غزل

منهنجو حال منهنجي نيڻن کان پُڇجو
دل جي اُڀريل زخمن کان پُڇجو
اوهانکي خبر ڇا جُدائي جي غم جي
اُداسي ۾ گھاريل لمحن کان پُڇجو
پرين لئي پيِرين پنڌ ڪيڏو هلياسين
سفر ۾ رُلايل قدمن کان پُڇجو
صحرا ۾ دل جا پئي ارمان ڀٽڪيا
رِڻ پٽ جي خالي رستن کان پُڇجو
رُنا رات جاڳي سڄو ڏينهن ساري
سڪايل دل جي سُڏڪن کان پُڇجو
وفا شيراز نظاماڻي
 
Back
Top