• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خِزان جي خُو شبو

تو کي ياد ڪرڻ لاءِ مون کي ذهن تي زور ڏيڻ جي ضرورت ناهي
مون دنيا جي هر منظر ۾ توکي محسوس ڪيوآ........
خزان ۽ بهار جي تصديق تون ئي ڪري سگهين ٿي
مان صحرا ۾ پنهنجي وجود کي وڃا ئي چُڪو آهيان........
بِرهه جي باهه کي ڪنهن سمنڊ جي تلاش نه هئي
نه ئي نيڻن ڪو دلڪش نظارو ٿي گهريو
بس تون خوش رهين انهي تمنا ۾
خوابن کي خودڪشي ڪرڻ کان نه روڪي سگهيس..........
مان اڪثر ماڻهن ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهيان
تون ناهين ته ڪير به ناهي
اڻپورين خواهشن جا روح پنهنجي چوءَ ڏس ڀٽڪندي ڏسان ٿو
منهنجا خواب به مون وانگر آهن......
دنيا جي حقيقت کي ڏسي مون خوابن کي ڦاهي ڏني.
زخمن جي جوڙ ڪٽ لاءِ ڪنهن ڪتاب جي ضرورت ناهي
تو کي هارائي مون سڀ سکي ورتو......
اُن کان پهرين جو خيال به خودڪشي ڪن.
مون ڪاغذ ۽ قلم کان ناراضگي ختم ڪري ڇڏي آ..
سرد موسم ۾ وکريل زرد پتن کي ڏسي
خزان جي خوشبو جو احساس ٿيو
مونکي ڪنهن بهار جو اوسيئڙو ناهي................
وفا شيراز نظاماڻي
 
جواب: خِزان جي خُو شبو

سٺو نظم ، سهڻا احساس، لاجواب خيال ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نثري نظم آهي پر جي ان کي ڊائري جا ورق سمجهون ته به صحيح آهي۔

خوبصورت لکڻي
 
جواب: خِزان جي خُو شبو

ادا شيراز احمد نظاماڻي اسلام عليڪم۔بهترين احساسن تي مشتمل نثري نظم توهان جي اندر جي خوبصورت ۽ نفيس انسان کي ظاهر ٿو ڪري۔۔عشق جي اها انتها هوندي آهي جڏهن محبوب هزارن جي مجموعه ۾ به اڪيلو نظر ايندو آهي۔۽ اک ان کان سوء ڪا ٻئي شي نه ڏسندي آهي۔مختصر ته هر شي ۾ محبوب نظر ايندو آهي۔۔ 
 
جواب: خِزان جي خُو شبو

اڻپورين خواهشن جا روح پنهنجي چوءَ ڏس ڀٽڪندي ڏسان ٿو

ادا معزرت سان اوهانجي شاعري الفاظن جي لحاظ کان يا احساسا جي لحاظ کان بهترين شاعر ي آهي آءُ ڪو شاعر ته ناهيا ليڪن احساس ته هر ڪو رکي ٿو اوهان مٿيون جملو جنهن ۾ روح کي ڀٽڪيل پنهنجي ارد گرد ڀٽڪندي ڏسو ٿا
ادا هڪ ته روح ڀٽڪندا ڻاهن روح امرِ ربي آهي اهو پاڪن اپڪ هوندو آهي ۔ انجو مخالف يعني نفس ئي ڀٽڪندو آهي ۔ بيشڪ ڀٽڪيل روح جو محاورو اسان جي ٻولي ۾ آهي پر هي غلط العام آهي معزرت جي اوهان کي اسان جي ڪا ڳالھ ٻُري لڳي هجي ته معاف ڪندا ۔
اسان کي سالڪن ائين ئي سمجهايو آهي ۔
وسلام
 
جواب: خِزان جي خُو شبو

تو کي هارائي مون سڀ سکي ورتو......
اُن کان پهرين جو خيال به خودڪشي ڪن.
مون ڪاغذ ۽ قلم کان ناراضگي ختم ڪري ڇڏي آ..

شيرين زبان شيراز صاحب، اوهان تمام سٺو ڪيو جو مٿيون ڪم ڪري ڇڏيو اٿوَ، نه ته اسان به اوهانکي اها ئي صلاح ڏيون ها ۔۔۔ لکڻ جو انداز سٺو آهي، خيالن جي اڏام به گهري ۽ اونهي آهي ۔۔۔ لفظن جو استعمال به مناسب آهي، پر هن ٽڪري کي احساسن جو بي ساخته اظهار ته چئي سگهجي ٿو، اندر جي وارتا جو بيان ته چئي سگهجي ٿو پر هن کي شاعري نٿو چئي سگهجي ۔۔۔ ها ڪنهن جاءِ تي نثري نظم جون ڪجهه جهلڪيون ضرور نظر اچن ٿيون،

محترم دوست نثر به سٺو لکندو آهي، سندس ڪجهه يادگيرين ۽ احساسن تي مبني ڊائريءَ جا ورق پڙهي اهو محسوس ٿيو ۔۔۔

آخر ۾ لطيف جو آسرو وٺندو اهو چئبو ته؛

ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ ۔۔۔

سهڻي دوست کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: خِزان جي خُو شبو

ادا مهرباني دوستن جي جن پنهنجا خيال ونڊيا ،
روح ڀٽڪندو ناهي پر دانهن پويان پڙاڏن جي سڏڪن کي جڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي ته احساس ٿيندو
ته روح پرواز ٿيڻ کانپو به فرياد پيو ڪري
 
Back
Top