا پنهنجي تن تي جيڪا خوشين جي لباس پهريو نظر اچن ٿا .اهي اندر جي انهن اُڌمن،صدمن، ۽ حادثن تي پردا ڏيو پيا هلن جنهن کي تنهنجي ڪيمرا جا لينس فوڪس نه ڪري سگھيا آهن .....منهجا لفظ سمير جي ذهن جي زمين تي ڪنهن ڪڪر جيان وسي رهيا هئا ۽ نه چاهيندي به سمير ان ڪڪر سان گڏ هلڻ لڳو هو ...گهري سوچ مان اُٿندي دڪان جو در معمولي اشاري سان بند ڪري ڇڏيو هئس .شيشي جا ٻاهريان منظر شهر جي مصروف زندگي جي نمائندگي ڪري رهيا هئا .۽ سمير ان ماحول کي محسوس ڪيو جنهن جو تصور هن منهنجي ڳالهه ٻڌڻ محل محسوس ڪيو هو .. مون پنهنجي ڳالهه کي وڌائيندي چيومانس ته بي شڪ تو وٽ اهڙي ڪيمرا ناهي .پر جڏهن به ڪنهن مُرجھايل چهري جي سچائي کي پرکين ته پل لئي ايترو ضرور سوچجان ته زندگي جي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ صرف ڪيمرا جا محدود لينس ڪافي ناهن . چيومانس ته مون وٽ اهڙي ڪيمرا آهي جنهن جي استمعال کان تون اڻ واقف آهين . سواليه نظرن سان ڏسندي سمير کان موڪلايم .چيو هئس ته جلد اچجان .دڪان جو در کوليم ته شيشي کان ٻاهر زندگي ۽ ماڻهن جو گوڙ ۽ مختلف آواز ڪنهن اڻڄاتل حادثي جو سائرن وڄائي رهيا هئا .هلندو ويو هئس ڪنهن اجنبي مسافر جيان ۽ سمير سان ڳالهين ۾ فوٽو کڻڻ به وسري ويا هئا .سوچيم پئي ته اڄ ٽرين ۾ وڃان .. شهر جا رستا لتاڙيندي مون انهن آوازن کي به چيڀاٽي ڇڏيو جيڪي منهنجي ڪنن جي دروازن جا تاڪ ٽوڙي رهيا هئا .اسٽيشن تي ٽڪيٽ وٺڻ محل ذهن ۾ اهو سوال تريو جيڪو سمير کي چئي آيو هئس ته مون وٽ اها ڪيمرا آهي جنهن جي استعمال کان تون اڻواقف آهين . پل لئي اهو سوال ذهن جي بيابان ۾ واڪا ڪرڻ لڳو هو .۽ سوچيم پئي ته ڪهڙي ڪيمرا آهي مون ڏي ؟ اڃان انهن سوچين ۾ هئس ته اچانڪ ڪراچي مان ايندڙ ملت ايڪسپريس پنهنجي مُنفرد هارون سان اسٽيشن تي پهتي . جيڪا ڪُجھ ئي منٽن ۾ فيصل آباد ويندڙ مسافرن جا وجود اک ڇنڀ ۾ ڳڙڪائي رواني ٿي وئي . هي اهائي ٽرين هئي جنهن ۾ آئون فيصل آباد ويو هئس سڄي رات جاڳ جي زلزلي ۾ گذري هئي . ٽرين ۾ اهو منهنجو پهريون سفر هو ۽ اڄ ٻيو . مون کي ٽرين به هن دنيا جيان لڳندي آهي ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي ته اسين سڀ سفر ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ ڪنهن اسٽيشن تي اسان هڪٻئي کان جُدا ٿي ويندا سين ...............
اچانڪ ميرپور لاءِ ايندڙ ٽرين جو احساس ٿيو .۽ نيڻ کڻي ڏٺم تان رستن جا روح قبض ڪندڙ ڪو ڊگھو فرشتو اچي رهيو آهي . جيڪو ڪنهن پل منهنجي وجود کي وڪوڙي سگھي ٿو .. مون وٽ ايترو سامان ته نه هو پر ڪُلي چوءَ طرف ائين گھمي رهيا هئا .ڄڻ ڪنهن جھنگ ۾ شينهن جي ڪافلي کي هرڻ نظر آيو هجي . مون وٽ هلڪو عام ٿيلهو هو جنهن ۾ ڪجھ ڪتاب ۽ اها ڊائري هئي جيڪا گھُٽ ۾ مونکي آڪسيجن جيان لڳندي آهي .....۽ منهجو قلم اُها ڪيمرا آهي جنهن کي سمير استعمال نه پئي ڪري سگھيو .يقينن قلم اها ڪيمرا آهي جنهن سان اندر جي حادثن جا فوٽو ڪڍي سگھجن ٿا . ۽ غم ۽ خوشي جي ان دنيا جو نظارو ڪري سگھجي ٿو جيڪو ڪنهن جديد ڪيمرا سان نٿو ٿي سگھي ............. آئون ٽرين ۾ ويٺل اجنبي مسافرن جا چهرا پڙهي رهيو هئس جيڪي منزل جي تلاش ۾ ريل جي دري مان گذرندڙ منظرن کي الوداع چئي رهيا هئا .تنهن پل زندگي جي محدود ڪائنات جو احساس ٿيو جتي اسان ڪجھ لمحن لاءِ پنهنجي سوچ جا گھوڙا ڊوڙائيندا آهيون جيڪي ريل جي رفتار ساڻ مسافر جي مختصر سفر کي کُٽائڻ لاءِ ٽرين جي اڳيان اڳيان ڊوڙندا رهندا آهن .....ڪنهن ريل جي روح ڏاريندڙ ڪراس اچانڪ ڪنهن پل مسافرن جي پيرن هيٺان ڄڻ زمين ڪڍي ڇڏي . آئون به ان آواز جي زلزلي ۾ لڏي ويو هئس . وقت جو احساس ان گھڙيال ڏياريو جيڪو ڪنهن واپاري جي ساڄي ٻانهن تي واچ جي صورت ۾ پاتل هو . کن لئي کل کي وات ۾ ويڙهي ڇڏيو هئم . شام جا چار ٿي چُڪا هئا ۽ سياري جون سرد هوائون ريل جي رفتار جيان آهستي آهستي جسم ۾ قلعا کوڙي رهيون هيون .ڪافي سفر گذري چڪو هو چاهيو هئم ته ڊائري ۾ ڪجھ لکان پر ريل جي لوڏن ۽ مسافرن جي مختلف آوازن ڪچهرين ، خيالن جي ساحل تي سونامي برپا ڪري ڇڏي ۽ ڪنهن به لفظ کي ترڻ نه ڏنو . ۽ رهجي ويل خيال بٺي ۾ سڙندڙان سر جيان لڳندا آهن جيڪا مزدور جي بي ڌياني سبب بٺي ۾ رهجي ويندي آهي . ۽ ڪوسٽر جو سفر ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن انسان کي تابوت ۾ بند ڪري ڪوڪا هڻي ڇڏيا هجن .... ريل پنهنجي الوداعي هارون سان مسافرن کي سفر جي ننڊ مان جاڳائي رهي هئي . ۽ مسافر پنهنجي ماڳ کي ڏسي ائين ٽڙي رهيا هئا . ڄڻ ڪو عاشق پنهنجي محبوب سان پهريون ڀيرو ملي رهيو هجي . سج آخري پساهن سان شام کي الوداع ڪري رات جي ڪاري چادر کي آڪاش تي اُڇلائي ڇڏيو هو ..مسافر ٽرين مان لهي امڪاني حادثي کان بچڻ لاءِ هٿ ۾ کنيل لائٽر جي نيري روشني کي قدمن دوران ايندڙ زمين جي ايندڙ انڌيري کي چيريندي گهرن ڏانهن وڃي رهيا هئا ... اهو منظر عجيب لڳو هئم ته انسان جي زندگي ڪنهن به پل اڻڄاتل حادثي ۾ وڃي سگھي ٿي . جنهن جو امڪاني تصور به انسان نٿو ڪري سگھي ........................
اسٽيشن مان ٻاهر نڪري شهر جي رستن ۽ جلاد جيان بيٺل عمارتن کي ڏٺم ته احساس ٿيو ته شهر کان ٻهراڙي جي زندگي ڪيتري نه پُر سڪون آهي . جتي انسان وڻن جي ڇانوءَ ۾ سڄي ڏينهن جي ٿڪ ڀنڃي سگھي ٿو .۽ سرسبز فصلن جي خوشبوءَ ساهه کي ڪيترو نه سڪون بخشيندي آهي .. مال جي وٿاڻ ۾ ماروئڙن کي مينهون ۽ ٻڪريون ڏُهڻ وارو منظر ڪيترو نه خوبصورت هوندو آهي .خاموشي واري ماحول ۾ رات جا سانت ڳوٺ جي ڪنهن وڻ هيٺان ويهي ڪجھ لکڻ ۾ ڪيترو نه مزو ايندو ....تصوراتي دنيا پئي گھميس ته اچانڪ ڪنهن آواز ڏني ..............
ادا او ادا هڪڙو منٽ بيهجو.....
ائين لڳو ڄڻ ڪنهن ستل ٻار جي ڀر۾ بندوق جو فائر ڪيو هجي..
جي ادا سائين حُڪم ....ٿڪل ۽ ڊٺل انداز سان وراڻيم....
ان شخص چيو ته معاف ڪجو اوهانکي تڪليف ڏنم اهو پُڇڻو هو ته غريب آباد وڃڻو آهي ڪهڙي رستي کان وڃان ڳوٺ جو رهواسي آهيان شهر کان اڻواقف آهيان پُٽ سان ملڻ لئي ڪهي آيو آهيان ،،،
ان شخص جي اکين ۾ مون پٽ سان ملندڙ محبت جو منظر پرکيو جنهن هيڏي سيءَ ۾ به سندس سڪ جي باهه کي ٺرڻ نه ڏنو .........پنهجائپ واري انداز۾ سمجھائي غريب آباد ڏانهن ويندڙ امير رستن ڏي کيس روانو ڪري ڇڏيومانس ....... ۽ آئون به ڪنهن دکيل سگريٽ جيان سيءَ ۾ دکي دکي گھر پهتس ۽ پنهنجي ڪمري ڏانهن وک وڌائيندي اندر جي اُداس منظرن کي سلام پيش ڪيم .هي اُهي شيون ۽ منظر آهن جيڪي منهنجي دل جي انڌهيري کي چيري اجالي جا ذريعا ٿيندا آهن ..۽ تنهن وقت آئون پنهنجي ان ڊائري جيڪا گھُٽ ۾ مونکي آڪسيجن جيان آهي .جيڪا جيڪڏهن مون کان ڪنهن به پل ڏور هلي وڃي ته آئون جيئڻ جو تصور به نه ڪريان . ان ڊائري ۾ منهنجي وجود سان جڙيل هر ياد ۽ منظر آهي ۽ اُهي اڻانگا سفر به اوتيل آهن جيڪي مون توکي ڳوليندي ڳوليندي ڪيا هئا .. اها ڊائري مون لاءِ سڀ ڪجهه آهي . اڃان انهن سوچين جا پير کڻي رهيو هئس ته اچانڪ اڻڄاتل زلزلو دل جي ڌرتي کي چيرڻ لڳو . ۽ ڏينهن جو سمير سان ٿيل ڪجھ منٽن واري مُلاقات ۽ اسٽيشن وارا منظر اکين جي اسڪرين تي بندوقون کڻي بيهه رهيا .. کن پل لئي اکيون بند ڪري پاڻ کي کٽ تي اُڇلائي ڇڏيم .۽ ڊگھو ۽ ٿڌو ساهه کڻي اٿيس . ٿيلهي ۾ موجود ڊائري واري حصي کي تڪي رهيو هئس . ۽ ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ ٿيلهي مان ڪو ڊگھو رسو نڪري مون ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ نه چاهيندي به مونکي ڊائري ڏانهن ڇڪيو وڃي . سُڌ هئم ته ساهه سڏي پيو . هڪڙو پير پٽ تي رکي ٽيبل تي پيل ٿيلهي مان ڊائري ڪڍي ورتم .. ڊائري کولي ورق ئي مس پسيم ته .امڙ جو آواز آيو ...........
پُٽ ماني کڻي اچان پاڻي پيتو اٿئي ؟؟
امڙ جو آواز ٻڌي احساس ٿيم ته ماءُ جي ممتا اها سڪون واري سرحد آهي جنهن ۾ اولاد ڪنهن به پل بيقراري جي بوج کان آزاد ٿي سگھي ٿو .
امڙ جو مُرڪندڙ چهرو اولاد لاءِ ڪنهن جنت جي منظر کان گھٽ ڪونهي .
اسان ڪيڏا نه خوش نصيب آهيون جو ماءُ جي ممتا ۽ پيءُ جي شفقت جي دائري ۾ زندگي جا پل گھاريون ٿا جتي ڏُک سک جي سيجھ بڻجيو وڃن ٿا .
ڪنهن به شيءَ يا وجود جو احساس تڏهن اندر جي انسان کي جاڳائي ٿو جڏهن اُهي هستيون وقت جي جنگ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ڪندي امر ٿي وينديون آهن ..
منهنجي به اکين ۾ تنهن پل لڙڪن جو سيلاب اٿيو هو جڏهن عوام جي امڙ ڪنهن سفاڪ گولي سان شهيد ٿي هئي .شهيد راڻي محترمه بينظير ڀُٽو اسان جي سنڌ جي امڙ هئي ........
خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويو هئس ۽ امڙ منهنجي ورندي جا ورق پڙهي رهي هئي ... امڙ ڏانهن وراڻيم ته ماني رکي ڇڏجو آئون پاڻهي کائي وٺندس .رات جا 9 ٿي چُڪا هئا رات جي راڪاس جون دانهون دري مان ڪمري ۾ اچي رهيون هيون .. مون دري بند ڪري ڪمپيوٽر آن ڪيو ۽ مڪيش جو فولڊر ميڊيا پليئر ۾ اڇلائي ڇڏيو . ۽ پاڻ کي به کٽ تي ....
نه ڄاڻ ڪنهن پل مڪيش جو آواز پڙاڏا بڻجي ويو ۽ ننڊ جو پکي اکين جي آسمان تي اُڏامڻ لڳو . ۽ سڀ منظر ۽ ڳالهيون تابوت ۾ پيل لاش بڻجي ويا .
۽ منهنجو روح خوابن جي دنيا ۾ گھمندو رهيو.....................
وفا شيراز نظاماڻي
اي ميلrjsheeraznizamani@hotmail.com