• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻيو جنم

بي وفا ته زندگي آهي پوءِ انسان ۾ وفا ۽ بيوفا جي تلاش ڇو ؟؟
هڪ طرفي محبت ۾ ڪڏهن به ٻه وجود هڪ نه ٿيا.
پوءِ بي وجا پاڻ کي تڪليف ۾ رکڻ سان ڇا ٿو حاصل ٿيئي
اِهو سوال مون پاڻ کان به ڪيو هو!
پر توکانپوءِ هر چهرو ۽ منظر مون لاءِ بي معٰني ٿي ويو.
تون منهنجي محبت جي شدت کان اڻ واقف هئين
تنهنجا خُماريل نيڻ اڄ به اکين جي آڪاش تي چنڊ جيان چمڪن پيا.
مون آڪاش ۾ توکي ستارن ۾ هلندي ڏٺو آ...
آئون ڪئين چوان تو مونکي ياد ڪيو هوندو ؟؟
اُجڙيل محل کي ته پکي به ڇڏي ڏيندا آهن.
آئون بغير عنوان جي لکڻ شروع ڪندو آهيان
تون ذهن اَچيو غزل بڻجي وڃي.
مون هر لفظ ۾ تنهنجي يادن کي سهيڙيو.....
پر لڳي ٿو مون ڪُجھ لکيو ئي ناهي!
مون خوابن جي رنگين دُنيا کي ڏسي
حقيقت کي بي رنگ ڪري ڇڏيو......
هي حياتي ته تنهنجي تات ۾ گذري وئي
مون کي جيئڻ لاءِ ٻيو جنم وٺڻو پوندو ............
وفا شيراز نظاماڻي
 
جواب: ٻيو جنم

هي حياتي ته تنهنجي تات ۾ گذري وئي
مون کي جيئڻ لاءِ ٻيو جنم وٺڻو پوندو ............


تمام خوبصور ۽ گهرا خيال ۔۔۔۔۔۔۔۔ اوهان جي شاندار شيئرنگ آهي
 
جواب: ٻيو جنم

توهان جي شاعري تي مون کي عشقِ زليخا ياد آيو۔۔۔ هن پنهنجي زندگي جا 36 سال حضرت يوسف جي سڪ ۽ سوز ۾ گذاري ڇڏيا۔۔
۽ جڏهن سندن عشق جي پٽڙي تبديل ٿي عشقِ الاهي ڏانهن راغب ٿي ته رب پاڪ جي مهر سان سندن جواني واپس وري آئي۔۔
هائي هائي عشق کي ڇا چئجي جو کيس به خبر آهي ته زندگي هڪ دفعو ئي ملندي آهي ٻي ابدي زندگي ته بلڪل ۽ يڪسر مختلف آهي جنهن ۾ پڻ پهرين زندگي جو حساب چڪائڻو آهي۔۔۔ دعا آهي ته شاعري ۾ موجود شاعر جو عشق حقيقي ڏانهن تبديلي آڻي۔۔۔
 
جواب: ٻيو جنم

سائين جي بي جنم ۾ به ساڳيا سهڻا مليا ته ڇا ٿيندو ۽ ڪهڙي خبر هي اوهان جو ڪهڙو جنم آهي ۔ اسان کي ته قالوبلى وارو جنم ياد نه ٿو پيو پوي ته پهريان به ٿي سگهي ٿو ڪو اسان جنم وٺي چُڪا آهين ۔خير اهو ته عليحده موضوع آهي نظاماڻي صاحب۔
پر هڪ ڳالھ اها آهي ته زندگي بي وفا ناهي هوندي ۔ زندگي اسان سان لاتي آهي اسان زندگي سان دوستي ناهي لاتي ۔ جنهن اسان سان لاتي آهي تنهن سان اسان کي نباه ڪرڻو آهي نه ڪي ان کي اسان سان نباه ڪرڻو آهي ۔
اسان کي سالڪن ائين سمجهايو آهي ۔
باقي الفاظن جي حوالي سان اوهان جي بهترين شاعري اوهان جي الائي ڪنهن ٻي جي ۔
بحرحال خوبصور ت الفاظ خوبصورت انداز ۾ پوتل۔
وسلام
 
جواب: ٻيو جنم

مون هر لفظ ۾ تنهنجي يادن کي سهيڙيو.....
پر لڳي ٿو مون ڪُجھ لکيو ئي ناهي!

ادا شيراز احمد اسلام عليڪم۔توهان جي ذهن جي تخليقي صلاحيتن هڪ بهترين نثري نظم۔سٺن الفاظن تي مشتمل هن اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽيو آهي۔
 
جواب: ٻيو جنم

ادا توهان سڀني جي مهرباني جو شآعري کي ساراهيو ، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آ ته جڏهن خوشيون انسان ڏانهن مائل ٿين ٿيون تڏهن زندگي به بي وفائي جا بهانا ڪندي آ ۔
ادا شا عري پنهنجي ئي آهي ۔ انسان پئسا ته چوري ڪري سگهي ٿو پر خيال نه
جلد منهنجو ڪتاب ايندو سڪ جو سفر
مون شاعري جي شروعات 2002 کان شروع ڪئي پر پڙهائي سبب رسالن ۾ نه موڪلي سگهيم بس سنڌ سلامت ۾ مضُمون ، شاعري موڪليندو رهندس اميد آهي پسند ايندي مهرباني
 
Back
Top