• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يادن جو ڪفن

يادن کي سهيڙڻ لاءِ وقت نٿو ملي
لفظن ۾ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪريان،،،
رهجي ويل منظر به ڪڏهن وسريا آهن؟؟؟
پهرين نظر ڏسڻ ته يقينن عجيب اتفاق هو
تو بي رُخي ڪري ٽانڊن کي ڦوڪو ڏئي ڇڏيو،،
ٻالڪپڻ کان جواني تائين جنهن درد کي محسوس ڪيم
ان کي وڌائڻ ۾ تنهنجو ڪردار اهم آ...
تو کي محسوس ڪرڻ فطرتي عمل آ
عادت هجي ها ته وساري ڇڏان ها...............
دل کي ڪوڙي تسلي ڏيڻ لاءِ به ڪنهن مضبوط دلاسي جي ضرورت هوندي آ
پر مان ڪيستائين حقيقت کان انڪار ڪندس؟
هر دور ۾ زندگي جي آزمائش مون لاءِ
مان ڪهڙي صدمي جو چهرو وساريان!!
مونکي ڪنهن انسان سان ڪا به شڪايت ناهي
پنهجن سان وابسته اُميدن تڙپايو........
مان پياسو رهيس هڪ بوند لاءِ
تو سمنڊ کي ڪئين ورهايو؟؟؟
آئون ڪئين مڃان تنهجون چاهتون مون لاءِ نه هيون؟؟؟؟؟؟
توکي محبت جو ساگر مليو ۽ مون پنهنجي اُڃ اوتي ڇڏي..........
يادن جو ڪفن ڏيئي مون پنهجي وجود کي دفنائي ڇڏيوآ
مونکي ڇانَو جي ضرورت ناهي
مان صحرا ۾ خوش آهيان......
وفا شيراز نظاماڻي
 
جواب: يادن جو ڪفن

مونکي ڇانَو جي ضرورت ناهي
مان صحرا ۾ خوش آهيان......


اوهان جون مٿيون لائنون پڙهي مونکي ڪنهن شاعر جون اهي سٽون ٿيون ياد اچن۔ جنهن ۾ هو چوي ٿو ته :

مان خزائن جو شاعر آهيان، بهار ايندي آهي ته روئي پوندو آهيان
 
Back
Top