شيراز احمد نظاماڻي
سينيئر رڪن
اکين ۾ اڄ ڀي آهن اوهانجي ياد جا منظر
دل ۾ اڄ ڀي آهن اوهانجي آس جا گھر
سهارا ساٿ نه ڪنهنجو لبن تي نانوءَ آ تنهنجو
روئن ٿا نيڻ ڀي هر هر ڏسي اڄ شام جا منظر
کلن ٿا يار خُوشين ۾ ڏُکن جا ڏيئي سي صدما
رهن ٿا جيءُ جي گھر ۾ گھمي ڏس گھاوءَ جا نگر
اکين ۾ اڄ ڀي آهن اوهانجي ياد جا منظر....
هئا غم ڏور جي ڏاڍا بڻيا هن بار سي دل جو
رچي ويا روح ۾ هر هنڌ هلي ڏس هانوءَ جا پڌر
وُٺا جي مُرڪ مينهن واڪا ويا سي واءُ ئي مٽجي
لکي ويا واٽ ويراني پڙهي ڏس پيار جا جبر
اکين ۾ اڄ ڀي آهن اوهانجي ياد جا منظر ....
هيا ڪي اقرار جا لمحا اکين جي ڇانوءَ ۽ اُلفت
ٽُٽي پيا سور سي سيني بڻجي پوءَ برداشت جا بحر
اڃا پئي تات ۾ ڀٽڪيا چري دل جا ڪيئي ارمان
رُلي ويا رات رستن ۾ پُڇي ڏس ساڻيهه کان سحر

“وفا ” هئي قُرب جي ڪٿا وٺي ويا وقت جا وارا
بچي ويا درد بس باقي پڙهي ڏس شيراز جا شعر.
اکين ۾ اڄ ڀي آهن اوهانجي ياد جا منظر ........
وفا شيراز نظاماڻي